|
Notes from Canada دروازا ڪنجوس جي مـُٺ وانگر بند ٿي رهيا آهن فياض سومرو ملڪ جي هلندڙ سياسي صورتحال ۽ گاڏڙ حڪومت جي باري ۾ رننگ ڪامينٽري ته هر ڪنهن جي پنهنجي آهي ۽ ان باري ۾ هر ڪنهن جو تجزيو نه ته مڪمل طور تي صحيح هوندو ۽ نه ئي مڪمل طور تي غلط. تنهنڪري ان چڪر ۾ پوڻ بدران پاڻ هن ڪالم جي اڳياڙي هن لطيفي سان ڪيون ٿا .”هڪ وزير باتدبير پنهنجي ڊرائيور کي چيو ته اڄ مان پاڻ ڪار هلائي آفيس ويندس. ڊرائيور وزير کي چيو ته سائين اجايو رستو ڀـُلائيندا. هيءَ ڪار آهي ڪا سنڌ سرڪار ناهي جو مولا جي آسري تي پنهنجو پاڻ ئي هلندي رهي. دوستو زندگي به عجيب شئي آهي. اها هر موڙ تي انسان لاءِ نئين کان نئون سوال ڇڏي اڳيان نڪري وڃي ٿي. انسان آهي جو انهن سوالن جي ڳولا ۾ مٿو اڇو ڪريو ڇڏي پر پوءِ به جواب نٿو مليس. جيڪڏهن ڪنهن سوال جو جواب مـِلي به وڃيس ٿو ته وري زندگي اهڙي ته استاد آهي جو سوال ئي مـَٽايو ڇڏي ٿي ۽ پوءِ نئين سوال ۽ نئين رنگ روپ سان ٺمڪو هڻي اڳيان نڪري وڃي ٿي ۽ انسان وائڙو ئي رهجي وڃي ٿو. ڇو جو رڳو هڪ نقطي جي هيٺ مٿي ٿي وڃڻ سان ”خدا“ مان ”جدا“ ٿي پوي ٿو. هونئن به ننڍيون ننڍيون رنجشون ٽانڊي ۾ آهوٽي وجهڻ وارو (آهوٽي(To add fuel ڪم ڪنديون آهن. جيڪي اڳتي هلي وڏن سانحن کي جنم ڏينديون آهن. نه ته ڀلا ڏسجي ته هن وقت تائين سائين آصف زرداري ۽ سائين امين فهيم جي وچم جيڪي اختلاف آهن، اهي هروڀرو ايڏا وڏا نظرياتي اختلاف ناهن جو اهي ٻئي صاحب هڪ ٻئي سان اختلافن سبب پارٽيءَ کي نقصان پهچائين يا انهن ٻنهي جي اختلافن سبب پارٽيءَ کي ڪو نقصان پهچي. باقي سائين امين فهيم تي صدر مشرف سان لاڳاپن جو الزام اجايو لڳي ٿو. ڇالاءِ جو جڏهن رحمان ملڪ ۽ سلمان تاثير جا صدر مشرف سان لاڳاپا آهن ۽ اهي اهم حڪومتي عهدن تي ويٺا آهن ۽ انهن تي ڪنهن کي به ڪو اعتراض ناهي ته پوءِ ان معاملي تي رڳو سائين امين فهيم جي خلاف ڀنڊي ٻارڻ مان، مٿي هوا- هيٺ پاڻي، مهاراڻي گهڻي سياڻيءَ واري ڳالهه لڳي ٿي. چون ٿا ته سياست جي سيني ۾ دل ڪو نه آهي. تنهنڪري انهن رنجشن جي باري ۾ اهو ئي چئي سگهجي ٿو ته مولا خير ڪري. چوڻ جو مقصد هي ته پهرين امان ۽ پوءِ بابا به گذاري ويو ۽ مان هن سفر ۾ اڪيلو ئي رهجي ويس. بابا مرحوم جو ڪنهن به فرقي سان ڪو تعلق نه هو. بابا مرحوم نه شيعو هو نه سني. اهو رڳو هڪ صوفي منش انسان هو. باقي ماءُ ته ماءُ ئي ٿيندي آهي. ننڍي هوندي مـُدي جو بخار ٿي پيو هو. هڪ ڏيهاڙي 102 يا الائي 104 جي تَپَ ۾ ورتو پيو هوس جو امان مون لاءِ دعا ڪئي هئي ته هن کي ڪڏهن به ڪوسو واءُ نه لڳي. اها ڪا اگهامڻ جي گهڙي هئي سو امان جي دعا به اگهامي ويئي. پوءِ مونکي پَرَ لڳا يا منهنجون ڦرڻيون ڦريون جو وڃي ڪئناڊا کان نڪتس. ڪئناڊا ۾ گرم هوا لڳڻ ته پري جي ڳالهه جيڪڏهن سياري ۾ ماڻهو غلطي مان به ٻه چار منٽ به ٻاهر بيهي ته پوءِ ڄميل برف جو معصوم شاهه جو منارو بڻجي وڃي ٿو. هينئر توڻي جو اتي اونهاري جي موسم آهي، پر پوءِ به پاڻ وانگر ايتري گرمي ناهي، جو ڀـُل مان جيڪڏهن هوا جو جهوڪو به لڳي ته به محسوس ائين ٿيندو آهي، ڄڻڪ گرم هوا جي ٿڦڙ لڳي هجي. ڪئناڊا جي گرمي اتان جي گورين وانگر ڪافي سلڇڻي آهي. نه ته اها اُتان جي غريب کان غريب مرد کي اهو احساس ڏياري ٿي ته اهو ڪو غريب آهي. ڇو جو جيڏانهن به نظر ڪر ته پوءِ واٽون ويهه ٿيون جي بجاءِ نظرون چار ٿي وڃن ٿيون. مٿان وري ٿوري کان ٿورو لباس پائڻ کي اهي پنهنجو پيدائشي حق سمجهن ٿيون ۽ سندن ان حق جي حفاظت لاءِ وري اتان جي حڪومت ۽ عدالت سڳوري به ساڻن گڏ آهي. منهنجو نانو مرحوم مخدوم رحمت الله ڀٽي، جنهن جو ذڪر سائين جي ايم سيد پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ به ڪيو آهي، سو چوندو هو ته جنهن دؤر ۾ ماڻهن کي حق حاصل ڪرڻ لاءِ جهاد ڪرڻو پوي، ان کي جبر جو دؤر چئبو آهي. جيڪڏهن حقن جي لاءِ رڳو دعا جو سهارو رهجي وڃي ته پوءِ ان دؤر کي ظلم جو دؤر چئبو آهي. اهڙو زمانو جنهن ۾ ڪجهه ماڻهن کي ته حق ئي نه ملن ۽ ڪجهه کي وري ٻين کان وڌيڪ ملن ته پوءِ ان کي افراتفريءَ جو زمانو چئبو آهي. ان کانسواءِ اهو به ته جتي هر ماڻهو ۽ هر جنس ساڳي ئي اگهه تي وڪامڻ لڳي ان زماني کي انڌير نگريءَ جو زمانو چئبو آهي. مختصر اهو ته منهنجي زال به ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍيون سمجهه ڀريون ڳالهيون ڪندي آهي. اڄ پئي چيائين ته شڪر ٿيو جو پاڻ ڪئناڊا ڏانهن نڪري وياسين نه ته هتي هن ملڪ جا دروازا ته هر ايندڙ ڏينهن ڪنجوس جي مـُٺ وانگر ماڻهن لاءِ بند ٿي رهيا آهن ۽ حالت وڃي اها ٿي آهي جو جيئڻ به جنجال ٿي پيو آهي. هن دوڪان جو اهو ئي حال رهيو ته نيٺ هي دوڪان گهڻا ڏينهن هلندو. indus_canada@yahoo.com |