Sharing Perspective

هي تيز تــُند بارشن جي وچ ۾ بارود جي موسم!

ظفر امام


هي مون سـُون جو تيز بارشون به شايد  ان غبار کي ختم نه ڪري سگهن جيڪو اسان مٿان ڪجهه عرصي اندر نازل ٿيڻو آهي.

پيپلز پارٽي آءِ ايس آءِ وارو نوٽيفڪيشن ڪڍي جنهن بحث کي جنم ڏنو آهي، ۽ ان بحث جي روشني ۾ جيڪو قلئي کلڻ وارو پروسيس شروع ٿيو آهي،  ُاهو هاڻي پيپلزپارٽي کان به رڪجي نه سگهندو. امريڪي جيڪو الزام بار بار مڙهي رهيا آهن، ۽ نيويارڪ ٽائمز  ۾ آءِ ايس آءِ بابت جن ڳالهين جو ذڪر نڪتو آهي، انهن کي پيپلزپارٽي واپس لپيٽڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي. پر ڇا هاڻي اهو ممڪن رهيو آهي؟

صرف ڀارتي ايمبسي تي حملي جي ئي ڳالهه ڪونهي. هاڻي صرف احمدآباد، بنگلور ۾ بم ڌماڪن جي ڳالهه ڪونهي، نه ئي هاڻي فاٽا ۽ سرحدي علائقن ۾ ڇڪتاڻ واري ڳالهه ڪا وڏي آهي. هاڻي ته هن سموري علائقي مٿان بربريت نازل ٿيڻ وڃي رهي آهي. هن سانوڻين ۾ ان جي لاءِ ماحول تيار ٿي رهيو آهي، ۽ هن سردين تائين گهڻو ڪجهه ٿي چڪو هوندو. هن ڀيري ابرِ ڪرم  هر طرف کان بوندن جي جڳهه تي بڙڇيون وسائيندو وڃي رهيو آهي.

يوسف رضا گيلاني واشنگٽن کان 15 ارب ڊالر ميڙي اچڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. بس هن جي دوري ۾ واحد ڪاميابي واري ڳالهه اها ئي آهي، نه ته دراصل هـُو گهڻو ڪجهه وڃائي آيو آهي. ”پاڪستان جي خودمختياري“ واري ڳالهه ته هاڻي گهڻي پراڻي ٿي چڪي. ان جي خودمختياري تي وڏا وڏا ڀاشڻ هر حڪومت ڏيندي رهي آهي. پر هن ڀيري هو تمام وڏو نقصان ڪري آيو آهي ، اهو ته محترمه بينظير ڀٽو کي انتهاپسند ويڙهاڪن پاران قتل ڪرڻ واري ڳالهه پنهنجو پاڻ مڃي آيو آهي. هن جو ايئن چوڻ ته محترمه انتهاپسند ويڙهاڪن جو نشانو بڻي، دارصل اهو سرحدي علائقن ۾ انتهاپسنداڻي دهشتگردي ڏانهن اشارو آهي ڇو ته ان ملاقات ۾ ڳالهيون ان قسم جي دهشتگردي تي ئي ٿي رهيون هيون.. اها ڳالهه مڃڻ ته انهن ئي عنصرن محترمه کي شهيد ڪيو آهي، هڪ وڏو ڌچڪو آهي. پوءِ ان جو مطلب ته بيت الله محسود واري ٿيوري درست آهي؟ جيڪڏهن ها ايئن آهي ته پوءِ يو اين او کان جاچ ڪرائڻ جو ڪهڙو جواز بچي وڃي ٿو. هيءَ حڪومت جنهن ڪنفيوزن جو شڪار آهي ُاهو هاڻي سياسي جرم بڻجندو پيو وڃي. جيڪڏهن اهو ڪجهه ق ليگ چوي، پرويز مشرف چوي ته سمجهه ۾ اچي ٿو، پر پيپلزپارٽي جو وزيراعظم چوي ته اها ڳالهه ناقابلِ برداشت آهي. ۽ اها دراصل اسٽيبلشمنٽ تي ڇپر ڇانوَ ڪرڻ واري ڳالهه آهي.

 واشنگٽن کان جيڪا امداد ملي آهي، ان جي موٽ ۾ کيس دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ”تعان“ ڪرڻ جي ڀرپور خاطري ڪرائي وئي آهي. ان جو مطلب اسان کي واشنگٽن کي 15 ارب ڊالرن جي امداد جي عيوض وڏي قيمت  چڪائي ڏيڻي پوندي. ۽ توهان  ڏٺو هوندو ته جنهن ڏينهن وزيراعظم صدر بش سان ملاقات ڪئي، ان ئي ڏينهن تي امريڪا جا ٿورا مڃيندي کيس مڃتا طور تي سوات ۾ آپريشن تيز ڪري تحفو ڏنو ويو.

هندستان تي الزام مڙهجي رهيا آهن. چون ٿا بلوچستان ۽ سرحد ۾ طالبان جي مدد هندستان ڪري رهيو آهي. هوڏانهن وري ڀارتي سفارتخاني تي حملي ۾ امريڪا آءِ ايس آءِ کي ملوث ڄاڻائي رهيو آهي. ان الزامن ۽ ڪائونٽر الزامن جي بارش ۾ سچ ڪٿي آهي؟ ٻئي ڌريون جيڪو ڪجهه چون ٿيون، ڪٿي اهي ٻئي ته درست ناهن؟

پر سچ ڪجهه به هجي. هن وقت مسئلو صرف سچ ڳولهي لهڻ ڪونهي. مملڪتِ خداداد ۽ هن ڏکڻ – سينٽرل ايشيا اندر جيڪو طاقتن جو ٽڪراءُ ٿيڻ وڃي رهيو آهي ۽ سانن جي لڙائي ۾ ٻوڙن پٽجڻ جو جيڪو امڪان آهي هر حالت ۾ ان کي ٽارڻو آهي. جيڪڏهن حالتون ڪشيده ٿين ٿيون ته پوءِ هيءُ  ملڪ پاڻي پت هوندو ۽ باقي عالمي طاقتون هونديون جيڪي پنهنجي پنهنجي لڙائي هن ميدان تي وڙهنديون. اَ بيٽل فيلڊ فار انٽرنيشنل پاورز.

 بظاهر ڏسڻ ۾ ته وڏي ماٺار آهي، پر سطح جي هيٺيان لائو ايترو ته گهڻو اٻري چڪو آهي جو ان کي ڦاٽڻ ۾ هاڻي ڪا گهڻي دير ناهي لڳڻي. چڪيءَ جا جيئن ٻه پـُڙ هوندا آهن، انهن جي وچ ۾ جيڪو هوندو آهي ُاهو ٻنهي پاسن کان پيسجي ويندو  آهي. هيڏانهن هندستان آهي ۽ هوڏانهن افغان سرحد وٽ نيٽو جون فوجون آهن. ٽين طاقت وري هتي طالبان آهن جيڪي سياسي پارٽين جي ماٺ ميٺ جي ڪري ان سموري موقعي جو فائدو وٺندا ۽ نيشنل هيرو يا وڏا مزاحمت ڪارَ سڏيا ويندا. خبر ناهي ته بلقانائيزيشن جي ٿيوري ڪيتري درست آهي، پر هاڻي لڳي رهيو آهي ته بلقانائيزيشن جون سڀ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. بلوچستان کي اتان جي سردارن ۽ اسٽيبلشمنٽ جي وچ ۾ بندربانٽ تي نه ٺهڻ جي ڪري جنهن حالت ۾ پهچايو ويو آهي، اتان ان جي رڪوري هاڻي انهن ٽڪساٽن سان ناهي ٿيڻي جيڪي ٻڌايا ويندا آهن. سنڌ کي به هڪ ويڳاڻپ ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي. قومي مسئلي کي ختم ڪرڻ بجاءِ ان کي اڃا به هٿراڌو طور تي وڌايو پيو وڃي. سموري رياستي ڪاروهنوار ۽ ڏي وٺ تان ڌيان هٽائڻ لاءِ هڪ وڏي خطرناڪ قسم جي Mass Alienation  (عوامي بيگانگي) پيدا ڪئي پئي وڃي، ته جيئن پٺيان کان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ماڻهن جي نظر ان تي پوي ئي نه. ٽڪي ٽڪي جي خسيس اشوز تي سمورو ڏينهن ميڊيا کي گرم رکيو پيو وڃي. سمورو ڏينهن ميڊيا ۽ عوام کي ڪجهه ٻين پاسن تي سرگرم رکيو پيو وڃي، ۽ پٺيان کان هن وقت تائين جا تاريخي فراڊ، رڪارڊ بدنظميون، عالمي سامراجي لٽ مار، معاشي استحصال ۽ قتل عام ٿي رهيو آهي جنهن جا روح روان آءِ ايم ايف، ورلڊ بئنڪ ۽ ملٽي نيشنلز آهن. هتان جي اشرافيه سان ملي ڪري هن ڌرتي ۽ اتان جي ماڻهن جو بلادڪار ڪيو پيو وڃي.

۽ ان سموري ماحول ۾ آءِ اَي اِي اَي هندستان سان امريڪا جي نيوڪليئر ڊيل جي منظوري به ڏئي ڇڏي آهي. ڊيل جي باقاعده لاڳو ٿيڻ کانپوءِ هندستان هن خطي جو صوبيدار هوندو ۽ سڀني کي سيکت ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو. ان ۾ سڀ کان پهريون پاڪستان سان ان جا تعلقات ڪشيده ٿيڻ جا امڪان آهن.

ان سموري ماحول ۾ ايئن  پيو لڳي ڄڻ سڀ ڪجهه هڪ Absurd طرف وڌي رهيو آهي.  سڀ نه سمجهه ۾ ايندڙ گوڙ شور،  ذهن کي مفلوج ڪندڙ بيوقوفين، غدارين ۽ هٺ ڌرمين ۾ تبديل ٿيندو پيو وڃي. اسان هڪ وڏي خطري طرف ڌڪيا پيا وڃون جنهن جو شايد اڃا تائين احساس ڪونهي. مسٽر بش رهي يا نه رهي، پر امريڪي اسٽيبلشمنٽ هاڻي هن علائقي جي سياست، رياست، تهذيب، ثقافت، علم ۽ دانش سان تمام گهڻي هٿ چراند ڪري چڪي آهي. ضياء دور جا اولڙا اڃا تائين اسان تي پئجي رهيا آهن، سوچيو ”دهشتگردي خلاف جنگ“ واري اينڊوينچر جا اثر ايندڙ ڪيتري وقت تائين انساني دنيا مٿان پوندا رهندا؟

اسان جي مسئلن جو حل انتهاپسندن جي خونخواريت ۾ ڪونهي، ُاهي غلاميءِ جي دور جي نظام کي جديد دنيا مٿان مڙهڻ چاهين ٿا، اسان جي مسئلن جو امريڪين وٽ ڪوئي حل ڪونهي، ُاهي سرمائي جي حڪمراني قائم ڪرڻ لاءِ سامراجي هٿڪنڊا استعمال ڪندي سموري دنيا تي هڪ اهڙي روشن خيالي مڙهي رهيا آهن جيڪا اونده کان به وڌيڪ انڌي آهي. اسان جي مسئلن جو حل جمهوريت ۾ به ڪونهي، ڇو ته پارلياماني جمهوريت جو معراج سرمائيداراڻي معيشت جي معراج سان لاڳاپيل آهي جيڪا معيشت هاڻي سموري دنيا کي ترقي ڏيڻ بجاءِ تنزلي ڏئي رهي آهي. اسان جي انهن زخمن جو حل سول سوسائٽي وٽ به ڪونهي جيڪا مغربي آئين پسنديءَ جي مفروضي کي بنا ڪنهن مادي وسيلن ۽ معاشي حقيقتن ڏسڻ جي اسان مٿان مڙهڻ چاهي ٿي. بس اسان جي مسئلن جو حل آهي هڪ حقيقي جمهوريت ۾ جيڪا 5 سيڪڙو اشرافيه، جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي جمهوريت ناهي، پر 95 سيڪڙو پورهيت ۽ ڪم ڪار ڪندڙ عوام جي جمهوريت آهي. ان ئي اڪثريت جي جمهوريت کي 5 سيڪڙو اشرافيه طبقي جي مٿان مڙهڻو آهي. هي سڀ بندربانٽ تي وڙهي رهيا آهن، انهن کان سندن طاقت، معيشت ۽ اقتصادي عمل، ڪاروبار جو ڪاروهنوار ۽ رياستي طاقت کسي حقيقي معنى ۾ عوام جي حوالي ڪرڻ کي ئي هڪ سوشلسٽ انقلاب چئبو آهي، جنهن جي معيشت منصوبه سازي تي مبني هوندي آهي، جنهن ۾ بيروزگاري جرم هوندي آهي ۽ جنهن ۾ سامراجين سان مصلحت موت هوندي آهي.

zafarimam301@hotmail.com