فاسٽ فوڊ بيمارين کي دعوت

 حڪيم نذير احمد شيخ


وڏن شهرن جا اُهي ماڻهو جيڪي انتهائي مصروف زندگي گذارين ٿا. وقت جي گهٽتائي سبب في الحال پيٽ ڀرڻ لاءِ فوري تيار فاسٽ فوڊ کائي وقت بچائي پنهنجي ڪم ڪار ۽ ڊيوٽي کي اهميت ڏين ٿا. روز جو اهو معمول بنائڻ جي نتيجي ۾ معدي ۽ پيٽ جي بيمارين کي پنهنجي کيسي مان پئسا خرچ ڪري بيماري خريد ڪرڻ جي رسڪ کڻن ٿا. منهنجي نظر ۾ فاسٽ فوڊ کي صحت لاءِ slow خودڪشي چئي سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته ڪڪڙ جنهن کي نئين نسل مرغي نالو ڏنو آهي، اُن جي مٿان جيڪو تهه يعني ليئر ڏنو وڃي ٿو، اُن کي ذائقي دار بنائڻ لاءِ جيڪو تيل ۽ ڪيميڪل ۾ تيار ڪجي ٿو اهو معدي ۾ گهڻي دير رهڻ جي نتيجي ۾ دير سان هضم ٿئي ٿو ۽ پيٽ ۽ معدي ۾ جلن گيس السر جي بيماري جو سبب بڻجي ٿو. هڪ ميڊيڪل سروي مطابق پاڪستان جي وڏن شهرن ۾ جيڪي ماڻهو گهڻي مصروف زندگي گذارين ٿا ۽ هوٽلن جو کاڌو زياده کائين ٿا، هر چوٿون ماڻهو السر ۽ قبض جي بيماري ۾ مبتلا آهي. پڙهندڙن جي معلومات ۾ اضافي لاءِ فاسٽ فوڊ يعني برگر، پيزا، ڪي ايف سي، ميڪڊونلڊ وغيره ڪيئن ۽ ڪڏهن شروع ٿيا، اُن متعلق معلومات لکان ٿو.

فاسٽ فوڊ جي تاريخ تمام پراڻي آهي. ان جي شروعات 18هين صدي ۾ آمريڪا مان ٿي. شروع ۾ صرف گاڏين تي سستا برگر سئنيمائن جي اسٽالن تي ملندا هئا. اُن بعد وائٽ ڪئسل نالي سان پهرئين فوڊ چين وجود ۾ آئي جنهن ترقي ڪري الڳ ننڍيون هوٽلون قائم ڪري برگر ۽ اُن مان ٻين شين ٺاهڻ جو رواج اختيار ڪيو. 1948ع ۾ ميڪڊونلڊ الڳ فوڊ ريسٽورنٽ جو رواج وڌو ۽ ترقي ڪندو دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پنهنجون شاخون کوليندو ويو. برگر ۾ مختلف قسم جي گرم کاڌن کي مڪس ڪري چٽپٽو تيار ڪري اُن سان گڏ ڪابه ڪاري بوتل پيئڻ لاءِ پيش ڪئي ويندي آهي، جيڪا انسان جي جسم ۾ بيماري پيدا ڪرڻ جو پڻ اهم سبب آهي.

پيزا جو پهرئين رواج جرمني کان شروع ٿيو، جيڪو هاڻي پاڪستان ۾ پنهنجي عروج تي آهي. فاسٽ فوڊ کائيندڙ فيمليون اڪثر دولتمند ۽ نوجوان طبقو هوندو آهي، جيڪو اهڙي قسم جي مهانگين هوٽلن ۽ ريسٽورنٽ تي برگر يا پيزا کائي فخر محسوس ڪندا آهن. حالانڪه طبي ماهرن هر قسم جي فاسٽ فوڊ کائڻ کي صحت لاءِ نقصانڪار قرار ڏنو آهي. جيڪا لذت مزو پنهجي گهر جي روايتي کاڌي ٻوڙ ماني کائڻ ۾ آهي اُن جو ڪو نعم البدل هرگز نه آهي. غذائي طاقت تواني به حاصل ٿئي ٿي ته صحت به برقرار بحال رهي ٿي. هر فاسٽ فوڊ ۾ ڪيليريز ضرورت کان زياده هونديون آهن ۽ اهي سڀ شيون دير هضم ۽ گيس، جلن، قبض پيدا ڪندڙ آهن. انهن جي کائڻ سان صرف وقتي پيٽ جهلو ٿئي ٿو، باقي ڍؤ نٿو ٿئي. مغرب کان فاسٽ فوڊ ڪلچر (رواج) تيزي سان اوڀر طرف پنهنجا پير ڄمايا آهن. امير ۽ دولتمند صاحبِ حيثيت جي گهرن ۾ اڪثر ڪري رات جو کاڌو ٻاهر هوٽلن ۽ نالي وارين ريسٽورنٽ ۾ کائڻ جو معمول بڻجي چڪو آهي. هڪ ڪاروباري چال هلي رات جو ٻارنهن بجي کان پوءِ ساڳئي کاڌي جو اڌ اگهه ورتو وڃي ٿو ته جيئن وچولي طبقي جو شوقين به پنهنجو برگر ۽ پيزا سان گڏ ڪولڊ ڊرنگ خاص طور تي ڪاري رنگ جي پيئڻ عام رواج بلڪه فيشن آهي. ماڻهو هاضمي جي خيال ۽ وات جي مزي خاطر پيئن ٿا. ليڪن طبي ماهرن هر ڪولڊ ڊرنگ خاص طور تي ڪاري رنگ جي بوتل پيئڻ کي مٺو زهر قرار ڏنو آهي، جيڪو اڪثر نوجوان طبقو شوق سان پيئي ٿو.

ظاهر آهي رات جو دير سان ڳرو کاڌو کائي بغير هلچل جي يڪدم سمهي پوڻ سان ڪانه ڪا بيماري ته ضرور ٿيندي. معاشري ۾ طرز زندگي تيزي سان تبديل ٿيندي پئي وڃي. ماضي جا مهمان نوازي وارا طريقا رواج رسمون اڪثر ڪري شهرن مان جيڪڏهن ختم نه ته به گهٽ ضرور ٿينديون ٿيون وڃن. طبي ماهرن جي سروي مطابق 12 سالن کان 20 سالن جي نوجوان نياڻين ۽ ڇوڪرن ۾ فاسٽ فوڊ کائڻ جو رجحان تيزي سان روز بروز ترقي ڪندو وڃي. جنهن جي نتيجي ۾ ننڍي عمر ۾ ٿولهه (موٽاپي) وزن وڌڻ جو تعداد تيزي سان وڌندو وڃي. اهڙي قسم جي نوجوان طبقي ۾ جسم تي چرٻي جو تهه چڙهيل هوندو آهي. جسم ۾ ڪا طاقت نه هوندي آهي. بلڪه ڦيڦو هوندو آهي. ميڊيا جو جادو پنهنجي عروج تي آهي. اشتهارن ۾ اهڙا لفظ جملا ۽ سبب ڏيکاريا وڃن ٿا جو فاسٽ فوڊ جا کاڌا ۽ ڪولڊ ڊرنڪ ڏسي اُن جي کائڻ لاءِ طبيعت مائل ٿئي ٿي. پيزا متعلق هڪ لطيفو لکان ٿو. هڪ همراهه جيڪو واجبي پڙهيل هو پنهنجي ڪنهن ويجهي مائٽ جي صلاح هڻڻ تي جيڪو ڪراچي ۾ رهندڙ آهي، گهمڻ لاءِ ويو. هڪ ٻه ڏينهن ته گهر جي ماني کارايائينس. هڪ ڏينهن چيائين ته اڄ توکي ڪراچي جي مشهور هوٽل پيزا تي هلي ٿو ماني کارايان. همراهه چيو ته اهو نالو ته ٽي وي ۽ اخبارن ۾ ڏٺو، ٻڌو ۽ پڙهيو آهي. ڏاڍو خوشيءَ مان ذهن ۾ وڏو ڪو تصور رکي پيزا ريسٽورنٽ تي پهتو. هوٽل جو شو وغيره ڏسي متاثر ٿيو. محسوس ڪيائين ته اڄ وڏو ڍؤ ڪري کائبو. سندس مائٽ پيزا جو آرڊر ڏنو. ٿوري دير ۾ بيرو گرم گرم پيزا کڻي آيو. مائٽ چيس کائڻ شروع ڪر ته چيائين ته هي ته صرف ماني مٿان ٻوڙ هاريل آهي. هي ٻيو الڳ ٻوڙ ڪٿي آهي، جنهن سان کاوان. مائٽ چيس ته بس اهوئي پيزا آهي، جيڪو ٽماٽي جي چٽڻي سان کاءُ. همراهه وراڻيو ته مار وڏا سچ چئي ويا ته نالو وڏو شهر سڃو. منهنجي ذهن ۾ هو ته پيزا معنيٰ مزا ئي مزا. هي ته ڪڙي ڊبل روٽي کارائي اٿئي. همراهه ٻڌايو وڏين هوٽلن وارا بل به ڪتاب ۾ لڪايو اچيو ڏين ۽ پئسا به ڪتاب ۾ وجهيو ٿا وٺن. هزار جي نوٽ مان خبر نه آهي بيرو ڪيترو موٽائي ڪتاب ۾ لڪائي کڻي آيو. مائٽ وري پنجاهه رپيا بيري کي ڏنو. چيومانس ته اهي رپيا ڇا جا ڏنا اٿئي ته چيائين اها ٽرپ آهي. آئون ڪرسي تي ويٺو رهيس. مائٽ چيو ته هاڻ ٻاهر هلون. چيومانس ته انهن پنجاهه رپين جي ٽرپ جي به ته ڪا شيءِ کائڻ لاءِ کڻي ايندو. مائٽ ٽهڪ ڏئي چيو ته ٽرپ معنيٰ بيري جي خرچي. اها هن جي کيسي ۾ ويندي. همراهه چيو ته مار هوٽل مالڪ هنن کي پگهارڪونه ڏين، ائين هلائي ماڻهن جي خرچي وٺي هنن کان ونگار تي ڪم پيا وٺن. معنيٰ وڏن شهرن ۾ به ونگار جو رواج آهي.

بهرحال اڄڪلهه بلڊ پريشر، ٿولهه، دل جون بيماريون، گيس، السر ۽ قبض جي بيماري ۾ اهي ماڻهو مبتلا آهن، جيڪي کاڌي پيتي جي بدپرهيزي ۽ هوٽلن جو کاڌو کائين ٿا. هر شيءِ ۾ ملاوٽ ۽ کوٽ آهي. نفسياتي طور پاڻ اها قوم آهيون جيڪا هر چمڪندڙ شيءِ کي سون سمجهي ٿي. هي خدائي ڏمر جي نتيجي ۾ جيڪي مختلف قسمن جون آفتون، ٻوڏون، زلزلا، حادثا ۽ دردناڪ واقعات روزبروز ٿين پيا. ان هوندي به اندر جون اکيون بند آهن. معجزي جي انتظار ۾ آهيون جيڪو ان ڪري ممڪن نه آهي ته رب پاڪ تيستائين ڪنهن قوم جي حالت نٿو بدلائي جيستائين اُها خود نه ان جو فڪر ڪري. آخري ڳالهه هي آهي ته گهر جو ڀلي سادو کاڌو هجي جيڪو اُن ۾ مزو صفائي سٿرائي پاڪائي آهي، اهو ٻاهر جي ڪهڙي به اوچي اعليٰ کاڌي ۾ ممڪن نه آهي.

info@nazirherbals.com

 
 
ign="center" valign="top" width="569">