ٽارين تي گل ڪڏهن ٽڙندا؟

عمر قاضي


مان جڏهن به علڻ فقير جي آواز ۾ اياز جي اها وائي ٻڌندو آهيان، تڏهن مون کي لڳندو آهي ته ڄڻ اياز اها وائي لکي ئي انهيءَ لاءِ هئي ته ان کي علڻ فقير ڳائي! اها وائي جيڪا ملاقات جو هڪ عظيم نغمو ٿي گونجندي آهي. اها وائي جنهن ۾ وڇوڙي جي وڍ تي اميد جي مرهم مکي ٿي. اها وائي جنهن کي ٻڌي ماڻهوءَ جو اکيون ته ڀرجي اچن ٿيون پر اهي ڳوڙها دل تي بار ڪرڻ بدران هيانو کي هلڪو ڪن ٿا. اها وائي جيڪا مان هن وقت به ٻڌي رهيو آهيان ۽ علڻ فقير جي الستي آلاپن ۾ تري رهيو آهيان. اها وائي جنهن ۾ عشق جي خوشبو آهي. اها وائي جنهن ۾ درد جو عجيب ذائقو آهي. اها وائي جنهن ۾ دل جي پريان ايندڙ پڪار آهي. اها وائي جيڪا ماڻهوءَ جي اندر ۾ هڪ اهڙي سپني جو ديپ جلائي ٿي، جنهن جي ساڀيان جي سحر تمام گهڻي قريب هجي. اها وائي جيڪا اکيون بند ڪري ٻڌي وڃي ته اها انسان جي دل کي ڪنهن ساز وانگر وڄائي ٿي. اها وائي جنهن ۾ واڪو ته آهي پر اهو آواز، اها رڙ ، اها دانهن ۽ اها ڪوڪ ان خاموشيءَ کي خراب نه ٿي ڪري جيڪا انتظار جي اکين مان ليئا پائيندي آهي. اها وائي ماڻهوءَ جي روئيندڙ من کي ائين پرچائي ٿي، جيئن انگريز شاعر شيلي کي اولهه جي ٿڌي ۽ اذيت پهچائيندڙ هوا جڏهن تمام گهڻو مايوس ڪري ڇڏيو هو، تڏهن ان خيال هن جي من کي آٿت ڏني هئي ته:  If winter comes, can spring be far behind?

يعني: جيڪڏهن سيارو آهي ته پوءِ بسنت دور ته ناهي!

تيئن اياز جي اها وائي به انهيءَ بسنت جو گيت آهي، جنهن کي ڪا به سازش، جنهن کي ڪو به جبر ۽ ڏاڍ، جنهن کي ڪا به رڪاوٽ ۽ بندش روڪي نه ٿي سگهي. جيئن اياز ئي لکيو هو ته:

”سڏ کي ڪي هڏ ناهن

جي اهي ٽوڙي سگهين

روڪ جي روڪي سگهين!“

آوازن کي ڪو به روڪي نه ٿو سگهي. اياز جي اها وائي فطرت جو اهو آواز آهي، جنهن کي ڪا به مصلحت ۽ ڪا به مام نه ماٺ ڪرائي سگهي ٿي ۽ نه وري ان جي پيرن ۾ زنجير وهي سگهي ٿي. اها وائي جنهن جا املهه ٻول آهن ته:

”ٽڙي پوندا ٽارئين

جڏهن ڳاڙها گل

تڏهن ملنداسين“.

اهو ڪيئن ممڪن آهي ته اوهان اها وائي نه ٻڌي هجي. اوهان اها وائي ضرور ٻڌي هوندي، پر منهنجي التجا صرف ايتري آهي ته اها وائي اوهان هڪ ڀيرو ٻيهر ٻڌو ۽ دل جا سمورا دروازا ۽ اندر جون سموريون کڙڪيون کولي ٻڌو. اوهان کي هن سرد سياري ۾ هڪ اهڙي واءُ جو جهوٽو داخل ٿيندو محسوس ٿيندو، جنهن ۾ بسنت جي باک جي سرهائي هوندي آهي. اوهان کي اها وائي ٻڌڻ شرط هڪ اهڙي ڪيفيت نصيب ٿيندي، جنهن جي پانڌ ۾ گلن جا تحفا ٻڌل هوندا آهن. اوهان اها وائي ٻڌو ۽ ان جي ترنگ ۾ پاڻ کي ترندو محسوس ڪريو ته اوهان کي ان ڳالهه جو يقين اچي ويندو ته اوهان کي ڪا به مايوسي ٻوڙي نه ٿي سگهي. ڇو ته دلو ڀلي درياهه ۾ ٽٽي پوي پر جيڪي انسان پنهنجي اندر جي سار سهاري ترندا آهن، اهي ڪڏهن به ٻڏي نه ٿا سگهن. اندر جي اها سار جيڪا ماڻهوءَ جي دل مان ڪنهن ترنگ وانگر نڪرندي آهي ۽ دل تمام وڏي شيءَ هوندي آهي. اها دل جيڪڏهن مضبوط هوندي آهي ته پوءِ ماڻهوءَ کي مايوسيءَ جي ڪاري رات ڪڏهن به ڪيري نه ٿي سگهي. ها دل جنهن جا امنگ عجيب هوندا آهن. جنهن جي طاقت جا سرچشما سمجهه کان بالاتر هوندا آهن. اها دل جنهن ۾ ماڻهوءَ جي محبت جو مسڪن هوندو آهي. اها محبت جيڪا انسان کي عذاب به ڏيندي آهي ته هن جي لاءِ راحت جو سامان به پيدا ڪندي آهي.

اياز انهيءَ دل جي آواز کي هڪ وائيءَ جي صورت بخشي هئي ۽ اها وائي جڏهن علڻ فقير جي تنبوري جي تارن تان اڏاڻي تڏهن پڇوري ديس جي دل جي لاءِ هڪ وڏو سهارو ٿي وئي. ان وائيءَ انتظار جي جهوريءَ ۾ جهرندڙ ماڻهن کي محبت سان چيو ته:

”ٽڙي پوندا ٽارئين

جڏهن ڳاڙها گل

تڏهن ملنداسين“

مون کي جڏهن به ڪنهن پيار جي پرڻي جي دعوت ۾ شرڪت جو موقعو مليو آهي ته مان هر طرف گلن جا انبار ڏسي اياز جي انهيءَ وائيءَ کي جهونگاريندو آهيان ته:

”ٽڙي پوندا ٽارئين/  جڏهن ڳاڙها گل /  تڏهن ملنداسين“.

هونءَ ته محبتن وارن جو ملڻ ئي اڪيچار گلن جو ٽڙڻ هوندو آهي. پر جيڪڏهن هو ڪنهن به مجبوريءَ سبب نه ٿا ملي سگهن ته پوءِ انهن کي ان ڳالهه جو يقين هجڻ گهرجي ته جڏهن به ٽارين جي مٿان گل ٽڙندا. جڏهن بسنت جي رت پنهنجو پانڌ ڦهلائيندي. جڏهن بهار جي هوا گيت ڳائيندي، تڏهن ملاقات جي لاءِ سڪندڙ دلين جا سپنا پورا ٿيندا. تڏهن هٿ هٿن سان ملندا ۽ اکيون اکين ساڻ ڳجهه ۾ ڳالهائينديون. اهو پل پري ناهي جڏهن ماڻهو پنهنجي اندر جو آواز پاڻ ٻڌي سگهندو. جڏهن وڇوڙن جو انت ايندو ۽ ميلاپ جي موسم پنهنجا وار کولي اتر جي هوا ۾ ”لمڪيان ڙي لو“ جهڙي ڌن تي ترندي ترندي ڦيريون پائيندي ۽ ڌرتي توڙي آڪاس کي نچائيندي.

هڪ اهڙي موسم جي لاءِ هر ماڻهوءَ جي من ۾ خواهش هوندي آهي. ان ڪري اياز پنهنجي انهيءَ سنڌي وائيءَ کي اردوءَ ۾ به ڳايو آهي ۽ پوري دنيا کي ٻڌايو آهي ته وڇوڙن جو انت اچڻ وارو آهي. جيتوڻيڪ اياز جي اردو ترجمي جا لفظ اهي ناهن جيڪي هن سنڌي وائيءَ ۾ استعمال ڪيا آهن پر ڇا محبت محبت لفظن جي ڪاڻياري هوندي آهي؟ محبت ته لفظن کان پوءِ پنهنجو اظهار ڪندي آهي. جڏهن محبت اظهار ڪندي آهي تڏهن لفظ لڄ سبب لڪي ويندا آهن. اصل ڳالهه لفظن جي نه پر ڪيفيت جي هوندي آهي. پوءِ اها ڪيفيت ته ماڻهوءَ جي ماٺ ۾ به ظاهر ٿي سگهي ٿي. اها ڪيفيت ته خاموشيءَ ۾ به پنهنجو ڀرپور اظهار ڪري سگهي ٿي. ان ڪري اياز پاران جڏهن ان ڪيفيت کي اردو ٻوليءَ جو لباس اوڍائي ويو تڏهن به ان ڪيفيت جي حسن ۾ ڪا ڪمي نه آئي، جنهن ڪيفيت جي ترجماني اياز جا اهي اردو لفظ ڪن ٿا ته:

”بارشين هونگي ره هستي په تهم جائي گي دهول

اور دونون طرف گهري سرخ پهول

جب کهلين گي تب ملين گي!

تا افق جس وقت هوگي اڪ فضاءِ سرخ رنگ

اپني ڪاشانو ڪو لوٽين گي ڪلنگ

سب ملين گي تب ملين گي!

تيري ميري آنسئون سي ايڪ طوفان آئي گا

بعد سب مٽ جائي گا

ڪب ملين گي ڪب ملين گي“.

ڏٺو وڃي ته اياز جو اهو گيت ۽ سنڌي وائي ٻه الڳ ڳالهيون محسوس ٿين ٿيون پر جيڪڏهن ان ڳالهه کي دل سان ٻڌو وڃي ته انهن ٻنهي ۾ ساڳي ڪييفت جي تار وڄي رهي آهي. اها ڪيفيت جيڪا ماڻهوءَ کي مايوسيءَ مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ۽ هن کي چوي ته اسان جي ملاقات عنقريب ٿيڻ واري آهي. جيڪا اهو به چوي ٿي ته جڏهن ڳاڙها گل ٽڙندا، تڏهن ملنداسين! پر ڪا ڪا ڪيفيت اهڙي به هوندي آهي، جڏهن ماڻهو آس ۽ اميد جي سهاري کي دور اڇلائي هڪ ٻار وانگر روئي پڇا ڪرڻ لڳندو آهي ته ”ٽارين تي گل ڪڏهن ٽڙندا؟“ انهن پنجن لفظن ۾ پيار جو سمورو پيغام سمايل هوندو آهي. ڇو ته اهو طئه آهي ته جڏهن ٽارين تي گل ٽڙندا، تڏهن وڇڙي ويل پاڻ ۾ ضرور ملندا.