|
Notes on Asiatic Despotism ايشيائي طرز ارتقا–اوائلي سماج کان طبقاتي سماج تائين- I ظفرامام ايشيائي طرز پيداوار Asiatic Mode of Production تي پنهنجي گذريل آرٽيڪل ۾ مون ايشيائي معاشرن، خاص طور تي ننڍي کنڊ جي سماجي زندگيءَ تي نظر وڌي هئي. اهو ڄاڻڻ انتهائي اهم ٿي پيو هو ته ايشيائي سماجن يورپ ۽ قديم امريڪي تهذيبن کان ڪيئن مختلف ارتقا ڪئي، ۽ آخر ڪيئن تاريخي ماديت ۾ ڳڻايل سڀ تاريخي مرحلا عبور ڪرڻ کانسواءِ اهي سماج قائم رهي سگهيا. هن وقت ننڍو کنڊ ۽ ان جي تاريخي تشريح، هندستاني تاريخيت Historicity جو شعور حاصل ڪرڻ لاءِ باقاعده هڪ الڳ ۽ مستند علم بڻجي ويو آهي. مارڪس ان تي جيترو ڪم ڪيو سو ڪيو، ان کانپوءِ تمام گهڻو ڪم بعد ۾ ايندڙ مارڪسي تاريخدانن ڪيو آهي. انهن ۾ سڀني کان اهم ڪم هندستاني تاريخدان ڊي ڊي ڪوسامبي جو ڪيل آهي ۽ ان کان پوءِ رام شرن شرما ۽ عرفان حبيب آهن. ايئن کڻي چئجي ته ڊي ڊي ڪوسامبي، مارڪس جو هندستان تي اڌ ۾ ڇڏيل ڪم پورو ڪيو. هو پهريون هندستاني تاريخدان هو، جنهن هندستان جي منجهائيندڙ، سمجهه ۾ نه ايندڙ، مذهبي روايتن، وهمن ۽ شڪ شبهن سان ڀريل تاريخ کي اٿلائي پٿلائي ڏٺو ۽ ان جي تشريح لاءِ تاريخي ماديت جو مارڪسي طريقيڪار استعمال ڪيائين پر نتيجا يورپي تاريخ کان مختلف ڪڍيائين. ڊي ڊي ڪوسامبي جو ايشيائي طرز پيداوار تي ڪيل ڪم اڄ هندستاني تاريخ جي علم ۾ هڪ اهم ۽ مستند حيثيت رکي ٿو. اسان قديم هندستاني تاريخ کي اچي ڇو کنيو آهي؟ اهڙو ڇا رکيو آهي قديم هندستاني تاريخ ۽ ان جي طرز ارتقا ۾، جو ان کي هتي بحث هيٺ آڻڻ ضروري ٿي پيو آهي؟ ڇو ته هندستاني معاشرن جي هٿ ٺوڪي تشريح ڪندي، هتي موجود مارڪسي مولوي، ان کي عين يورپي طرز تي پيش ڪن ٿا. ان مان هُو نتيجا به اهڙا ئي ڪڍن ٿا، جيڪي سندن سياسي ايجنڊائن ۽ رد ٿيل سياسي لائين کي همٿائن ٿا، انهن سياسي لائينن مان هڪ قومي مسئلي جي تشريح به آهي، جنهن تي گذريل آرٽيڪل ۾ مان تفصيلي بحث ڪري چڪو آهيان. هن آرٽيڪل ۾ صرف مختصر طور ان سوال جو جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس ته، مارڪسي مولوين جي هٿ ٺوڪي تشريحن جي عين ابتڙ مارڪس جي ايشيائي طرز پيداوار جي ٿيوري ۽ مارڪس کان پوءِ ان تي ڪيل ڪم کي سامهون رکندي ئي، ڪا تشريح ڪري سگهجي ٿي. هتي اهو ڄاڻڻ به ضروري ٿي چڪو آهي ته هتان جا قديم سماج ڪيئن هئا ۽ انهن ڪهڙي ريت ارتقا ڪئي؟ ان سموري پروسيس جو مٿاڇرو جائزو وٺڻ ضروري آهي. ننڍي کنڊ جي سماجن جي باري ۾ ٻه چار اهم شيون سمجهڻ ضروري آهن. (1) ننڍي کنڊ اندر ڪڏهن به غلامداري سماج، بطور هڪ نظام، ۽ بطور هڪ پيداواري طريقي ڪار تحت، موجود نه رهيو. ان جي ابتڙ اسان يورپ ۽ ان ۾ خاص طور تي يوناني سماج ۾ ڏٺو آهي ته اتي غلامي بطور هڪ پيداواري نظام جي موجود هئي، ۽ اهو غلامداري سماج يورپي معاشرن کي تاريخي عمل ۾هڪ وک اڳتي وٺي ويو.(2)هتي ڪڏهن به جاگيرداري نظام، هندستاني سماج جي پنهنجي تاريخي ارتقا ۽ ترقيءَ جي نتيجي ۾، ڪلاسيڪي طور نه آيو. ان کي انگريزن اچي هتي زبردستي نافذ ڪيو. اصل ۾ انگريزن هتي بئراجي نظام لاڳو ڪري جاگيرداري نظام کي هٿي وٺرائي هئي. (3) هتان جي تاريخ جيتوڻيڪ مذهبن، شڪ شبهن ۽ وهم پرستيءَ ۾ ويڙهيل نظر ايندي، پر ان جا ٺوس مادي بنياد موجود هئا. (4) ننڍو کنڊ جيڪڏهن تاريخ جي سڀني اهم مرحلن کان گسائي ويو، ته اهو ڪنهن آفاقي ۽ الهامي قانونن يا حادثن جي بنياد تي نه ٿيو، پر ان جا ٺوس مادي سبب هئا، جيڪي بهرحال يورپي ۽ امريڪي سماجن کان مختلف هئا. (5) ننڍي کنڊ جي باقي دنيا کان مختلف طرز ارتقا جو وڏو سبب هتان جي منفرد ۽ گوناگونيت سان ڀرپور جاگرافي ۽ موسم هئي، جنهن هتان جي سماج تي اڻمٽ اثر ڇڏيا. هتي پيداواري قوتن جي منفرد ۽ مختلف ارتقا ۾ وڏو هٿ مذهبن جو به هو. تاريخ جي اپٽار ڪيئن ڪجي؟ قديم هندستاني سماج پهرين نظر سان هڪ گوناگون، نه سمجهه ۾ ايندڙ، مختلف مذهبن، ڪاهن، حملي آورن ۽ ترقي مخالف روين جو هڪ عجيب غريب امتزاج نظر ايندو. ان جي نه ته ڪا مستند تاريخ موجود آهي، جو ان کي سن ۽ تاريخن جي حساب سان قلمبند ڪجي. نه ته ان جا ڪي دستاويزي ثبوت موجود رهيا آهن. هتي علم سيني به سيني هلندو رهيو آهي. تنهنڪري پهرين ئي مرحلي ۾ ننڍي کنڊ جي تاريخ کي اٿلائيندي تاريخدان منجهي پون ٿا. ان جي ڪهڙي پاسي کي کڻي ڏسجي؟ جيڪڏهن ان جي تاريخ جي مذهبي بنيادن تي اپٽار ڪبي ته معاملو هيڪاندو ڳنڀير ٿي ويندو، جو هتي ڪئين مذهب آيا ويا ۽ انهن مذهبن جون هزارين شڪليون هتي موجود رهيون. جي ان جي ٻولين جي حساب سان اپٽار ڪبي، ته هتي درجنين اهم ٻوليون موجود آهن ۽ 750 کان مٿي انهن ٻولين جا لهجا Dialects آهن، اهڙي ڪا تشريح به ڪارآمد نه ٿيندي. ننڍي کنڊ جي تاريخ بادشاهن، ڪاهن ۽ قبيلن جي حساب سان ڏسبي، تڏهن به پوريون صدين جون صديون تاريخ ۾ ملن ئي نه ٿيون. لازمي ٿي پيو آهي ته هن سماج کي ٺوس مادي حقيقتن جي بنياد تي ڏسجي ۽ ان جي ارتقا کي پيداواري ذريعن جي ارتقا ذريعي ئي سمجهجي. تاريخ کان اڳ وارو دور ڌرتيءَ تي ڪيئي برفاني دور ايندا رهيا آهن. اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته ڌرتيءَ مٿان جيڪو آخري برفاني دور آيو هو، اهو يورپ ۾ بدترين ۽ انتهائي سخت هو، جڏهن ته ننڍي کنڊ مٿان اهو گهٽ سخت ۽ گهٽ وقت لاءِ آيو هو. خاص طور تي ننڍي کنڊ ۾ جيترو اتر کان ڏکڻ طرف وڃبو، ايترو ئي ان آخري برفاني دور جو اثر گهٽ ۾ گهٽ ٿيندو ويندو. اهو ئي سبب آهي جو ننڍي کنڊ جي اتر ۾ موجود چين جي علائقي يُنان ۽ برما کان، تاريخ کان اڳ واري زماني جو ماڻهو ڏکڻ، يعني هندستان ۾ داخل ٿيو هو. صدين تائين اها لڏپلاڻ ڏاڪي به ڏاڪي هلندي رهي، ايئن نظر اچي ٿو ته اها تاريخ جي زماني تائين جاري رهي. گهڻو بعد واري زماني ۾، ننڍي کنڊ جي اتر کان اچي دکن واري علائقي ۾ آباد ٿيل ماڻهن هتي زراعت جي ابتدا ڪئي هئي. هندستاني تاريخ جي اها هڪ اهم جاگرافيائي ۽ ماحولياتي حقيقت ئي هئي، جنهن تاريخ جي اڳ واري زماني کان وٺي ڌارين قبيلن کي هتي اچڻ لاءِ موهيو ۽ تاريخ واري زماني کان هن خطي جي انوکي جاگرافيائي بيهڪ، ماحوليات ۽ موسمن هتي گهڻي کان گهڻي حملي آورن ۾ ڪشش پيدا ڪئي ۽ هُو هتي حملا ڪندا رهيا. قديم هندستاني سماج جا مهانڊا قديم هندستان بابت ٻي اهم ۽ انوکي حقيقت هيءَ آهي ته جڏهن ننڍو کنڊ خوراڪ گڏ ڪرڻ واري مرحلي food-gathering stage ۾ هو، تڏهن هتي خوراڪ گڏ ڪرڻ وارو عمل باقي يورپ ۽ امريڪا جي ڀيٽ ۾ نهايت ئي آسان هو. جڏهن يورپ تاريخ جي خوراڪ گڏ ڪرڻ واري مرحلي ۾ هو، تڏهن ان جو گهڻو تڻو گذارو شڪار تي هو يا وري قدرتي طور تي ملندڙ کاڌ خوراڪ تي. اهي روزمره جا کاڌا Staple Foods جيڪي يورپي سماج کي کاڌي گڏ ڪرڻ واري مرحلي (يا شڪاري دور) ۾ ميسر هُئا، سي کاڌن جي فقط ڪجهه قسمن تي ٻڌل هئا، جيڪي پڻ وڏي جفاڪشي کانپوءِ حاصل ڪرڻا پوندا هئا. ان جي برعڪس قديم هندستان جي رڳو هڪڙي ئي خطي ۾ چاليهه کان وڌيڪ کاڌ خوراڪ جا قسم موجود هئا. روزمره کاڌن Staple Foods جي هڪ وڏي رينج هتان جي قديم ماڻهن کي تاريخ جي کاڌي گڏ ڪرڻ واري دور (شڪاري دور) ۾ ئي ميسر هئي. هي اهڙا کاڌا هئا، جيڪي قديم زماني جي هندستاني ماڻهوءَ کي اڪثر بنا ڪنهن شڪار جي، فطري طور ئي ملي پئي ويا، ۽ انهن مان اڪثر کي ذخيرو به ڪري پئي سگهيا. انهن کاڌن ۾ مٽر، سنگ، تازن ميون جا ڪئين قسم، خشڪ ميون جا قسم، زمين هيٺان ٿيندڙ پاڙ وارا ميوا مثال گجرون، پٽاٽا وغيره، قدرتي طور ٿيندڙ پنن وارين ساين سبزين جا ڪئين قسم شامل هئا. ننڍي کنڊ جي قديم زماني وارن ماڻهن سئو اهڙا ٻيا اناج، ميوا ۽ جڙي ٻوٽيون ڳولهي لڌا هئا، جيڪي سندن روزمره جي کاڌي جو حصو بڻجي ويا. کين ڪو جانور مارڻ کانسواءِ ئي ايترا کاڌا ملي پئي ويا جو سندن گذارو ٿي پئي ويو، تنهنڪري هتي يورپ جي طرز تي باقاعده ”شڪاري دور“ به نه رهيو. هي جيڪو تاريخ ۾ اسان ”شڪاري دور“ پڙهندا آهيون، اهو يورپي ۽ امريڪي تاريخ لاءِ وڌيڪ درست آهي. ننڍي کنڊ ۾ اهو شڪاري دور ”کاڌي گڏ ڪرڻ وارو دور“ چئي سگهجي ٿو. رڳو ان هڪ حقيقت بعد ۾ ايندڙ زمانن تائين هندستاني سماج اندر هڪ اهم خيال کي هٿي ڏني، ۽ اهو هو ”اهنسا“ يعني عدم تشدد، جيڪو اڄ سوڌي هتان جي فلسفي ۽ ڌرم ۾ موجود آهي. ان ”اهنسا“ جا بنياد قديم زماني جي ان دور کان پيل آهن، جڏهن شڪاري دور اندر هتي شڪار نه پر قدرتي طور کاڌو پيتو گڏ ڪيو ويندو هو. قديم هندستان جي منفرد طرز ارتقا جا بنياد اصل ۾ تڏهن کان ئي پئجي ويا هئا. ننڍي کنڊ جي تاريخ جي اها هڪ اهم ۽ بنيادي حقيقت تاريخي ماديت جي سڀني شاگردن کي ذهن نشين هئڻ گهرجي. ڇو ته هندستان ۾ پيداواري ذريعن جي ارتقا جي رفتار انسان جي کاڌي گڏ ڪرڻ واري مرحلي ۾ ئي سست ٿي چڪي هئي. مارڪس جنهن ”ڳوٺاڻي سماج“ Village Society جو ذڪر ڪيو آهي، اُهو ته پوءِ، گهڻو پوءِ طبقاتي سماج ۾ وجود ۾ آيو هو. جڏهن ننڍي کنڊ جا پاڙيسري معاشرا کاڌو گڏ ڪرڻ/ شڪاري دور کي عبور ڪري باقاعده پيداوار جي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪا هئا، تڏهن ننڍو کنڊ اڃا تاريخ جي کاڌي گڏ ڪرڻ واري اوائلي مرحلي ۾ هلي رهيو هو. وڏي ڳالهه ته صدين تائين هي معاشرو ان ئي مرحلي ۾ موجود رهيو ۽ ان سماج مٿان ڪڏهن به پنهنجي بقا جو سوال نه اُٿيو. اهو ڪيئن ممڪن ٿي سگهيو؟ اهي ڪهڙا مادي سبب هئا جنهن ڪري صدين تائين هي سماج اوائلي تاريخي مرحلي ۾ پنهنجي بقا قائم رکي سگهيو؟ ان جو سبب اهو ئي آهي، جيڪو مٿي لکي آيو آهيان. يعني قدرتي طور تي ميسر کاڌي پيتي جي شين جي هڪ وڏي رينج، جيڪا يورپ ۽ امريڪا ۾ اڻ لڀ هئي. انڪري، نه هن سماج کي شڪار ڪرڻو پيو، نه ان کي پيداوار جا ترقي يافته ذريعا دريافت ڪرڻا پيا. اهو ئي سبب آهي جو جتي مصر کان وٺي قديم يوناني سماج غلامداريءَ جي اوج تي پهتا ۽ پيداواري ذريعن ترقي ڪئي، اتي ننڍو کنڊ پنهنجي اوائلي طريقن تحت اڳتي رڙهندو رهيو. ان کي غلاميءَ جي، بطور هڪ نظام طور، ڪڏهن ضرورت ئي پيش نه آئي. هي گڏيل هندستان جو خطو، تاريخ جي هڪ اهم مرحلي کي، يعني غلاميءَ کي ان ئي طريقي سان گُسائي ويو هو. هتي پيداوار جي نون ذريعن جي تاريخي طور تي ضرورت ئي محسوس نه ٿي هئي، نئين نظام جي ضرورت تڏهن ئي پيدا ٿيندي آهي، جڏهن پراڻي نظام ۾ سماج کي هلائڻ جي گنجائش نه رهندي آهي. ڪنهن به سماج کي جوڙڻ جي لاءِ بنيادي محرڪ ان جا پيداواري ذريعا هوندا آهن. قديم هندستاني سماج جي جوڙجڪ ڪندڙ هڪ محرڪ ته کاڌو گڏ ڪرڻ واري دور جي آساني هئي، ۽ ٻيو وڏي حد تائين مذهب ۽ وهم پرستي هئا. جنهنڪري هڪڙو اهم ڪم اِهو ٿيو جو سماج کي اڳتي وٺي وڃڻ جي عمل ۾ تشدد جو گهٽ کان گهٽ استعمال ٿيو، بنسبت قديم امريڪا ۽ يورپ جي. اها تاريخ جي انتهائي اهم رچنا هُئي جو جتي يوناني هزارين ۽ لکين غلامن ذريعي پيداوار جي عمل کي ممڪن بڻائي سگهندا هئا، اُتي هندستان پنهنجي ئي طرز جي اوائلي اشتراڪيت تحت رڙهندو رهيو، جنهن ۾ جيڪڏهن کان ترقي ٿي ته اُها انتهائي سست رفتار ٿي، ۽ ان جي شڪل به منفرد رهي. ايتري تائين جو نئين ايندڙ حملي آورن هتي پنهنجا اثر ته ڇڏيا، پر مجموعي طور تي سماجي ارتقا جي تاريخي پروسيس تي ٽڪي جو به اثر نه وجهي سگهيا. هتي ڪئين صديون گذريون، پر ڪڏهن خبر نه پئي ته ڪهڙو نظام ڪڏهن آيو، ڪڏهن ويو. جيتوڻيڪ ثقافتي، لساني ۽ هر قسم جي گوناگونيت دنيا جي ٻين خطن ۾ به موجود رهي آهي، جنهن ۾ مصر، بابل ۽ چين جو يُنان وارو علائقو شامل آهي پر انهن مان دنيا جي ڪا به اهڙي تهذيب ناهي، جيڪا لڳاتار ٽي هزار سالن تائين بنا ڪنهن رنڊڪ روڪ جي هلندي رهي آهي. توهان اڄ مصري، بابلي ۽ ٻين قديم تهذيبن جي ڳالهه ڪري سگهو ٿا، پر انهن کي هڪ ڌارا ۾ پوئيل، هڪٻئي جي تلسلسل ۾ جڙيل قرار نه ٿا ڏئي سگهو. هي ننڍو کنڊ دنيا جو واحد خطو هو جيڪو ٽن هزار سالن تائين هڪ تلسلسل ۾ پئي هليو آهي. طبقاتي سماج جا پهريان نشان هڪ نيم طبقاتي سماج جا پهريان نشان سنڌو ماٿري جي تهذيب ۾ ملن ٿا. هڙپا ۽ موهن جو دڙو جون تهذيبون هڪ ئي دور جون تهذيبون لڳن ٿيون، ۽ ايئن محسوس ٿئي ٿو ته سنڌو نديءَ جي وسيع ميدانن ۾ ڦهليل هي ٻئي شهر هڪ ئي رياست جو حصو هئا. سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب هن خطي ۾ اڃا هڪ اپواد Exception آهي، جيڪا پنهنجي دور جي بابلي ۽ مصري تهذيبن جهڙي ته لڳي ٿي، پر بلڪل انهن جهڙي نه آهي. ڊي ڊي ڪوسامبي لکي ٿو ته موهن جي دڙي ۽ هڙپا جي شهرن جي موجودگي ئي ٻڌائي ٿي ته سندن ويجهو اهڙا علائقا موجود هئا جتي وڏي مقدار ۾ کاڌ خوراڪ Surplus Food پيدا ٿيندو هئو جيڪو هنن شهرن کي پيو ملندو هئو. شهر عام طور اقتدار جو مرڪز بڻجندا آهن. يعني هڪ يا هڪ کان وڌيڪ شهرن جو وجود ظاهر ڪري ٿو ته اتي ڪا رياست موجود هئي. ڪجهه ماڻهن کي سرپلس کاڌ خوراڪ جي پيداوار ڪرڻي پوندي هئي، جيڪا وري ڪجهه اهڙا ماڻهو کڻي ويندا هئا، جن جو ڪم کاڌ خوراڪ جي پيداوار ڪرڻ نه پر انتظامڪاري ڪرڻ، اڳواڻي ڪرڻ ۽ منصوبابندي ڪرڻ هو. سنئين سڌي ڳالهه آهي ته تاريخ کان اڳ جي زماني ۾ طبقاتي تفريق ۽ محنت جي تقسيم Division of Labour کانسواءِ ڪنهن به شهر جو وجود ۾ اچڻ ممڪن نه هو، جنهن ۾ ڪجهه ماڻهو، اڪثريت مٿان حڪومت ڪندا هئا. قديم سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب اڃا تائين هڪ راز ئي آهي. جنهن وقت ۾ هيءَ تهذيب ننڍي کنڊ جي اولهه ۾ پلي نپني اوج تي پهچي چڪي هئي، تڏهن اڃا باقي ننڍو کنڊ کاڌي گڏ ڪرڻ واري دور ۾ هلي رهيو هو. هيءَ تهذيب اهڙي ختم ٿي جو پوءِ وري ساڳي جڳهه تي ان جو نالو نشان نه ٿو ملي. ويجهي ماضيءَ ۾ ان تي گهڻو ڪم ٿي رهيو آهي. ان سموري معاملي ۾ سنڌ جي تاريخدانن ۽ آرڪيالاجسٽن جي جاکوڙ انتهائي اهم نتيجا ڏئي سگهجي ٿي، جنهن کانپوءِ ئي قديم سنڌو ماٿريءَ جي اوج ۽ زوال تي ڪو باقاعده ڪم ڪري سگهجي ٿو. هتي سنڌو ماٿريءَ ۾ تاريخ جي اڳ واري زماني جي اپٽار بدر ابڙي جي ڪتاب ماڻهوءَ ۾ بهتر طور ٿيل آهي. هن جو ڪم پوءِ به جديد تاريخ ۾ ٻين کان مٿانهون بيٺل نظر اچي ٿو. تازو ئي سندس ڪتاب ”ماڻهوءَ“ جي ٻي ڪڙي طور ڪتاب شايع ٿيو آهي، جنهن مان ڪي ڪارآمد ڳالهيون ملي سگهن ٿيون. ان کي پڙهڻ کانپوءِ ئي ڪا راءِ قائم ڪري سگهجي ٿي. بهرحال ايترو ته ننڍي کنڊ جي تاريخ ۾ سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جي زوال کانپوءِ پورن 600 سالن جي خاموشي آهي. يعني سنڌوماٿري تهذيب جي زوال ۽ ان کانپوءِ ننڍي کنڊ ۾ اوائلي قسم جي پهرين ننڍن ننڍن شهرن جي ٻيهر نمودار ٿيڻ جي وچ ۾ 600 سالن جو خال آهي. نه ڄاڻ ان دور ۾ ڇا ٿيو هوندو. بهرحال، اهوئي دور آهي جڏهن کان تاريخ کي باقاعده قلمبند ڪيو ويو آهي، يا ائين کڻي چئجي ته تاريخ جي باري ۾ سمجهه ۾ ايندڙ راءِ قائم ڪري سگهجي ٿي، جيڪا سن، سال ۽ صدين جي حساب سان وڌيڪ درست آهي. xaphor.emam@gmail.com |