مارشل لا جي وائرس ڦهلائڻ لاءِ سرگرم عنصر

 مقصود ڀٽي


جڏهن موسم تبديل ٿيندي آهي ته مختلف قسم جا وائرس انساني جسم تي حملو ڪندا آهن، پوءِ جنهن انساني جسم ۾ قوت مدافعت هوندي آهي، اهو انهيءَ وائرس جي حملن کان محفوظ رهندو آهي ۽ ڪمزور جسم جو نڪ ان هوا کي سُنگهندي ئي وهڻ شروع ٿي ويندو آهي. پوءِ اهو ڪجهه ڏينهن وهي آخر بند ٿي ويندو آهي.

مون سون جا وسندڙ مينهن به پاڪستان ۾ سيلابي صورتحال جي سنگينيءَ جو باعث بڻيا آهن. گلگت بلتستان ۽ خيبر پختونخوا جي تباهيءَ کان پوءِ سيلاب جو رخ پنجاب ۽ وري سنڌ جي سونهاري سرزمين تي انساني آبادين ۾ ويرانيون آڻي ڇڏيون آهن. موجوده ٻوڏ جي دٻاءَ، پاڻيءَ جي تيزيءَ ۽ گهڻائيءَ پاڪستاني تاريخ جي اهڙي تباهه ڪارين جا پراڻا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، جنهن جي لپيٽ ۾ چارئي صوبا ڪافي حد تائين متاثر ٿيا آهن. انهن تباهه ڪارين ۾ درياهه بادشاهه جي بندن جي ڀڃڻ ۾ ڪامورن ۽ سياستدانن تي نااهليءَ ۽ دانسته طور پنهنجون زمينون بچائڻ ڪري غريبن ڏانهن پاڻي وهائڻ ۽ رخ موڙڻ جا الزام لڳا آهن. خير ان جي تحقيق لاءِ وزيراعليٰ سنڌ به ڳالهيون ڪيون پئي ته وري سپريم ڪورٽ به ان ڳالهه جو ازخود نوٽيس وٺي سگهي ٿي.

بهرحال سيلابي صورتحال جي سنگيني ڏسندي گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري به اهو بيان ڏنو ته هيءَ آفت هيٽي جي زلزلي ۽ سونامي جي سامونڊي طوفان کان به وڌيڪ تباهڪاريون آنديون آهن، جو ايتري قدر وڏي تباهيءَ جو تڪڙو تخمينو لڳائڻ به انتهائي مشڪل ٿي پيو آهي.

ظاهر آهي ته انساني جانين ۽ ملڪيتن جي سنڀال ڪرڻ حڪومت جي اولين ذميواري آهي ۽ هن تڪليف ۽ ڏک سور واري موقعي تي ان جو ازالو ڪرڻ حڪومت جو ڪم آهي. پر اسان جي ملڪ جا اڪثر اثر رسوخ رکندڙ عنصر گوري چمڙيءَ وارن جي ڳالهين کي ڪاري چمڙي وارن جي ڳالهين تي ترجيحون ڏيندا آهن ۽ انهن گوري چمڙيءَ وارن جا ڪجهه بيان ائين به آيا آهن ته هي ايترو وڏو قدرتي سانحو آهي جو ان سان اڪيلي سر پاڪستان جي حڪومت منهن نه ٿي ڏئي سگهي. ان لاءِ حڪومت جي مدد لاءِ ٻاهرين ملڪن جون امدادون ۽ اندرون ملڪ جون غير سرڪاري تنظيمون به سرگرم آهن ۽ انهن جو ڪم تعريف جي لائق آهي. ڊزاسٽر مئنيجمينٽ ۽ فلڊ رليف جي ڪم لاءِ عام ماڻهن به وڌي چڙهي ڪردار ادا ڪيو آهي، جنهن لاءِ انهن کي جسُ آهي. هن ڏکي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ، انساني امداد، پاڻيءَ ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍي محفوظ هنڌن تي پهچائڻ ۽ بندن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ عام ماڻهن ۽ اين جي اوز حصو ورتو آهي.

درياهه کي ڏنل گهارن مان وهندڙ پاڻي، شهري ۽ ڳوٺاڻي آبادين جو رُخ ڪري انساني جانين، چوپاين، گهرن ۽ ملڪيتن جي لتاڙ ڪري انهن کي ويرانين ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ جان بچائي ڪيمپن ۾ رهندڙ ماڻهن ۾ وبائي بيماريون به ڦهلجڻ لڳيون آهن. سيلاب جا سٽيل ماڻهو، پنهنجي ٻچڙن جا لڙهندڙ لاش پاڻيءَ مان ڪڍڻ سان گڏوگڏ گيسٽرو ۽ ٻين وبائي بيمارين سان وڙهڻ لاءِ مجبور آهن. جهڙي طرح شهرن جا ستايل ماڻهو جهنگن ڏانهن منهن ڪندا آهن، تهڙي طرح سيلابن ۽ ٻوڏن ۾ زميني جانور (نانگ وغيره) به خشڪيءَ تي پنهنجي مسڪن ڳولڻ لاءِ انسانن سان گڏ پاڻيءَ جي لهرن ۾ لڙهندا، زمين جو رُخ ڪندا، هڪٻئي سان وڙهندا ڪناري تي پهچڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ ان لڙائيءَ ۾ ڪڏهن انسان کي ته ڪڏهن نانگ کي مات ملندي آهي. هن ٻوڏ ۾ به اهڙي قسم جي واقعن جو ذڪر ملي ٿو.

ماڻهن پنهنجون جانيون بچائي بچيل شهرن جو رخ ڪيو آهي ۽ سندن ريل گاڏي مائي ڪولاچي (موجوده ڪراچي) ۾ اچي خيمو کوڙيو آهي. سنڌ جي وارثن جي هن سفر جون جهلڪيون پاڪستان جي 63 سالا پراڻي واقعي جي ياد کي ڄڻڪ وري تازو ڪيو آهي. هي به آگسٽ جو مهينو، يوم آزاديءَ جو موقعو ۽ هٿين خالي سنڌي ماڻهن تي ڪراچيءَ جي بارڊر تي ۽ شهر جي اندر لٺين ۽ گولين سان آجيان ڪري هڪ ٻئي تاريخ جي ڪاري باب کي رقم ڪرايو پيو وڃي. پر 63 سالا پراڻي واقعي ۽ هن واقعي ۾ هڪ وڏو فرق اهو آهي ته سنڌين سان ظلم ڪرڻ وارا ڪي هندو نه پر پنهنجا حب الوطن پاڪستاني ئي آهن. جيتوڻيڪ انهن واقعن جي به تحقيق ٿيڻ کپي ۽ سپريم ڪورٽ کي انهيءَ ظلم ۽ جبر جو ازخود نوٽيس وٺي قدم کڻڻ گهرجي.

بهرحال هن ٻوڏ جي اچڻ کان پوءِ صوبي جي دارالحڪومت ۾ هڪڙي سياسي وبائي بيانن جي شروعات به ٿي آهي، جنهن ۾ ملڪ جي ڪمزور جمهوري جسم تي مارشل لا جا داءَ لڳايا پيا وڃن. اسان جي ملڪ ۾ ميڊيا جي آزاديءَ کان پوءِ عام ماڻهو جي ذهن ۾ به ڪافي سارا سوال اڀرندا آهن، جنهن جي جوابن وٺڻ لاءِ اهي تجزيا به ڪندا رهندا آهن. اڄڪلهه عام ماڻهو سمجهن ٿا ته اسان جي ملڪ ۾ آمريڪا جي اثر اندازي ۽ دخل اندازي تمام گهڻي آهي. انگلستان به آمريڪا جي وفادار دوستن جي لسٽ ۾ ٽاپ تي آهي. هونئن به عقل واري لاءِ ته اشارو ئي ڪافي هوندو آهي. عام ماڻهن جي خيال ۾ ان وبا جي ڦهلجڻ جا ٻه وڏا سبب آهن. هڪ ته ٻوڏ متاثرين کي محفوظ جهڳو ٺاهڻ لاءِ شهرن ڏانهن منتقل ٿيڻ آهي ۽ ٻيو پاڪستاني تاريخ ۾ پهريون ڀيرو جمهوري حڪومت کي ايتري قدر ٻاهرين امداد ملڻ جو امڪان آهي. عام چوڻي اها آهي ته اسان جي ملڪ جا اڪثر ادارا ڪرپشن جو شڪار آهن ۽ اهڙي قسم جا الزام آزاد ۽ نجي ميڊيا جي صحافين/ اينڪرز تي به لڳندا رهندا آهن. خير ان ڳالهه جو فيصلو ته تحقيق کان پوءِ ئي ڪري سگهجي ٿو، باقي هرڪو پنهنجي پاڻ کان پاڻ ئي واقف ته ضرور هوندو آهي ته اهو ڪيتري قدر ايماندار آهي يا ناهي.

ڳالهه هلي پئي جمهوري جسم تي مارشل لا جي وبائي حملي جي جنهن ۾ صوبي سنڌ جي وڏي شهر جي هڪڙي جماعت شروعات ڪئي آهي، جنهن کي ڦهلائڻ ۾ ميڊيا وارن وڏي سپورٽ ڪئي آهي ۽ انهيءَ خيال جي پرچار لاءِ انٽرنيٽ جي سائيٽن تي فوڊ فار ٿاٽ ڏيئي ڪري ان موضوع تي بحث ۽ اڳتي وڌائڻ لاءِ مشورن جون دعوتون ڏنيون پيون وڃن ۽ تاثر اهو ڏنو پيو وڃي ته ٻوڏ متاثرين جي مدد ۽ بچاءُ بندن جي مضبوطي ڪرڻ ۽ انتظامڪاري ۾ فوج سٺو ڪم ڪيو آهي ۽ ان ڪم ڪرڻ ۽ ٻين ملڪي ڪمن ۾ سرگرمين جي ڪري فوج کي حڪومت ڪرڻ جو جواز به فراهم ڪيو پيو وڃي. اهڙي خيالن جو اظهار هڪڙي نجي ٽي وي چئنل تي هڪڙي عورت اينڪر به ڪيو پئي. ان وبا جي ڦهلائڻ جي شروعات ته هڪڙي جماعت جي اڳواڻ جي تقرير مان لفظن کي پڪڙي ڪئي وئي آهي ۽ ڪجهه عنصرن تمام صفائيءَ سان ”بال سي کهال نڪالني“ وارو ڪم ڪري ان کي ڦهلائڻ ۾ مدد ڏني آهي. مارشلائي وبا کي ڦهلائڻ لاءِ گذريل حڪومتي جماعت به ڦوڪارا هڻي رهي آهي ته هڪڙي ننڍي جماعت جي اڳواڻ کي به عوام جي آڏو پنهنجي اميج خراب ڪرائڻ لاءِ اڳتي ڪيو ويو آهي. پر جَسُ آهي مخالف ڌر واري جماعت جي رهنمائن کي جيڪي مخالفت ۾ هجڻ جي باوجود اهڙي بيانن جي سختيءَ سان مذمت ڪري رهيا آهن. الزامي جملن جي ڏي وٺ ۾ انهن تي مارشل لا جي پيداوار هڻڻ جون ڳالهيون به ڪيون پيون ٿيون وڃن. خير انهيءَ حقيقت کان ته هن ملڪ جو هر عام خاص ماڻهو واقف آهي ته انهيءَ مارشلائي دور ۾ ڪهڙين جماعتن جنم ورتو آهي ۽ ڪهڙين بيمارين جا ناسور هن پاڪ ڌرتيءَ تي ٿيا آهن. دعا آهي ته الله سائين هن پاڪ ڌرتيءَ کي انهن آزارن مان جان آجي ڪرائي. جيئن ته عام ماڻهو به انهن سياسي ۽ ميڊيائي چالاڪين کي سمجهي ٿو. اڄڪلهه اهو چوٻول به عام ماڻهن ۾ هلي رهيو آهي ته ڇا اها وبا ٻوڏ متاثرين جي ٻين شهرن ۾ آباد ٿيڻ جي ردعمل ۾ ته ناهي يا وري امداد فنڊز جي حصيداري جي ڪري ته ناهي. خير الله پاڪ بهتر ڄاڻيندڙ آهي ۽ انهن عوامي تجربن جي تحقيق جي به ضرورت آهي ته واقعي ۾ ايئن ته ناهي.

خير اهي ته هيون خبرون عوام الناس جي چؤٻول تي مبني تصويرن تي عڪاسيءَ جون ۽ انهن جي تجزين جي روشنيءَ ۾ هاڻي آءٌ به هڪڙو ننڍڙو عرض رکان ته هن ٻوڏ جي آفاقي آفت کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان سڀني کي ايڪي ۽ محبت سان گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. اهڙن ڪمن کان باز اچڻ کپي جيڪي اهڙن عذابن جو باعث بڻجن ٿا. قانون کي هٿ ۾ کڻڻ بجاءِ قانون جو ساٿ ڏيڻ گهرجي. ملڪ ۾ وحشي قسم جي واقعن کي پاڙئون پٽڻ لاءِ حب الوطنيءَ جو ثبوت ڏيڻ گهرجي.