”زرداري ايندو ۽ اسان جا ڏک ميڙي ويندو“

 رزاق کٽي


انڊس ھاءِ وي تي سيلاب جي ماريل ان شخص، جي ڪهاڻي جو ڪوبه انت ناهي. ”اوهان جو گهر ڪٿي آهي“؟ واري سوال جو جنهن وٽ اهو جواب هو ته ”گهرته ڪڏهن هو، هاڻي ناهي.“ آئون، منهنجو پٽ ۽ منهنجي زال هاڻي اوڏانهن وڃي نٿا سگهون، ۽ گهر اسان ڏانهن اچي نٿو سگهي، هن کان جڏهن پڇيو ويو ته ”اوهان جي علائقي سان سيلاب ڪهڙو سلوڪ ڪيو“؟ هن جڏهن انهي سوال جو جواب ڏيڻ بدران پنهنجيون اکيون ٻئي طرف ڦيري ڇڏيون، تڏهن تجسس اڃان وڌي ويو، ۽ ٻيهر سوال جو ورجاءَ ٿيو، ”هن ڀيري سيلاب ۾ مزو نه آيو، ڀٽو کانپوءِ سيلا ب ۾ مزو ناهي رهيو، پهرين ڀٽو هيلي ڪاپٽر تي ايندو هو ۽ اسان جا ڏک ميڙي هليو ويندو هو، هن ڀيري شهباز شريف به هيلي ڪاپٽر تي آيو هو. پر مزو نه آيو،“

ملڪ جي ناليواري صحافي وسعت الله خان جي ڊائري جا هي چند جملا باضمير ماڻهن جي دل ڌوڻڻ لاءِ گنج آهن.

17 آگسٽ 1988ع وارو ڏينهن سنڌ جي سمورن ماڻهن کي ان حوالي سان ياد آهي ته انهي ڏينهن  بهاولپور ويجهو ملڪي تاريخ جي بدنام ترين فوجي آمرجنرل ضياءَالحق جو جهاز حادثي جو شڪار ٿيو هو، پر انهي ڏينهن سجاول شهر کي خالي ڪرايو ويو هو، درياهه تارو تار هو، ڪچو ٻڏي چڪو هو، پاڻي سجاول ڏانهن وڌي رهيو هو، شهر ۾ لڏپلاڻ جي وارننگ بعد سوين گاڏيون مختيار ڪار آفيس ۾ موجود هيون، جنهن به ماڻهوکي جنهن به گاڏي جي ضرورت هئي اها هن کي فراهم ڪئي پئي وئي، ۽ اهڙي ريت سجاول شهر جا هزارين ماڻهو آرام سان لڏپلاڻ ڪري محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿي ويا، “هن ڀيري سرڪار جو ستايل مشتاق جعفراڻي مون سان دل جا حال  اوري رهيو هو، هن جي اها دعوا هئي ته هن سميت سجاول شهر جي اڪثريت جي راءِ اها آهي ته سجاول شهر کي حڪومت جي  ماڻهن هٿ وٺي ٻوڙايو آهي، هو ٻڌائي ٿو. ڪوٽ عالمو وارو بند ٽٽڻ کانپوءِ انهي گهاري جو پهريون ٽارگيٽ دڙو شهر هو، ۽ سجاول دڙي کان 35 ڪلو ميٽر پري هو. 35 ڪلو ميٽر پري وارو شهر ٻڏي ويو، ۽ ويجهي وارو شهر دڙو بچي ويو.

هن کي ان ڳالهه  تي خوشي ضرور هئي ته هڪ شهر بچي ويو، پر هن کي ڏک ان ڳالهه  جو هو ته دڙي جيان جيڪڏهن سجاول کي به بچائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ها ته هو هن شهر ۾ سڄي عمر جي ڪيل ڪمائي وڃائي، بي سرو ساماني جي حالت ۾ بدين نه پهچي ها. ڪجهه  ماڻهو انهن افواهن جو به ذڪر ڪن ٿا ته ”هنن کي ديوان سٽي ٻوڙڻو آهي.“ پر هاڻي پاڻي جاتي ڏانهن تيزي سان وڃي رهيو آهي، آخري اطلاع اهي آهن ته جاتي جو شهر به ٻڏي چڪو آهي، جاتي تعلقي جي ڇهن يونين ڪائونسلن جي آبادي ڏيڊ لک آهي، ۽ هاڻي جاتي ۾ ڏهه سيڪڙو ماڻهو به نه بچيا آهن، باقي سڀ ماڻهو لڏ پلاڻ ڪري نڪري ويا آهن، انهن سمورن ماڻهن بدين ڏانهن رخ ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته باقي سمورا رستا بند ٿي چڪا آهن. سرڪار پاران سروي جو بندو بست، سرڪاري مشنري جي کوٽ سبب نه ٿي سگهيو آهي، جاتي مان لڏ پلاڻ ڪندڙ هزارين ماڻهو هن وقت بدين کان جاتي چوڪ تائين رستي جي ٻنهي پاسن تي بي يارو مدد گار ويٺل آهن، جن کي هيستائين زندگي جو گاڏو هلائڻ لاءِ ڪابه سهولت ميسر نه ٿي سگهي آهي، ماڻهن کي سندن برداشت ڪيترو ساٿ ٿي ڏئي انهي لاءِ في الحال ڪجهه  به چئي نٿو سگهجي.

هن سيلاب جي وڌندڙ سنگيني جا اڳتي هلي ڪهڙا نتيجا نڪرن ٿا، اهو ته انهن ڏينهن ۾ پاڻ گڏجي ڏسنداسين، پر انهي سڄي صورتحال ۾ هاڻي همدري جو جذبو جاڳندي نظر اچي ٿو، هن وقت سرڪار پاران قائم ڪيل رليف ڪئمپن ۾ ايترا ماڻهو ناهن جيترا ماڻهو پنهنجن عزيزن، واسطيدارن، ۽ دوستن وٽ ترسيل آهن. هي اهي ماڻهو آهن جن کي اسان جي معاشري ۾ ”وائيٽ ڪالر“ چوندا آهن، اهي وائيٽ ڪالر ماڻهو پاڻ هن وقت امداد جا مستحق آهن، هنن ماڻهن جي زندگي جو گاڏو هلائڻ لاءِ هڪ مخصوص بجيٽ هوندي آهي، هي اهي ماڻهو آهن، جيڪي اوچتو پيدا ٿيل پريشانين کي به منهن نه ڏئي سگهندا آهن. هنن ماڻهن پنهنجن تعلقاتن جو ڀرم رکيو ۽ انهي کي اڃا نڀائيندا اچن. هنن وٽ جيڪي مهمان موجود آهن انهن جي واپسي جو به ڪو اڃا اندازو لڳائڻ مشڪل آهي. عيد تائين به اهي ماڻهو پنهنجن گهرن ڏانهن موٽي سگهندا، ان بابت به اڃا تائين ڪجهه  نٿو چئي سگهجي، ان ڪري سرڪار کي گهرجي ته هو انهن ماڻهن جي فوري طور مدد ڪري هنن ماڻهن کي ڪچو راشن فراهم ڪيو وڃي، جيئن اهي ماڻهو پنهنجن تعلقاتن جو نه رڳو ڀرم رکي سگهن پر هنن جو انسانيت جي خدمت ۾ ويساهه به پختو ٿئي.

هن سڄي صورتحال ۾ مونکي انڊس هاءِ وي تي ويٺل ان پيرسن جا اهي لفظ ياد اچن ٿا: ”اڳي ڀٽو ايندو هو ۽ اسان جا ڏک ميڙي ساڻ کنيو ويندو هو پر هن دفعي سيلاب ۾ مزو نه آيو.“ آئون سوچيان ٿو ملڪ جو صدر آصف علي زرداري سڄي سنڌ ٻڏڻ کانپوءِ جڏهن سنڌ آيو ته ڪنهن جا به ڏک ميڙي پاڻ سان گڏ اسلام آباد نه کڻي ويو. سڄي سنڌ چوي ٿي ته آبپاشي وارن هٿ وٺي سنڌ ٻوڙائي ڇڏي، پر سائين قائم علي شاهه چوي ٿو ته آبپاشي وارن تمام گهڻو بهترين ڪم ڪيو آهي.

هن سڄي صورحال ۾ جڏهن آصف علي زرداري ڪوٽڙي بئراج ۽ ٺٽي جي دوري تي پهتو هو ته اها اميد هئي ته هو ور کڻي ٻوڏ واري پاڻي ۾ لهندو، غريبن جي مٿي تي هٿ رکندو، ۽ هنن جا ڏک ۽ ذلتون ميڙي پنهنجي جهلي ۾ وجهندو، ٻن چئن وزيرن جون نوڪريون تيل ڪندو، پنج ست وڏن آفيسرن جي جي ڪنڌ ۾ پٽو وجهندو، ۽ ماڻهن جي ڪاوڙ ٿڌي ڪري واپس هليو ويندو، پر هي 76ع وارو پيپلز پارٽي جو چيئرمين ناهي، هن دفعي اڳواٽ تيار ٿيل رليف ڪئمپ ۾ موجود ماڻهن کي پهرين هدايتون جاري ڪيون ويون ته جنهن مهل صدر صاحب ايندو ان مهل هنن کي ڪيترا جملا ڳالهائڻا آهن، ۽ ڪٿي کين خاموشي اختيار ڪرڻي آهي. هنن کي پنهنجا ڏک شاهي پروٽوڪول ۾ بيان ڪرڻا آهن ۽ان جو به دائرو مخصوص آهي. اهو ئي سبب هو جو هن ڀيري هن ملڪ جي سڀ کان وڏي عوامي پارٽي جي چيئرمين کي انهن ماڻهن پنهنجا ڏک نه ٻڌايا جن کيس ووٽ ڏئي هن ملڪ جي اقتدار جو منصب سونپيو هو، اها ٻي ڳالهه  آهي ته جڏهن هنن کي ٻڌايو ويو هو ته صدر زرداري وٽن اچي ٿو تڏهن هنن اهو ضرور سوچيو هو ته ”زرداري ايندو ۽ اسان جا ڏک ميڙي ويندو.“

razak.khatti@gmail.com