عبرت پوسٽ

ايڊيٽر جو خط جي متن سان متفق هئڻ ضروري ناهي


 

عبرت: ”آڏو ٽڪر ٽـَر ُ“ جي للڪار جهڙي اخبار

عثمان ڏيپلائي مرحوم کان قاضي برادران 1958ع جي آگسٽ مهيني ۾ هفتيوار ”عبرت“ خريد ڪري ”سنڌ موٽرس“ جي سندن انهيءَ زماني جي آفيس مان روزنامه ڪري شايع ڪرائي، جنهن جو پهريون پرچو وڏي ڌام ڌوم سان شيخ علي محمد مرحوم جي ادارت ۾ 14 آگسٽ تي شايع ڪيو ويو. جيڪو سلسلو اڃا تائين جيئن جو تيئن بنا ڪنهن وقفي جي جاري ۽ ساري آهي. اهوئي سبب آهي جو اڄ سنڌ جي قومي اخبار روزاني عبرت پنهنجي ڄمار جا 50 سال پورا ڪندي پنهنجي 50 هين سالگرهه کي ”گولڊن جوبلي“ طور ملهائي رهي آهي، جنهن خوشيءَ ۾ سنڌ جو سمورو عوام ساڻس شامل آهي. ”عبرت“ کي پنهنجي ڄمار جي گهاريل سنهري ڏهاڙن تي سالگره مبارڪ هجي.

سنڌ جي ساڃاهه وند ماڻهن لاءِ اها ڪيڏي نه خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته سنڌي سماج جو ڪو غير سرڪاري ادارو اڌ صديءَ جو سفر خوش اسلوبيءَ ۽ ايمان جي سلامتيءَ سان طئي ڪري ۽ اهو به وڏي ڪاميابيءَ سان ڪري وڃي ته ان کي اسان جي مخصوص سماجي پسمنظر ۾ وڏي ڳالهه سمجهڻ گهرجي. ان ڪري آئون هن اداري جي ڪامياب 50 هين سالگرهه جي مبارڪباد ”عبرت سٿ“ جي جاکوڙي ورڪرن سان گڏ سنڌي سماج کي به ڏيڻ گهران ٿو. اڄ مون کي هن اداري ۾ لکندڙ ۽ ڪم ڪندڙ ورڪرن کي جس ڏيڻ تي بيحد سرهائي محسوس ٿئي ٿي. روزاني ”عبرت“ جي سموري سٿ جي ايمانداريءَ سان ڪيل صحافتي ذميوارين ۽ سماج جي اولڙي، آئيني واري ڪردار تي نظر وجهڻ کان پوءِ ”عبرت“ مون کي سؤ سيڪڙو 1970ع واري ڏهاڪي ۾ گارجين اخبار جي ايڊيٽر سي پي سڪاٽ جي چيل هنن لفظن تي پورو لهندي نظر اچي ٿي، جنهن چيو ته: ”هڪ اخبار لاءِ ضروري آهي ته هو ايماندار ۽ بهادر هجي ۽ پنهنجي پڙهندڙن ۽ برادريءَ ڏانهن ذميوار هجي.“ سنڌ جي زندگي موت جهڙن مسئلن تي جن ۾ پاڻي، ناڻي، وفاقي ادارن ۾ نوڪرين جي ڪوٽا، سنڌ جي ٻيٽن جو وڪرو، سنڌ جي حقن ۽ دنگن تي ڌاڙن ۽ ارهه زورائين تي رڪ جي ديوار بڻجي ڌرتيءَ ڌڻين جي ڀر وٺي بيٺي آهي. هاري، مزدور، بيروزگار نوجوانن لاءِ روزگار جي بند پيل دروازن کي کولرائڻ لاءِ ايوانن اندر تهلڪو مچائيندي نظر آئي آهي. آبادگارن کي فيڪٽرين ڏانهن اماڻيل ڦٽين جا صحيح مناسب اگهه نه ملڻ، مقامي مزدورن لاءِ ملز جا دروازا نه کولڻ تي ملز مالڪن جي اهڙن روين تي کين ڇنڊ پٽڻ لاءِ سگهارا اداريه ۽ آرٽيڪل ڇاپڻ ته سندس منشور ۾ شامل آهي، جنهن ڪري هيءَ سنڌي ٻوليءَ جي اها وڏي عمر واري واحد سنڌي اخبار آهي، جيڪا هر مڪتبِ فڪر جي ماڻهن جي محفلن جي زينت بڻجي ٿي. هن جو ايڊيٽوريل پيج ايترو ته سگهارو پئي رهيو آهي جو ان کي هڪ ڀيرو پڙهڻ کان پوءِ ٻي اخبار کي پڙهڻ جي ٻاڙ نه ٿي لڳي، جنهن ۾ معاشري جي مڪمل عڪاسي ٿيل هوندي آهي، جنهن جي زينت امداد، عاجز، ظفر ۽ ٻيا کوڙ سارا دوست رهيا آهن. سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ تي هن ڪڏهن به ناهي ڪيٻايو. هن اهڙي ڪنهن به عوام خاطر آيل مشڪل موڙ تي ڪٿي به هيڻي ناهي ٻولي. هر موڙ ۽ محاذ تي ”آڏو ٽڪر ٽر“ جي للڪار بڻي آهي. حق ۽ باطل واري جنگ ۾ هن اخبار هر ڀيري ڀير تي ڏونڪو هڻي مظلومن سان پاڻ ملهائيندي شاهه لطيف جي سٽ ۾ اهائي للڪار ڪندي چيو آهي ته:

آڏو ٽڪر ٽـَر ُ، متان روهه رتيون ٿئين.

-   مولائي ملاح

 

قبائلي علائقن ۾ امن جي صورتحال

ملڪ ۾ واقعي امن و امان مسئلو بڻجي رهيو آهي. خاص ڪري سرحدي قبائلي علائقن ۾ جتي ويڙهاڪن طرفان روزانو ڪيترن ئي بيگناهه کي ماريو پيو وڃي. طالبان پاران سوات ۾ جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي، انتهائي افسوس جوڳو آهي. ڇو ته طالبان پاران سرڪاري اسڪول جن ۾ نياڻين کي تعليم ڏني ويندي آهي، تن کي ساڙيو پيو وڃي ۽ پوليو مهم کي پڻ اِنهي علائقي ۾ هلائڻ تي پابندي لڳائي ويئي آهي. سرڪاري آفيسن ۽ حڪومتي عملدارن تي حملا ڪيا پيا وڃن. طالبان جي ڪارروائين سبب پاڪستان دنيا اندر بدنام ٿي رهيو آهي. بيت الله محسود پاران سرحد حڪومت کي پنجن ڏينهن ۾ استعيفيٰ ڏيڻ جي الٽيميٽم جي خاتمي کان پوءِ نه صرف اِهو جو مولانا فضل الله ڪافي عرصي کان پوءِ منظر عام تي اچي ويو پر اِنهي سان گڏوگڏ سوات ۾ ساڳيون حالتون پيدا ڪيون ويون جن کي مشڪل سان ڪنٽرول ڪيو ويو هو، انهي مان اِهوئي اندازو ٿئي ٿو ته جيڪو ڪجهه به قبائلي علائقن ۾ ٿي رهيو آهي، اِهو عالمي ايجنڊي موجب ئي ٿي رهيو آهي. اِنهي حقيقت کان انڪار ڪونهي ته سوات جا طالبان هجن يا ڪنهن ٻئي علائقي جا ويڙهاڪ، اِهي سڀ بيت الله محسود جي قيادت ۾ متحد آهن. بيت الله محسود جي ئي اشاري تي مختلف علائقن ۾ فوجين خلاف ڪارروايون ٿي رهيون آهن. موجوده حالتن ۾ نه صرف حڪومت جو اِهو ڪم آهي ته هو امن امان جي بحالي جي حوالي سان قبائلي علائقن ۾ رهندڙ مذهبي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪري پر خود حڪومت مخالف سياسي اڳواڻ پڻ اِنهي سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، ڇو ته هن ملڪ اندر خاص ڪري صوبي سرحد ۾ جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي، اِهو نه صرف حڪومت جي نقصان ۾ شامل ٿيندو پر خود مخالف پارٽيون پڻ اِنهي جي نذر ٿي وينديون.

-  نديم علي خواجه

زرعي يونيورسٽي جا ڪلاس ڪڏهن هلندا؟

زرعي يونيورسٽي جي ڪلاسن کي هلئي ٽن مهينن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي. گذريل ٽن مهينن کان ڪلاس بند هئڻ سبب امتحان جو شيڊول پڻ پوئتي ڪيو ويو، جنهن سبب شاگرد سخت پريشان آهن. جڏهن ته ٻئي پاسي زرعي يونيورسٽي جي ملازمن جي احتجاج کي پڻ ٻيو مهينو هلي پيو پر اڃا تائين اهو مسئلو به حل نه پيو ٿئي. تازو پير مظهر طرفان 5 رڪني ڪميٽي ٺاهي وئي، جنهن ۾ پ پ ايم پي اي امير شاهه ڄاموٽ، صوبائي وزير علي نواز شاهه، پ پ ايم پي اي پير امجد شاهه، ڊاڪٽر ايس ايم قريشي ۽ گورنر جو هڪ نمائندو شامل ڪيو ويو هو، جيڪو 5 آگسٽ تي زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام اچڻا هئا پر سندن پروگرام ڪينسل ٿي ويو. جيڪڏهن اها ڪميٽي انهي تاريخ تي ٽنڊو ڄام يونيورسٽي اچي ها ته شايد اهو ملازمن جي احتجاج وارو مسئلو حل ٿي وڃي ها.

انهي بي يقيني واري صورتحال ۾ يونيورسٽي اندر پنجن ئي فيڪلٽين ۾ آفيسن کي تالا ڏنا پيا آهن. هاسٽلون بند آهن، ۽ جيڪي پروفيسر وغيره يونيورسٽي ۾ اچن ٿا سي به اسٽاف نه هئڻ سبب پريشان آهن. شاگرد جيڪي پري پري کان ڪرايا ڀاڙا ڀري پڙهڻ اچن ٿا، جنهن ۾ ڪيترائي ايم ايس سي، بي ايس سي ۽ پي ايڇ ڊي جا شاگرد پريشان آهن. پر انهن جو اچڻ به بي فائدي بڻيل آهي. ڪو وقت هو جڏهن هي يونيورسٽي پوري پاڪستان ۾ تعليم ۽ تربيت جي لحاظ کان بهترين يونيورسٽي مڃي ويندي هئي. پر اڄ هرڪو هن يونيورسٽي کي بند يونيورسٽي جي نالي سان سڏي ٿو.

زرعي يونيورسٽي جا شاگرد چاهين ٿا ته اهو بند يونيورسٽي جو ڌٻو يونيورسٽي تان لاٿو وڃي ۽ کيس باقاعدي هڪ ماڊل يونيورسٽي بنايو وڃي ۽ ڪلاس جلد کان جلد شروع ڪيا وڃن، جيئن شاگردن جو مستقبل بچي سگهي.

عبدالرحمان جروار (ٽنڊو الهيار)

 

تعليم واري صوبائي وزير کي گذارش

سائين اوهان سان عقيدت رکندڙ استاد هڪ ننڍي گذارش عرض رکن ٿا. اوهان جا بيان پڙهي دل ڏاڍي خوشي ٿيندي آهي ته هاڻي عوامي راڄ آهي، عوامي وزيراعليٰ آهي ۽ عوامي وزير تعليم آهي. اسان سان ارباب رحيم جي وڏ وزارت واري دور کان هلندڙ ناانصافيون اڄ به قائم آهن. پنهنجا حق گهرڻ تي ظالمن ڪراچي ۾ استادن مٿان لٺيون وسائي ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس استعمال ڪري، استادن مٿان گولين جو مينهن وسايو. ڇاڪاڻ ته اهي استاد پنهنجا حق گهرڻ لاءِ اتي گڏ ٿيا هئا، جنهن ۾ عورتن استادن سان گڏ بزرگ استاد به شامل هئا. انهن کي رستن تي گهلي رسوا ڪيو ويو ۽ ڪجهه استادن کي جيلن ۽ ٿاڻن تي بند ڪيو ويو. اسان استادن جا مطالبا هئا، ترقيون، ٻين صوبن جي برابر حق ۽ مهانگائي مطابق پگهارن ۾ اضافو وغيره معاشري ۾ عزت جو مقام رکندڙ هن معزز پيشي سان تعلق رکندڙ استادن جو قصور صرف اهو هو ته هنن ڪجهه رازن تان پردو کنيو هو. اهي راز هئا سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، ادبي بورڊ ۽ تعليم کاتي جي اهم پوسٽن تي نوان ۽ جونيئر ماڻهو رکيا ويا. قابل ۽ سينئر استادن جي تذليل ڪئي وئي، انهن کي پنهنجا حق گهرڻ تي جبري موڪل يا ڊس مس ڪرڻ جا احڪام جاري ڪيا ويا. ڳوٺاڻي تعليم لاءِ جيڪي پيسا مليا، انهن کي خرد برد ڪيو ويو ۽ ان وقت جي وزير تعليم حميده کهڙو وڏيون وڏيون گاڏيون گهرايون ۽ ٽي وي ۽ اخبارن ۾ وڏا وڏا اشتهار ڇپرائي پنهنجون تصويرون لڳرايون. استادن جو قصور صرف اهو هو ته انهن هن مسئلي جي نشاندهي ڪئي. انهن حرڪتن کان پوءِ استاد تنظيمن تي پابندي لڳائي وئي. مگر استاد پڙهيل لکيل هئا تن هن ناانصافي خلاف هاءِ ڪورٽ جو در کڙڪايو. ان وقت جي چيف جسٽس استادن جي حق ۾ فيصلو ڏنو ۽ سندن نوڪريون بحال ڪيون. تڏهن به هي نه مڙيا ۽ سپريم ڪورٽ ۾ 60 لک رپيا خرچ ڪري اپيل داخل ڪئي. آخرڪار سنڌ جي راڻي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي عظيم قرباني کان پوءِ عوامي حڪومت وجود ۾ آئي ته استادن سک جو ساهه کنيو. عوامي پارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري پنهنجي وزيرن کي چيو ته عوام جا مسئلا حل ڪريو. ماشاءَ الله اسان جي تعليم کاتي جو وزير استاد دوست، ڏاهو ۽ ديانتدار ماڻهو آهي ۽ هن پنهنجي بيانن ۾ انصاف جي خاطري ڪرائي آهي. اسان جي التجا آهي ته ڪاليجي استادن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ پنهنجي ذاتي دلچسپي وٺي واسطيدار آفيسرن کي حڪم ڏيندا ته مهرباني ٿيندي.

1 - اسسٽنٽ پروفيسر بي پي ايس 18 جي ڊي پي سي ويهاري 19 ۾ ترقي ڏني وڃي.

2 - ڪاليجي استادن کي اپ گريڊ ڪيو وڃي

3 - هر سال سينارٽي لسٽ جاري ڪري سال ۾ ٻه دفعا ڊي پي سي جي ميٽنگ گهرائي خالي جاين تي ترقي ڏني وڃي.

4 - ڪاليجن ۾ خالي جاين تي ليڪچرارن جي مقرري ڪئي وڃي.

5 - 17 کان 18هين ۾ استادن جا پروموشن ڪيا وڃن.

6  -  ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته 18 کان 19 گريڊ ۾ خواتين استادن جي سمري وزيراعليٰ وٽ پهچي چڪي آهي، مگر مرد استادن جي اڃا ڊي پي سي به نه ٿي آهي.

حافظ عبدالقدوس ميمڻ

۽ ٻيا استاد