بندر روڊ - گلاب جي پاڻي سان ڌوتو ويو ٿي

 الطاف شيخ


(ٻيو ۽ آخري حصو)

 زعفران سنهڙن ڪکن بلڪه ڌاڳن جهڙي گيڙو رنگ جي ٿئي ٿي جيڪا گُلن جي مٿان وچ ۾ ٿئي ٿي. اهو گل سئفران  ڪروڪس سڏجي  ٿو جنهن جو سائنسي  نالو  Crocus  Sativus   آهي.  ننڍي کنڊ ۾ اهو ڄمون  ۽ ڪشمير ۾ٿئي  ٿو. هر گل ۾ زعفران   جا ٽي  چار انچ ڏيڍ جا ڌاڳا نڪرن ٿا جيڪي سُڪايا وڃن ٿا. بارسلونا (اسپين)  جي دڪان تان آئون دوستن لاءِ  زعفران خريد ڪندو هوس، ان جي مالڪ هڪ دفعو اسان جي  جهاز جي سڄي عملي کي پنهنجي سئفران  ڪروڪس  گلن جي پوک به ڏيکاري. هن ٻڌايو ته هڪ سئو گرام (يعني  هڪ ڪلو گرام تورجو به ڏهون حصو)  زعفران  حاصل ڪرڻ لاءِ  گهٽ ۾ گهٽ ڇهه هزارن کان ست هزار گل ٿا  کپن! ان ڪري زعفران  دنيا جو مهانگي ۾ مهانگو مصالو  Spice سڏيو وڃي ٿو. هن ٻڌايو ته  زعفران جي اصل ڌرتي ايران وارو خراسان  صوبو آهي. جنهن ۾ هي شهر مشهد به اچي وڃي  ٿو.  هڪ ڏينهن مشهد کان ٽئڪسي ذريعي نيشاپور وڃي رهيو هوس (جتي عمار خيام ۽ فريد دين عطار جهڙن شاعرن جا به مقبرا آهن) ته رستي تي قدمگاهه  کان اڳ ملڪ آباد نالي هڪ ڳوٺ آيو جتان  منهنجي ٽئڪسي ڊرائيور  گاڏي بيهاري سائلنسر  جو پائيپ ويلڊ ڪرايو. هي ٻهراڙي وارو علائقو هو جتي جي ريسٽورنٽ ۾ ويٺل  ڳوٺ جي هارين ٻڌايو ته هنن جو  گذر  سفر زعفران  تي آهي. ”هاڻوڪي صدر محمود احمد نجاد کان اڳ کين سندن  فصل جا تمام  ٿورا پئسا ٿي مليا. وڏو  فائدو وچ وارا دلال کائي ويندا هئا پر هاڻ اسان کان حڪومت سنئون  سڌو  زعفران خريد ڪري ٿي ۽ اسان  کي ان جو وڏو  اگهه مليو وڃي ۽ هاڻ اسان تمام گهڻو خوش آهيون. مون  واري ڊرائيور جنهن ترجمي جو به  ڪم ڪيو ٿي تنهن هنن هارين  جي ڳالهه جو ترجمو ڪندي ٻڌايو ته  زعفران  جي پوک  تي وڏي محنت ٿي گهرجي. ”هن صوبي خراسان  کان علاوه ڪرمان  ۾ به ڇهه هزار کن هيڪٽرن تي زعفران جو فصل ٿئي ٿو. زعفران سخت  قسم جي موسم ۾ سٺو ٿئي ٿو يعني اونهاري  ۾ گرم ۽ خشڪ  ته سياري ۾ ٿڌ واري موسم زعفران  جي پوک  لاءِ بهتر  آهي.“

زعفران جي پوک  لاءِ ڌرتيءَ جو سڌو  ۽ بناوڻن جي هجڻ ضروري چيو  وڃي ٿو جيئن سج جا ڪِرڻا سڌا پون. هن ٻڌايو ته ايران  جا هاري زعفران جي پوک  ۾ ڪو به ولائتي  ڀاڻ  Fertilizer  استعمال نٿا ڪن. يعني هنن جي پوک سئو سيڪڙو  Organic  آهي.”زعفران جي پوک ۽ لڻائي تمام گهڻي محنت طلب ۽ ڏکي ٿئي ٿي جنهن لاءِ ڪيترن ئي ماڻهن جي ضرورت  آهي،“ هن  ٻڌايو، ”لُڻائيءَ  وقت  هڪ هڪ گل ڪري پٽجي ٿو  ۽ ان مان هي خوشبوءِ  وارا زعفران جا ڌاڳا Stigmas  ڪڍجن ٿا. هي ڪم صبح جو سوير سج  اُڀرڻ کان اڳ ڪيو وڃي ٿو ۽ گلن  جو صحيح طرح کڙڻ جو مُدو فقط 15 کان 20 ڏينهن  تائين رهي ٿو.“

 گُلن مان زعفران جا هي ڌاڳا Stigmas  ڪڍڻ بعد انهن کي ڇانوري ۾ اهڙي هنڌ سُڪايو وڃي ٿو جتي ڪجهه تپش ۽ خشڪ هوا هجي. اهي پنجن کان ستن ڏينهن تائين سُڪايا وڃن  ٿا ۽ ان بعد انهن کي پئڪ ڪيو وڃي ٿو.

ايران  ۾ هڪ ڳالهه سٺي آهي ته هتي جي ٻهراڙين ۾ ملائيشيا  ۽ پنجاب وانگر  (جتي جي ڳوٺاڻي آدم شماري پڻ  سئو سيڪڙو مسلمانن  جي آهي) مرد هارين  سان گڏ سندن زالون ۽ ڌيئرون به ڪم ڪن ٿيون. اسان وٽ سنڌ ۾ پهرين جيڪو ڦُٽين جو چونڊو وغيره هارين جون زالون  ڪنديون هيون، اُهو به هاڻ اهي پئسا ڏيئي ڏهاڙي جي باگڙي مزورن  ۽ انهن جي  زالن کان ڪرائين ٿا،  ان کان علاوه  اڄڪلهه  جي ٽي وي چئنلن  ۽ ڪئبلن  ڪري اسان جي سنڌ جي هاريءَ کان  اونداهي واري صبح کان  اُٿيو نٿو  ٿئي. رات جو دير تائين ٽي وي ڏسي سمهڻ ڪري هن جي جڏهن صبح جو اک کُلي ٿي ته پاڇا مٿي چڙهي چڪا هوندا آهن.  ان گهٽ Input (محنت) ڪري فصل جي  Out put ۽ ڪمائيءَ  ۾ ڪافي کوٽ اچي ٿي. TV  وغيره جيتوڻيڪ هتي ايران  ۽ هوڏانهن  ملائيشيا  ۾پڻ آهي، پر اُتي جو هاري ۽ ڳوٺاڻو اڄ به سوير  سمهي ٿو -سوير اٿي  ٿو. ۽ ڳوٺاڻو  اڄ به سوير  سُمهي ٿو سوير  اُٿي  ٿو.

بارسلونا  (اسپين) جي مٿئين دڪاندار ۽ زعفران جي  پوک جي ان زميندار ٻڌايو ته زعفران جي پوک سندن  ملڪ  اسپين ۾ عرب مسلمانن  961ع  ڌاري شروع ڪئي. 

اهڙي طرح دنيا جي ٻين ملڪن ۾پڻ زعفران  جي پوک  عام ٿي. اڄڪلهه آمريڪا  ۾ رهندڙ  ايراني ڪئليفورنيا   رياست ۾ زعفران پوکڻ جو تجربو ڪري رهيا آهن. بهرحال هر ملڪ ۾ اتي جي ڌرتي Soil  ۽ موسم بابت ڪجهه  مختلف رنگ ۽ خوشبوءِ سان زعفران ٿئي ٿي پر بنيادي  طرح معيار طور هن کي خراسان (ايران)  جي زعفران سان  ئي ڀيٽو وڃي ٿو.

 انڊيا ۽ ٻين ملڪن ۾ زعفران ڪپڙا رڱڻ  جي به ڪم اچي ٿي جو هن  ۾  Crocin   نالي ڪيميڪل  آهي جيڪو رنگ جي ڪم ٿو اچي، پراڻي زماني ۾ انڊيا ۾ خاص ڪُپڙا  زعفران سان رڱيا ويندا هئا. گوتم ٻُڌجي مرڻ  کان پوءِ  هن جي ٻاونَ پنهنجن ڪپڙن جو زعفراني (گيڙو) رنگ مقرر ڪيو.

 زعفران  مصالحي توڙي رنگ ۽ خوشبوءِ طور قديم زماني کان هلندي اچي. ڪلوپيترا جي ڪهاڻي پڙهڻ وارن  کي خبر  هوندي ته هوءَ زعفران  مليل پاڻي جي ٽب ۾  وهنجندي هئي. مصر جا حڪيم بادي، قبضي ۽ دستن  جهڙين  بيمارين جو علاج زعفران سان ڪندا هئا. يونان جا شهنشاهي  محل، ڪورٽون، ٿيٽر ۽ ناچ جا ڪمرا زعفران سان معطر ڪيا ويندا  هئا.  اهي ڪهڙا ته سکر ۽ سهڻا ڏينهن هئا،  جڏهن نيرو اٽلي جي شهر روم ۾ داخل ٿيو هو ته روم جي گهٽين کي زعفران  سان ڌوتو ويو هو. اسان لاءِ ته ڪراچي جا اهي ڏينهن  به سهڻا ۽ سڪون  وارا هئا، جڏهن ڪراچي جو ميئر جمشيد نسرونجي هو ۽ روزانو  بندر  روڊ (سعيد منزل  کان ٽاور تائين) وارو رستو گلاب جي  پاڻيءَ سان ڇڻڪار  ٿيندو هو!