|
مواخذو يا استعيفا؟ علي آڪاش پاڪستان جي تاريخ ۾ هيءُ پهريون ڀيرو آهي، جو آئيني طريقيڪار سان، مملڪت جي سربراهه کي هٽائڻ جون تياريون زور شور سان ٿي رهيون آهن. هاڻوڪي اتحادي حڪومت کي اهڙو ڪم، حڪومت ٺاهڻ کان پوءِ ترت ڪرڻ کپندو هو، پر، سياسي حڪمت عملين ۾ ترجيحي غلطين سبب، انهيءَ معاملي ۾ نه رڳو دير ٿي، پر، حڪومتي اتحاد جي مک ڌرين پ پ پ ۽ نواز ليگ وچ تي تلخيون به پيدا ٿيون، ته دوريون به. اعلان مريءَ جي جاءِ تي اسلام آباد اعلان نامي اچڻ سان حالتن تيزيءَ سان ڦيرو کاڌو آهي، ۽ حڪومتي اتحاد ۾ مضبوطي ڏسجي رهي آهي. هيٺ مواخذي جي طريقيڪار ۽ ان سان لاڳاپيل مرحلن توڻي نون پيدا ٿيل امڪانن تي روشني وجهجي ٿي: (1) مواخذي جي آئيني وضاحت ۽ طريقيڪار پاڪستان جي آئيني فقري: 47 جي شق: 1 پٽاندر ملڪ جي صدر جي مواخذي لاءِ ٽي لازمي ڪارڻ ڄاڻايا ويا آهن: (1) جسماني يا دماغي حالت درست نه هئڻ ، يا (2) دستور جي انحرافي/ ڀڃڪڙي (3) اڻوڻندڙ غيرواجبي هلت ساڳي فقري جي هيٺين شقن ۾ ڄاڻايو ويو آهي، ته مٿئين حالت/ حالتن ۾ ٻنهي ايوانن، سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي، جي ميمبرن جو، گهٽ ۾ گهٽ اڌ تعداد، اسيمبليءَ جي اسپيڪر/ چيئرمين کي لکت ۾، پنهنجي ارادي کان واقفيت ڏيندي، قررداد پيش ڪرڻ جو اطلاع ڏيندا، جنهن ۾ آئيني گهرجن ۽ وضاحتن جي روشنيءَ ۾ چارج شيٽ به شامل هوندي. اهڙي مليل چارج شيٽ جي ڪاپي، ٽن ڏينهن اندر صدر ڏانهن اُماڻي ويندي، ۽ نوٽيس ملڻ جي گهٽ ۾ گهٽ ستن ۽ وڌ ۾ وڌ 14هن ڏينهن اندر، ٻنهي ايوانن جو گڏيل اجلاس سڏايو ويندو، جنهن ۾ مواخذي جي قرارداد جي مواد تي بحث کان پو”، انهيءَ جو فيصلو ڪيو ويندو. جيڪڏهن ٻنهي ايوانن جي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت قرارداد جي حق ۾ ووٽ/ راءِ ڏئي ٿي، ته مواخذو ڪامياب ٿي ويندو. انهيءَ ڪارروائيءَ ۾ ملڪ جي صدر کي اهڙو حق ڏنو ويو آهي، ته اهو پنهنجي مٿان لڳايل الزامن جو پاڻ دفاع ڪري، يا انهيءَ مقصد لاءِ پنهنجو ڪو نمائندو موڪلي. آئين ۾ صدر جي دفاع بابت ڪا وضاحت نه ٿيل آهي، هيئن ته: جيڪڏهن صدر اهو سمجهي، ته ايوانن جي اڪثريت ساڻس بي واجبي ڪئي آهي ته اهو عدالت يا ٻئي ڪنهن هنڌ تي اپيل ڪري سگهي ٿو. انهيءَ حساب سان ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت کي ئي سگهارو ۽ فيصلائتو بندوبست قرار ڏنو ويو آهي. (2) ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت هن وقت قومي اسيمبليءَ جي 339 ۽ سينيٽ جي 100 ميمبرن سميت ٻنهي ايوانن جا ووٽ 439 آهن، جڏهن ته ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت 95/294 ووٽن سان جڙي ٿي، حڪومتي اتحاد جي نظر ايندڙ ووٽن جو تعداد 254 آهي، انهيءَ جو مطلب آهي ته کين اڃا 40 کان وڌيڪ ووٽن جي گهرج آهي. جيتوڻيڪ ق ليگ ۽ ايم ڪيو ايم ، جنرل مشرف جي طرفداري ۽ پاسداريءَ ۾، سندس پراڻن احسانن جي مڃتا طور، مواخذي جي ڄمي مقابلي ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي، پر، سندن مواخذي کي ناڪامياب ڪرڻ وارين جي دعوائن ۾، ڪا گهڻي سگهه نظر نه پئي اچي. ق ليگ ۾ اندروني سطح تي وڏيءَ حد تائين ڀڃ ڊاهه عمل ۾ اچي چڪي آهي ۽ ايم ڪيو ايم سنڌ اسيمبليءَ ۾ مواخذي جي حق ۾ پيش ٿيندڙ ٺهراءَ خلاف ايوان ۾ ويهي ووٽ وجهڻ بدران بائيڪاٽ ڪري، پنهنجي لاءِ سنڌ حڪومت ۾ نرم ڪنڊ محفوظ رکي آهي. ان کي چئبو آهي سياست، يعني جنرل مشرف به خوش ته سنڌ حڪومت به راضي. بهرحال، سنڌ ۾ مواخذي واري معاملي تي ايم ڪيو ايم جي ڪمزور احتجاج به سندن مشرف - دوستي جي، ڪنهن قدر پت وائکي ڪئي آهي. انهيءَ حساب سان، جيڪڏهن صورتحال مواخذي جي جڙي ٿي، ته وڏا امڪان اهي آهن ته حڪومتي اتحاد ڪامياب ويندو. (3)صوبائي اسيمبلين جا ٺهراءَ اِهو صحيح آهي، ته صدر جي مواخذي جي معاملي ۾، صوبائي اسيمبلين مان پاس ڪيل ٺهرائن جي قانوني ۽ آئيني حيثيت ڪابه ناهي، ڇاڪاڻ ته صدر جي مواخذي لاءِ آئين ۾ ڏنل طريقيڪار ۽ گهرجن ۾، صوبن جي لاءِ جو ڪو به ذڪر ناهي. ان هوندي به، هيئن چئجي، ته اهي ٺهراءَ ڪنهن به اهميت کان خالي آهن، ته ، تڏهن به ڳالهه نه جڙندي. انهن ٺهرائن جا مکي ٻه پهلو آهن. پهريون پهلو سياسي اخلاقيات سان لاڳاپي ۾ آهي. پاڪستان جو صدر، ملڪي وفاق جو سربراهه آهي. انهيءَ جا گهڻي ڀاڱي اختيار، وفاق ۽ صوبن جي رشتي سان لاڳاپيل آهن. جڏهن ته پاڪستان جو وفاق ملڪ جا چارئي صوبا ملي ٺاهين ٿا. انهيءَ حساب سان، جڏهن ملڪ جون چارئي اڪائيون/ وحدتون، صدر کي، ملڪ جي سربراهه طور قبول ئي نه ڪن، ته اخلاقي طرح، ملڪ جي صدر کي پنهنجي عهدي کان ڌار ٿي وڃڻ گهرجي. انهن ٺهرائن جو ٻيو پهلو، سياسي اٽڪل سان لاڳاپو رکي ٿو. يعني ٻنهي ايوانن جي اجلاس ۾ مواخذي واري ڪارروائي هلائڻ کان اڳ ئي، صدر تي دٻاءُ وجهڻ ته اهو اڳتي جنم وٺندڙ حالتن کان بچڻ لاءِ حڪومت کان ڌار ٿي وڃي. (4) آمريڪي موقف هيءَ جنرل مشرف جي اڀاڳائي ئي چئجي،جو مواخذي جي معاملي ۾ ، آمريڪا سندس ڪا به حمايت ڪرڻ جي خيال ۾ ناهي. هيءُ اهو ئي جنرل مشرف آهي، جنهن پويان نو سال ملڪ تي وڏي دٻدٻي ۽ رعب سان حڪومت ڪئي، خاص طرح آمريڪي آشيرواد ۽ ڇانوَ ۽ انهيءَ جي شفقت جا ڪڪر ته مٿس ڪڏهن به نه گهٽيا ۽ هٽيا هئا، پر اوچتو ئي کيس اڪيلو ڪيو ويو آهي. آمريڪا لاءِ هونءَ به مشهّور آهي ته هن کي حڪومتن ۽ حڪمرانن کان وڌيڪ پنهنجين پاليسين ۽ انهن پاليسين سان لاڳاپيل مفادن سان واسطو هوندو آهي. انهيءَ هڪ بنياد تي سندس دوست ۽ دشمن بدلبا رهندا آهن ۽ ڪن حالتن ۾ دوست ڦري دشمن ۽ دشمن ڦري دوست بنجي پوندا آهن. هن نئين اتحادي حڪومت جي ٺهڻ کان پو”، جنرل مشرف جي معاملي ۾ آمريڪا، حڪومت مٿان اهو دٻاءُ وجهندو رهيو، ته کيس قبول ڪيو وڃي، پر وقت گذرڻ سان گڏ، جنرل مشرف جي معاملي تي صورتحال هٿن مان وڃڻ لڳي، ۽ ايندڙ حالتون ڪا غير يقيني تصوير پيش ڪرڻ لڳيون، ته کيس هڪ وک پوئتي اچڻو پيو. آمريڪا جي رويي ۾ اهڙي تبديليءَ پويان موجوده حڪومت جي ڊگهين “ڳجهه ڳوهه ۾ هلندڙ ڳالهين کي به گهڻيءَ حد تائين دخل آهي، جن هيٺ کيس اها پڪ ڏياري ويئي آهي ته سندس پاليسين کي جاري رکيو ويندو، انهيءَ مقصد لاءِ هروڀرو جنرل مشرف کي سندن ڳچيءَ ۾ نه وڌو وڃي. اهو ئي ڪارڻ آهي، جو آمريڪا، جنرل مشرف جي مواخذي کي ملڪ جو اندروني مامرو قرار ڏئي ٿو ۽ هن پنهنجو پاليسي بيان جاري ڪيو آهي، ته آمريڪا نئين حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهي ٿو. انهيءَ مان صاف ظاهر آهي ته مواخذي جي حد تائين آمريڪا، جنرل مشرف جي پاسي نه آهي، پر تنهن هوندي به، آمريڪا ، پوريءَ طرح منجهانئس هٿ ڪڍڻ لاءِ تيار نه آهي، ۽ سندس ڏنل خدمتن بدلي، آمريڪا هن لاءِ ٿورو گهڻو ڪردار ادا ڪرڻ گهري ٿو. انهيءَ جو بيان اڳتي ايندو. (5) اٺونجاهه ٽو بي هيءُ معاملو صدر ۽ پارليامينٽ وچ تي واضح فرق جيئن موجود آهي. 1973ع اهڙو آئين آهي، جيڪو پارليامينٽ کي سڀني حڪومتي ۽ انتظامي اختيارن جو محور بڻائي ٿو؛ پر اڳتي هلي ، ايشيا جي ماڊل ڊڪٽيٽر آئين ۾ اٺين ترميم وسيلي صدر کي اختيارن جو محور بڻايو، انهن اختيارن جي بنياد تي ملڪ جو صدر سواءِ ڪنهن سبب ڄاڻائڻ جي چونڊيل عوامي حڪومت کي موڪلي سگهي ٿو. آئين فقري: 58 جي شق : 2 ۽ ان جي ننڍي شق ”ب“ ۾ لکيل آهي. (2) آرٽيڪل 48 جي فقري: 2 (يعني صدر انهن معاملن ۽ جن ۾ کيس دستور پٽاندر اختيار مليل آهي، پنهنجي مرضيءَ سان عمل /ڪارروائي ڪري سگهي ٿو. مطلب ٿيو ته سندس مرضيءَ سان ڪيل ڪم تي ڪو به سوال نه اٿاريو ويندو) ۾ بيان ڪيل (قانون) هوندي به، صدر قومي اسيمبليءَ کي پنهنجي خيال موجب برخواست/ گهرڀيڙو ڪري سگهي ٿو، جيڪڏهن سندس راءِ آهي ته: (ب) اهڙي حالت پيدا ٿي آهي جو وفاقي حڪومت دستوري فقرن پٽاندر هلائي نٿي سگهجي ۽ چونڊيل نمائندن کي اپيل ڪرڻ ضروري آهي.“ هيءُ ته ٿي ڪتابي ڳالهه، پر اهڙو جهيڙو، تڏهن کان هلندڙ آهي، جڏهن ملڪ ٺهيو ۽ سڀني اختيارن جو محور ۽ مختار گورنر جنرل کي بنايو ويو. جيڪڏهن غور سان جانچبو ته ايوب شاهيءَ کان اڳ تائين، مختلف گورنر جنرل جيئن پارليامينٽ کي گهر ڀيڙو ڪندا آيا، ۽ ضياءَ شاهي کان پوءِ اٺين ترميم وسيلي مختلف صدر جيئن عوامي حڪومتن کي برطرف ڪندا آيا، ته انهن ٻنهي معاملن ۾ ڪو به فرق ناهي. هتي گورنر جنرل ۽ صدر جي اختيار ۽ ان جي استعمال جي طريقي ۾ ڪو فرق ناهي. ائين چئجي ته اٺونجهاهه ٽو- بي جو لباس اٺين، ترميم يا سترهين ترميم، ڪهڙو به هجي، پر انهيءَ روح اڃا تائين انگريز سامراج وارو آهي. جڏهن کان صدر جي مواخذي جي ڳالهه هلي، تڏهن کان اٺونجاهه ٽو- بي جي تلوار هلڻ جي امڪانن کي به بحث هيٺ آندو ويو آهي، هيءُ اختيار جيڪو گهڻي وقت تائين آئين ۾ معطل رهيو، انهيءَ کي سترهين ترميم وسيلي ٻيهر آئين جو حصو بنايو ويو. انهيءَ کي صدر ۽ وزيراعظم جي اختيارن ۾ توازن جي بهاني سان آندو ويو آهي. جڏهن جمهوري قوتن ويجهو اها شق پارليامينٽ جي بالادستي جي منافي آهي. جيستائين هن ڀيري اٺونجاهه ٽو- بي جي استعمال جو تعلق آهي، ته ان معاملي جي ڪاميابيءَ جا گهڻا امڪان نظر نه پيا اچن. پاڪستاني سياسي تاريخ ۾ اها ڳالهه عام ڄاتل آهي، ته جڏهن به ملڪ جو صدر اهڙو انتهائي قدم کڻڻ ويندو آهي ته ان کي فوج جي مدد ۽ حمايت جي گهرج ٿيندي آهي. جيئن ته عوامي حڪومت کي گهر ڀيڙي ڪرڻ کان پوءِ عوامي اڀار ۽ احتجاج جا امڪان هوندا آهن، انهيءَ ڪري، جيستائين فوج جو راضپو ڄاتل ۽ پاتل نه آهي، تيستائين اهڙي قدم کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ اڳڀرائي نه ڪئي ويندي آهي. جيتوڻيڪ جنرل مشرف، فوج جو اڳوڻو سربراهه آهي ۽ سندس انهن حلقن ۾ اڃا تائين اثر رسوخ ۽ اها ئي به آهي، پر، اٺونجاهه ٽو بي جي استعمال جي معاملي تي فوج سندس پاسي بيٺل نه پئي ڏسجي، ۽ ان جو هيل ڪجهه ٻيو ئي ارادو آهي، جيئن ته فوج جو ارادو، پاڪستاني سياست ۾ فيصلائتي طاقت ڄاتو ويندو آهي، انهيءَ ڪري ، انهيءَ ارادي جي جنرل مشرف جي حق ۾ نه هئڻ، سندس پوزيشن توڻي اقتدار تي وڌيڪ برقرار رهڻ جي امڪان کي ڪمزور بنائي ڇڏيو آهي. (6) ايوان صدر ۾ ٿيل هڪ تقريب جو احوال تيرهين ۽ چوڏهين آگسٽ واري رات ايوان صدر ۾ آزاديءَ جي جشن جي سلسلي ۾ هڪ تقريب ٿي هئي ، جنهن ۾ راڳ رنگ جي محفل ۾ ملڪي فنڪارن کي ”ملي نغمن“ ڳائڻ لاءِ سڏايو ويو. انهيءَ تقريب ۾ پهرين لائين ۾ جنرل مشرف ۽ سندس وني صهبا مشرف، ميان محمد سومرو، چوڌري ڀائر، سنڌ ۽ سرحد جا گورنر ۽ کاٻي پاسي آخري سيٽ تي ڊاڪٽر شاهد مسعود ويٺل هو. سندس موجودگي مون کي عجيب لڳي، لڳو ته شايد کيس ايوان صدر ۾ ٿيندڙ تقريب ۾ شرڪت لاءِ خاص طرح گهرايو ويو آهي، پاڻ ڪيتري وقت کان وٺي، ”ميري مطابق“ پروگرام تي پابندي پوڻ سبب غائب ٿي ويو هو. خبر پيئي ته پاڻ هاڻي پي ٽي وي جا چيئرمين بنجي ويا آهن چڱو ٿيو، سندس روزگار جو مسئلو مستقل طور حل ويو. انهيءَ تقريب ۾ ماڻهن جي ميڙ هئا. اهي سڀ ماڻهو- جن کي جنرل مشرف نوازيو هو، جيڪي سندس ممنون ۽ ”مشڪور“ هئا ۽ اهي سڀ خاص ماڻهو جن جي ساٿ ۽ سهاري سان جنرل مشرف پويان اٺ نو سال وڏي رعب ۽ دٻدبي سان حڪومت ڪئي هئي. پر هاڻي هن لاءِ ڪجهه به نٿي ڪري سگهيا. هيترن ماڻهن هوندي، هڪ آمر حڪمران جي اڪيلائي، تاريخ جو ڪيترو ته وقت ڪڙو سچ هئي ۽ لڳو ٿي ته هيترن ماڻهن هوندي به جنرل مشرف ڪنهن کي ڳولي رهيو آهي: ”ميلي ۾ تون تنها تنها ڪنهن کي ڳولين ٿو“ انهيءَ تقريب دوران جنرل مشرف سگار پيئندو ٿي رهيو. پر سگار جي دونهون ڪنهن آمر جي اڪيلائي کي ته ختم نه ٿو ڪري سگهي. جڏهن جنرل مشرف تقريرڪرڻ لاءِ آيو ته سندس آجيان طور سڄو هال اٿي بيٺو ۽ ڪا مهل تاڙيون وڄنديون رهيون، جنرل مشرف سندس ٿورا مڃيندي کين ويهي رهڻ لاءِ چوندو رهيو پر سڀ نمڪ حلال ۽ وفادار سيٽن تي ڪيئن ٿي ويهي سگهيا، تاڙيون جو ڦهڪو ڪيئن ٿي بند ڪري سگهيا. هيءُ اهڙو لمحو هو. جڏهن مون کي ائين محسس ٿيو، ته هيءَ تقريب جنرل مشرف جي الوداعي تقريب آهي، ۽ ائين ٿي لڳو ته اها آجيان ۽ اها تاڙين جي گونجار ۽ ايوان صدر ۾ ان سطح جو ميڙو آخري ڀيرو آهي ۽ ان کان پوءِ سڀ ڪجهه تبديل ٿي وڃڻو آهي. (7) مواخذو ۽ استعيفا مٿي سڄي صورتحال جا مختلف زاويا ۽ پاسا پيش ڪيا ويا. پر سڀني کان غالب امڪان مواخذي بدران استعيفا وارو آهي. هيل تائين خبرون اهي به آهن ته جنرل جي مواخذي لاءِ چارج شيٽ به تيار ٿي چڪي آهي ۽ ذريعن پٽاندر اهو ڄاڻايو ويو آهي ته جنرل لاءِ ايندڙ 72 ڪلاڪ اهم آهن. حالتن مان اها ڄاڻي ملي رهي آهي ته جنرل مشرف استعيفا لاءِ تيار آهي. پر مامرو کيس ”محفوظ رستو“ ڏيڻ سان تعلق رکي ٿو.انهيءَ ڏس ۾ جنرل مشرف جو پنهنجو بيان پڻ اچي چڪو آهي ته هن سڄي صورتحال ۾ نواز ليگ پيچيدگي پيدا ڪري رهي آهي. جيتوڻيڪ نواز ليگ جنرل مشرف جو محاسبو چاهي ٿي، پر معاملو هيءُ آهي ته آمريڪا هن کي ڏنل وفاداراڻين خدمتن بدلي ۾ بچائڻ گهري ٿو، ته ساڳي وقت فوجي ۽ سگهارا حلقا پڻ کيس بچائڻ لاءِ سرگرم آهن، ڇاڪاڻ ته جنرل مشرف بهرحال سندن سربراهه رهيو آهي. ان ڪري اهي ڪنهن به طرح اهو نه چاهيندا ته سندس ”ٽرائل“ عمل ۾ اچي. جنرل مشرف کي محفوظ رستو نه ڏيڻ جي معاملي ۾ نواز ليگ جو سخت موقف سمجهه ۾ ايندڙ آهي، ڇاڪاڻ ته هر دور ۾ سزائن ۽ احتساب جي نشاني تي عوامي اڳواڻ ۽ عوامي حڪومتون ئي رهيون آهن، ڪنهن به فوجي اڳواڻ جو ڪو به احتساب نه ڪيو ويو آهي.هونءَ لڳي ائين رهيو آهي ته ڪجهه ڏينهن اندر مواخذي لاءِ گڏيل اجلاس جي سڏرائڻ کان اڳ ۾ جنرل مشرف ايوان صدر ڇڏي چڪو هوندو. پر سندس هاڻوڪي نازڪ صورتحال مان نڪرڻ توڙي مٿس لڳايل الزامن مان آجي ٿيڻ جو سڄو دارومدار آمريڪا ۽ ملڪي سگهارن حلقن جي اتحادي حڪومت سان ٿيندڙ ”انٽريڪشن“ تي آهي. بهرحال هيءَ سڄي صورتحال اهو واضح اشارو ڪري رهي اهي ته وقت جو ڪوبه آمر، پوءِ اهو ڪيترو به سگهارو ڇو نه هجي، نيٺ پنهنجي رسوائين سان ڀريل انجام تي پهچندو آهي ۽ جڏهن وقت ڦيرو کائيندو آهي، ته هو ميدان ۾ اهڙيءَ ريت اڪيلو ٿي ويندو آهي،ته جو کيس بچائڻ وارو به ڪونه هوندو آهي. ڇا اهو سمجهجي ٿي، جنرل مشرف جي اهڙي امڪاني انجام کان پو”، هاڻي اڳتي ڪو به فوجي اڳواڻ، جمهوريت تي راتاهي وسيلي ملڪي اقتدار تي قبضو نه ڪندو، يا گهٽ ۾ گهٽ ائين ڪرڻ کان اڳ ڪجهه نه ڪجهه سوچيندو ضرور...!؟ aleeakash@yahoo.com |