|
هڪ ماڊل ڊڪٽيٽر جو موت، تاريخ جو سبق! عاجز جمالي سترهين آگسٽ- ماڻهن جي ذهنن ۾ هڪ آمر جي موت جي ڏينهن طور گهٽ پر ”هڪ آمر جي بدترين موت“ جي طور وڌيڪ ياد آهي. هي ذهنن اندر ”فيڊ“ ٿيل هڪ اهڙو ڏينهن آهي، جنهن مان ”سبق“ حاصل ڪجي. ايشيا جي ماڊل ڊڪٽيٽر طور سڃاڻپ رکندڙ جنرل ضياءَ جي موت جو اڄ ويهون سال آهي. سندس ويهين ورسي ملهائڻ جي همٿ سندس زنده پٽ ۾ به ناهي پر گذريل 20 سال ذهن ۾ رکون، اڄ سوچيون، اڄ مـُلڪ ۾ وري هڪ آمر خلاف لڳ ڀڳ ساڳي صورتحال آهي، جهڙي صورتحال 17 هين آگسٽ 1988ع ۾ هـُئي. فرق اهو آهي ته 17 هين آگسٽ وقت چونڊن جو اعلان ٿيل هـُئو. عوام جو فيصلو ماڊل ڊڪٽيٽر جي موت کان پوءِ آيو پر هن ڀيري عوام جو فيصلو هن سال 18 هين فيبروري تي اچي چـُڪو آهي، جنهن کي اڄ جو ماڊل ڊڪٽيٽر قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. جنرل ضياءُ 5 جولاءِ 1977ع کان 11 سال ۽ ڏيڍ مهينو يعني 17-هين آگسٽ 1988ع تائين مـُلڪ جو حڪمران رهيو. اهڙو حڪمران جيڪو عوام جي مرضيءَ کان سواءِ پاڻ کي عوام جو حاڪم تصور ڪندو رهيو. جنرل ريٽائرڊ پرويز مشرف 12-هين آڪٽوبر 1999ع کان وٺي اڄ تائين يعني 8 سال ڏهه مهينا مـُلڪ ۾ حاڪم رهيو. خبر ناهي سندس عوام جي بنا مرضيءَ جي حڪمراني کي 9 سال پورا ٿيندا يا نه! ڇو جو حالتون کيس وڌيڪ ٻه ڏهاڙا به ڏيڻ لاءِ تيار ناهن، ٻه مهينا ته گهڻو عرصو آهن. جنرل ضياءَ ۽ جنرل مشرف جي حڪمراني، فوج اندر عهدن ۽ سياست جي طريقه ڪار کان وٺي عوام جي نفسيات جي ابتڙ ڪم ڪرڻ تائين ٻنهي ۾ تمام گهڻيون هڪجهڙايون آهن. جهڙي ريت صدر پرويز مشرف مـُلڪ جو اڃا تائين صدر، اهڙي ريت جنرل ضياءُ الحق به 17 هين آگسٽ تائين مـُلڪ جو صدر هـُئو. جهڙي ريت جنرل ضياءُ الحق 90 ڏهاڙن ۾ ووٽ ڪرائي اقتدار عوام حوالي ڪرڻ جو واعدو ڪيو هـُئو، تيئن ئي صدر پرويز مشرف ڪيو. جهڙي ريت جنرل ضياءَ الحق هميشه پاڻ کي آئيني حيثيت ڏياريندو رهيو، تيئن ئي صدر پرويز مشرف ڪيو. پاڻ ٻنهي جي دؤر جي منظرن کي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون رکنداسين جيئن پڙهندڙن کي ٻنهي آمرن وچ ۾ ڀيٽ ڪرڻ ۾ آساني ٿئي. منظر پهريون : 5 جولاءِ 1977ع رات جي انڌاري ۾ وزيراعظم هائوس جي چوڦير هٿياربند جوانن جو گهيرو، وزيراعظم هائوس جا فون بند، بجلي ڪاٽي وڃي ٿي. وزيراعظم هائوس اندر ورديءَ وارا محافظ گهڙي وڃن ٿا. هي اهو مرحلو هـُئو جڏهن ڪجهه وقت کان پوءِ وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري پاڪستان قومي اتحاد (پي اين اي) جا رهيل مطالبا مڃڻ جو اعلان ڪرڻ وارو هـُئو. ملڪ ۾ عوام جي بيحد مقبول اڳواڻ ۽ چونڊيل وزيراعظم کي گرفتار ڪيو وڃي ٿو. صوبن جا وڏا وزير گرفتار ٿين ٿا. سرڪاري ٽي وي تي قومي نغما وڄڻ شروع ٿين ٿا، ”اي ميري وطن ڪي سجيلي جوانو“. فوج جو سربراهه جنرل محمد ضياءُ الحق جو خطاب: ”مـُلڪ ۾ مارشل لا هنئي وئي آهي، ڀٽو جي حڪومت ختم ڪئي وئي آهي، مـُلڪ جون حالتون انتهائي خراب هـُيون، سياسي ڇڪتاڻ هـُئي، حڪومت تي عوام جو اعتماد ڪونه رهيو هـُئو. ان ڪري فوج پنهنجي ذميواري محسوس ڪندي مـُلڪ جو نظام پنهنجي هٿ ۾ ورتو آهي. مان قوم جي آڏو هي اعلان ٿو ڪريان ته اسان جو مقصد صرف ۽ صرف 90 ڏهاڙن ۾ عام چونڊون ڪرائي اقتدار عوام جي چونڊيل نمائندن حوالي ڪرڻو آهي.“ پوءِ اسان ڏٺو جنرل محمد ضياءَ الحق جا 90 ڏهاڙا ڪيڏا طويل هـُئا. منظر پهريون: 12 هين آڪٽوبر 1999ع رات جي انڌاري ۾ فوجي جوان وزيراعظم هائوس، سرڪاري ٽي وي، سرڪاري ريڊيو ۽ اهم عمارتن مٿان چڙهي رهيا آهن، ايوان صدر ٻاهر فوج بيهاري رستا بند ڪرايا وڃن ٿا، پارليامينٽ هائوس جو گهيرو ڪيو وڃي ٿو. مـُلڪ جي چونڊيل وزيراعظم، صوبن جي وڏن وزيرن کي گرفتار ڪيو وڃي ٿو. وزيراعظم جي گهر کي ڪڙو چاڙهيو وڃي ٿو. سرڪاري ٽي وي کي اهي ئي قومي نغما ”ميري آ ڍول سپاهيا تينون رب ديان رکان“. ايئرپورٽن تي پهرا، روڊن تي فوجي ٽرڪن جو گشت، سرڪاري ٽي وي ٻڌائي ٿي ته ”اهم اعلان ڪجهه گهڙين ۾ ٿيڻ وارو آهي“. اُهي گهڙيون ڏاڍيون طويل ٿي ويون، پر خبر ڦهلي چـُڪي هئي ته مـُلڪ کان ٻاهر رهندڙ فوج جي سربراهه جنرل سيد پرويز مشرف جي ساٿين مـُلڪ جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي. ڇو جو مـُلڪ جي وزيراعظم ۽ صدر گڏيل طور تي فوج جي سربراهه کي هٽائي جنرل محمد ضياءَ کي نئون سربراهه مقرر ڪرڻ چاهيو. فوج چونڊيل وزيراعظم ۽ چونڊيل صدر جي فيصلي سان بغاوت ڪري حڪومت کي ختم ڪري ڇڏيو هـُئو. فوج جو سربراهه رات دير سان پرڏيهه مان پي آءِ اي جي جهاز وسيلي واپس پهتو. کيس ڪورهيڊ ڪوارٽر ڪراچي ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. سندس ٽي وي لاءِ تقرير رڪارڊ ڪرائي وئي. سرڪاري ٽي وي بار بار اهو اعلان ڪندي رهي ته فوج جو سربراهه بس قوم کي خطاب ڪرڻ وارو آهي. بهرحال سندس رڪارڊ ٿيل تقرير پهرين راولپنڊي ۾ ٻـُڌي وئي، ڪجهه لفظ هيٺ مٿي ڪرايا ويا ۽ نيٺ رات جو هڪ وڳي کان پوءِ اها تقرير سرڪاري ٽي وي تان ٽيليڪاسٽ ٿي. فوج جي سربراهه جنرل سيد پرويز مشرف جو خطاب: ”عزيز هم وطنو مـُلڪ جون حالتون ڏاڍيون خراب هـُيون، وزيراعظم فوج ۾ بغاوت پيدا ڪرڻ جي سازش ڪئي. مـُلڪ جون اندريون حالتون انتهائي خراب آهن. صوبن وچ ۾ نفرتون وڌي رهيون آهن. معاشي حالتون تمام خراب آهن، سياسي مخالفن کي انتقامي ڪاررواين جو نشانو بڻايو پيو وڃي، مـُلڪ کي اندريان ۽ ٻاهريان خطرا وڌي ويا هـُئا، ان لاءِ ميان نواز شريف جي حڪومت ختم ڪري مـُلڪ ۾ ايمرجنسي لڳائڻ جو اعلان ٿو ڪجي. ٽن مهينن اندر آئين مطابق چونڊون ڪرائي حڪومت عوام جي چونڊيل نمائندن حوالي ڪئي ويندي. ان وقت تائين عارضي حڪومت قائم ڪجي ٿي.“ منظر ٻيون 1979 مـُلڪ جي چونڊيل وزيراعظم کي گرفتار ڪري ڪوٽ لکپت جيل ۾ واڙيو ويو، مٿس احمد رضا قصوري قتل ڪيس تحت ڪيس هلايو وڃي ٿو، ٻن سالن دوران سڄو مـُلڪ ٽرامو بڻجي وڃي ٿو. سمورا بنيادي انساني حق معطل ٿين ٿا، هر قسم جا سياسي ڪارڪن جيلن ۾ واڙيا وڃن ٿا، نه رڳو سياسي ڪارڪن پر صحافي، اديب، دانشور، عورتون جيلن ۾ واڙيا وڃن ٿا، ماڻهن کي ڪوڙا (ڦٽڪا) لڳن ٿا. مذهبي جماعتن ۽ آمر جي ملي ڀڳت سان قائم ”مجلس شوريٰ“ هن سڄي ظلم تي خاموش- نيٺ 4 اپريل 1979ع تي پاڪستان جي تاريخ جي مقبول عوامي اڳواڻ ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي ڏني وڃي ٿي. هڪ نئين تاريخ لکي وڃي ٿي. مـُلڪ ۾ شاعري، ادب ۽ سياسي جدوجهد جي نئين تاريخ سرجڻ شروع ٿئي ٿي. 1979ع کان شروع ٿيل هي سياسي تاريخ 17- هين آگسٽ 1988ع تائين جاري رهي ٿي. ان وچ ۾ ايم آر ڊي تحريڪ به آهي ته سنڌ اندر بغاوت جي لهر به آهي. 1988ع ۾ بينظير ڀٽو جو لاهور ايئرپورٽ تي تاريخي استقبال به آهي ته سياسي ڪارڪنن سان ڀريل جيل به آهن. اوجڙي ڪئمپ ۾ هٿيارن جو ڌماڪو به آهي ته محمد خان جوڻيجو جي حڪومت به آهي. يعني 1985ع ۾ غير سياسي بنيادن تي ٿيل چونڊن جو نتيجو، هي سڄو عرصو مـُلڪ ۾ ڊڪٽيٽرشپ راڄ رهي ٿو. 1979ع کان وٺي 1988ع تائين جا 9 سال ملڪي تاريخ ۾ سياهه دؤر طور ياد رکيا وڃن ٿا، جن جو منطقي انجام 17- هين آگسٽ 1988ع جي ڏهاڙي تي نظر اچي ٿو. ان کان اڳ ريفرنڊم به ڪرايو ويو ۽ فوج جي سربراهه پاڻ کي صدر به چونڊرايو. منظر ٻيو 2000ع سيد پرويز مشرف به جنرل ضياءَ الحق وانگر ريفرنڊم ڪرائي 90 سيڪڙو عوام جو اعتماد حاصل ڪري ورتو. هي تاريخي ريفرنڊم هـُئو جنهن ۾ عوام جي غير موجودگيءَ ۾ ووٽ وڌا ويا. عارضي حڪومت، من پسند گورنر، وري 2002ع جون چونڊون، مذهبي جماعتن جي سهاري سان 17 هين ترميم جي منظوري، سن 2000ع کان وٺي اڄ تائين اُن ست نـُڪاتي اعلان تي عمل ته نه ٿيو پر پهرئين ڏينهن جي نشري تقرير جي سمورن نقطن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي. بلوچستان ۾ آپريشن، نواب اڪبر بگٽيءَ جو قتل، صوبن وچ ۾ جهيڙا، خودڪش ڌماڪا، مـُلڪ جي ڏاکڻين علائقن ۾ مسلسل قتل عام، بينظير ڀٽو جي شهادت، سول سوسائٽي ۽ صحافين تي تشدد، 9- مارچ کان وٺي ججن ۽ وڪيلن تي تشدد، عدليه جي آزاد نظام کي تباهه ڪرائڻ، 2002ع جي چونڊن ۾ ڌانڌليون ڪرائڻ، سياسي پارٽين اندر ڀڃ ڊاهه، من پسند قاف ليگ جي حڪومت قائم ڪرائڻ، رٿيل نين چونڊن کان اڳ ختم ٿي ويل اسيمبليءَ کان ٻيهر پاڻ کي صدر چونڊرائڻ، اين ايف سي ايوارڊ نه آڻڻ، پارليامينٽ کي خطاب نه ڪرڻ سميت هن اٺن سالن جو منظرنامو ڏاڍو ڀيانڪ آهي، اُن ۾ ڪٿي هزارين گم ٿيل ماڻهن جي وارثن جون اڀ ڏاريندڙ دانهون آهن ته ڪٿي بي رحميءَ هٿان شڪار ٿيل عافيه صديقي به آهي، هي منظر اڃا اسان جي اکين اڳيان آهي، اسين ان ۾ روز نئون ڪجهه ڏسون ٿا، جيڪو ڪجهه اسان جون اکيون ڏسي به ڏسڻ لاءِ تيار ناهن. منظر ٽيون، عالمي منظرنامو 1984 جنرل ضياءَ آمريڪي سامراج لاءِ ڏاڍو ڪارآمد ان ڪري ثابت ٿيو جو کيس افغانستان ۾ کاٻي ڌر کي ختم ڪرڻ لاءِ پورو ٽاسڪ ڏنو ويو. ان مقصد لاءِ پاڪستان جي سرزمين کي ان حد تائين استعمال ڪيو ويو جو هتان جي ماڻهن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو. مثال طور افغانستان مان دربدر ٿيندڙ افغان پناهگيرن کي پاڪستان ۾ آباد ڪيو ويو. ان لاءِ ڪراچي شهر جي چونڊ ڪئي وئي. ان ڪم لاءِ ڪراچي ۾اردو ڳالهائيندڙن جي جماعت مهاجر قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) ٺهي، جنرل ضياءَ دور ۾ ايم ڪيو ايم جو وجود بظاهر 1986ع ڌاري ٿي پر ان لاءِ ڪم 1984ع کان شروع ٿيو هـُئو. نه رڳو افغان پناهگير پر هن مـُلڪ ۾ ”ڪلاشنڪوف“ ۽ ”هيروئن“ جا تحفا هتان جي ماڻهن کي مليا. هي سڄو ڪم جهاد جي نالي تي شروع ٿيو، هي ”طالبان“ جو اڄ جيڪو سلسلو ڏسو پيا، اُن جو خالق نام نهاد امير المؤمنين محترم محمد ضياءُ الحق آهي. مذهبي جماعتن جي مدرسن کي وڏين رقمن سان نوازيو ويو، ڇو ته جنرل ضياءَ الحق اسلام جي نعري تي سڀ کان گهڻو زور ڏنو. اسلامي ملڪن مان سوشلزم جي خلاف اربين ڊالر جمع ڪيا ويا، جيڪي پوءِ آءِ ايس آءِ جي ذريعي مدرسن مان تيار ٿيل طالبان تي خرچ ڪيا ويا. هي ”طالب“ جن کي سنڌي ۾ ”کـُٿابي“ چئبو آهي سي هٿيارن سان تيار ڪري هتان کان افغانستان موڪليا ويا ته اسلام ۽ ڪفر جي جنگ آهي. ڇو ته افغانستان ۾ ترقي پسند تحريڪ سوويت يونين جي سهڪار سان هلي رهي هـُئي. ان زماني ۾ ”ڪابل گرلز ميڊيڪل يونيورسٽي“ شاگردياڻين جو اعليٰ تعليمي ادارو هـُئو. هتان کان موڪليل کـُٿابين هٿان گرلز ميڊيڪل يونيورسٽي تي حملا ڪرايا ويا، هي سڀ ڪجهه آمريڪي مفادن لاءِ ٿي رهيو هـُئو. آمريڪي ڊالر مذهبي ڌرين لاءِ اچي رهيا هـُئا. جنرل ضياءُ آمريڪي ايجنسين سان وچن ڪيو هـُئو ته هـُو نه رڳو افغانستان پر پاڪستان ۽ ڀارت ۾ به کاٻي ڌر کي مضبوط ڏيڻ ڪونه ڏيندو. آمريڪا پنهنجي مفادن لاءِ جنرل ضياءَ کي مسلسل استعمال ڪيو. مـُلڪ جا اتريان علائقا جتي اڄ طالبان جو اثر آهي، اُهي علائقا اُن زماني ۾ آمريڪا جا تربيتي علائقا هئا. روسي فوجين جا سمورا هٿيار انهن علائقن ۾ ورهايا ويا. ڪروڙن جي انگن ۾ هٿيار آندا ويا، جيڪي اترين علائقن کان وٺي ڪراچي ۽ بلوچستان تائين پکيڙيا ويا، جنهن سبب اڄ سڄو مـُلڪ دهشتگرديءَ جي وَر چڙهيل آهي. افغان جنگ ۾ پاڪستان تڏهن به پاڻ کي فرنٽ لائين قرار ڏنو، جنهن سبب اڄ مـُلڪ تباهي جي ڪناري تي بيٺل آهي. جمهوريت ان حد تائين ڪمزور آهي جو ان تي جنرل ضياءَ دور ۾ پيدا ڪيل طالبان حاوي آهن. منظر ٽيون: عالمي منظرنامو 11/9 جنرل پرويز مشرف لاءِ به 11/9 ائين ئي ثابت ٿيو، جيئن جنرل ضياءَ لاءِ افغانستان انقلاب. 11/9 کان پوءِ سڄي دنيا ۾ القاعده ۽ طالبان خلاف شروع ٿيل آمريڪي جنگ ۾ پاڪستان پاڻ کي فرنٽ لائين قبول ڪري سڀ حـُڪم مڃيا. اربين ڊالر وصول ڪري هتان کان بظاهر طالبان خلاف جنگ شروع ڪئي وئي، پر صدر پرويز مشرف جي پاليسين سبب مـُلڪ مسلسل آمريڪي غلاميءَ هيٺ لهندو ويو، ان حد تائين جو هاڻي وزيرستان، باجوڙ ۽ اهڙن علائقن ۾ آمريڪي هيليڪاپٽر حملا ڪن ٿا، بي گناهه عورتون ۽ ٻار مارين ٿا، پاڪستان جي فوج يا پرڏيهي وزارت کان پڇڻ به ٺيڪ نٿا سمجهن. بهرحال جنرل ضياءَ دور ۾ جن طالبان کي روس خلاف تيار ڪيو ويو، اهي طالبان اڄ آمريڪا لاءِ مٿي جو سور بڻيل آهن، پر تازو ئي آصف زرداري اهو انڪشاف ڪيو آهي ته آمريڪي ڊالرز آءِ ايس آءِ طالبان تي خرچ ڪري رهي آهي، جنهن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته طالبان سان خود صدر مشرف جا ڪيترا واسطا هوندا. هن دور يعني گذريل 9- سالن ۾ ايم ڪيو ايم کي سياسي طور ۽ مالي طور سڀ کان وڌيڪ سگهه عطا ٿي آهي. ايم ڪيو ايم مهاجر جرنيل طور صدر مشرف کي سڀ کان وڌيڪ حمايت ڪئي آهي ۽ اڃا تائين به ڪري رهي آهي. اتفاق اهو آهي ته جنرل پرويز وانگر جنرل ضياءُ الحق جا وڏڙا به ڀارت مان آيل هـُئا. آخري منظر : 17 هين آگسٽ بهاولپور جي ڀرسان سرائيڪي علائقي جي ڳوٺن ۾ هڪ جهاز اوچتو فصلن ۾ ڪـِري تباهه ٿي وڃي ٿو. ڳوٺاڻا ڪـِرندڙ جهاز ڏانهن ڀاڄ کائن ٿا، جهاز ۾ زوردار ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي سان جهاز ڇيهون ڇيهون ٿي وڃي ٿو، انساني عضوا هوا ۾ اڏامندي ڏٺا ويا، هي جهاز اهوئي ”سي 130“ جهاز هـُئو جيڪو چڪلالا ايئربيس تان اُڏاميو (اڏاڻو) هـُئو، اڏامڻ کان ڪجهه وقت کان پوءِ تائين ريڊار ذريعي جهاز جو رابطو رهيو، بعد ۾ رابطو ڪٽجي ويو. سرڪاري نشرياتي ادارن جهاز ۾ سوار صدر جنرل محمد ضياءُ الحق، جنرل اختر عبدالرحمان (همايون اختر جو والد) ”مين ني ڍاڪا ڊوبتي ديکا“ جي خالق جنرل سالڪ مجيد، آمريڪي سفير ۽ ٻين اهم فوجي عهديدارن جي موجودگيءَ جي تصديق ڪئي. اهڙي ريت تاريخ ۾ هڪ نئون موڙ اچي ويو. هڪ تاثر هـُئو ته جنرل ضياءُ عام چونڊن ۾ محترما بينظير ڀٽو کان خوفزده هـُئو، هـُو سندس حق ۾ نتيجا نه پيو چاهي، ٻيو تاثر اهو هـُئو اوجڙي ڪئمپ حادثي ۾ سندس اندريان همراهه سندس خلاف هـُئا. ٽيون تاثر اهو هـُئو ته آمريڪا جو ڪم پورو ٿي چـُڪو هـُئو. چوٿون تاثر اِهو هـُئو ته سندس ويجهن ساٿين انبن جي پيتين ۾ بم رکيا هـُئا. ڪيترائي تاثر بدلجن پر هي هڪ آمر جو سبق ڏياريندڙ موت هـُئو. مان هن موڙ تي صدر پرويز مشرف لاءِ آخري منظر اڃا تائين ڪونه پيو لکان. ڇو ته سندس آخري منظر اڃا اڌورو آهي، سندس سفر اڃا جاري آهي. هـُو اڃا مـُلڪ جو صدر آهي، سندس خلاف چارج شيٽ تيار ٿي چـُڪي آهي. ڏسڻو آهي ته سندس مواخذو ٿئي ٿو، هـُو استعيفا ڏئي ٿو يا اڃا به ڪجهه ٻيو ٿيندو. ان ڪري صدر پرويز مشرف جو آخري منظر 18- هين فيبروري جي چونڊن کان پوءِ شروع ٿيو آهي، جيڪو اڃا جاري آهي. پر ڏهه سال اڳ نواز شريف دور ۾ اسان صحافين جو وفد مختلف دورا ڪري جڏهن اسلام آباد پهتو هـُئو ته فيصل مسجد ڏانهن ويندي اسان کي خبر پئي رستي تي جنرل ضياءَ جي قبر آهي. نه چاهيندي به آمر جي قبر کي ڏسڻ جي آس ٿي، جيتوڻيڪ ان قبر ۾ سندس هڏڙن جي موجودگيءَ بابت به تڪرار آهي. بهرحال مون اها قبر ڏٺي ته مون کي ”يزيد“ جي ويران قبر ياد اچي وئي، جيڪا ڊهي چـُڪي آهي. مون ڪربلا ۾ حضرت امام حسين عه جي روضي جي يزيد جي قبر سان ڀيٽ ڪندي ڳڙهي خدابخش ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي روزي ۽ جنرل ضياءَ جي قبر جي ڀيٽ ڪئي. مون کي ڏاڍي حيرت ٿي، دنيا ۾ اهڙا شايد ٻيا به کوڙ ثال هوندا، پر هي تاريخ اسان جي اکين اڳيان گذري رهي آهي. اسين پنهنجي اکين سان ڏٺل هن تاريخ کي اخباري صفحن ۾ لکي تاريخ کي محفوظ ڪري رهيا آهيون. ان ساڳي ئي سرڪاري دوري جنهن جو ذڪر ڪيو ان دوران ”لنڊي ڪوتل“ جي فوجي ميوزم ۾ تصويرون ڏيکاريندڙ حوالدار هڪ هنڌ رُڪجي وڃي ٿو. ڀت تي جنرل ضياءَ جي جوانيءَ جي تصوير هـُئي، رُڪجي هن پڇيو ”اِن ڪو آپ جانتي هين ڪون هـَئي“ اسان ٽي چار دوستن هڪ آواز چيو ته ”اِن ڪو هم سنڌيون سي زياده ڪونه جانتا هـَئي“. مان 17- آگسٽ جي ڏينهن تي ائين رُڪجي وڃان ٿو، اڄ سوچيان ٿو ته اڄوڪي ڏينهن تي هڪ آمر کي اڄوڪي آمر سان ڪيئن ڀيٽ ڏيان. بس هڪ آمر جو موت شايد ئي ٻين لاءِ سبق بڻجي سگهي. ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترما بينظير ڀٽو جي شهادت جي پسمنظر ۾ جنرل ضياءَ ۽ جنرل مشرف کي تاريخ هڪ ئي صف ۾ بيهاري رهي آهي پر پڄاڻي جارج برنارڊ شا جي هنن لفظن سان: ڇا ضروري آهي ته هر دور ۾ هڪ يسوع انتهائي ڏک جي عالم ۾ سوچ کان عاري ماڻهن کي بچائڻ لاءِ تباهه ٿئي. aajizjamali100@yahoo.com |