مشرف جي ڪهاڻي پڄاڻي تي پهچڻ واري آهي؟


 جڏهن کان حڪومتي اتحاد صدر پرويز  مشرف جو مواخذو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي تڏهن کان نه صرف سياسي حلقن پر عوامي حلقن ۾ روز بروز صدر مشرف ۽ ملڪ جي صورتحال بابت بحث تيز ٿي ويو آهي ۽ وقت سان  گڏ اهو بحث تيز ٿيندو ويندو. هرماڻهو چوي ٿو ته آخرڪار هن ملڪ ۾ سياسي ۽ حڪومتي استحڪام ڪڏهن ايندو. سڄي دنيا ۾ ترقيءَ جو ڦيٿو تيز هلي رهيو آهي پر اسان وٽ نوان نوان حڪومتي تجربا، سياسي لاها چاڙها ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿا وٺن. جنهن ڪري بيروزگاري، مهانگائي ۽ بدامنيءَ  عوام جو جيئڻ جنجال  بنائي  ڇڏيو آهي. بهرحال مشرف سان هڪ هڪاڻي جو فيصلو عوام جي دل وٽان آهي خدا خير ڪري مشرف وٽ بدنام زمانه  58 بي ٽو جو هٿيار آهي اسيمبليون ٽوڙي سگهي ٿو پر نٿو  لڳي ته هو اهڙي غلطي ڪندو. نواز شريف ۽ آصف علي زرداري جا تازا ڪيل فيصلا ۽ مسڪرائيندڙ چهرا ڪنهن وڏي تبديليءَ  جو ڏس ڏين ٿا. لڳي  ٿو ته آمريڪا کي اعتماد ۾ ورتو ويو آهي ۽ آرمي خود به ملڪ ۾ سياسي وڳوڙ ۽ بيچينيءَ مان جان ڇڏائڻ چاهي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو هميشه ايجنسين جي ٽيڪ تي سياست ڪندڙ سياستدان شيخ رشيد به چوي  ٿو ته صدر کي  مواخذي کي منهن ڏيڻ بجاءِ  قوم کي خطاب ڪري خداحافظ چوڻ گهرجي. بهرحال پيپلزپارٽي پنهنجو تير تيار ڪري رکيو آهي ۽ نواز شريف پنهنجو شير سجاڳ بيهاري ڇڏيو آهي. ڏسجي ته ڪير شڪار ٿئي ٿو، جيڪڏهن مشرف هليو ويو ته  پوءِ هن ملڪ جي تاريخ  ۾ هڪ نئون دور شروع ٿيندو جنهن ۾ ترقي ۽ تبديلي ممڪن آهي پر شرط اهو آهي ته اهو سڀ ڪجهه خيروخوبيءَ سان ٿي وڃي نه ته صورتحال تباهي ڏانهن به وٺي وڃي سگهي ٿي جنهن سان هن ملڪ کي وڏو نقصان پئجي سگهي ٿو.

 گل حسن جانوري (راڌڻ) 

 

 مشرف جو مواخذو  ۽ مخدوم صاحب


ڊگهي عرصي کان پوءِ  شهيد محترمه جي  ڏيهه واپسي تي جڏهن ملڪ جي چئني صوبن ۽ اترين علائقن، آزاد ڪشمير کان محترمه  جا ڪهي آيل مداح جڏهن خوشي وچان جهمريون هڻي رهيا هئا ته هڪ ٻئي پٺيان ٿيل خونخوار  بم ڌماڪن سڄي  ماحول کي تبديل ڪري ڇڏيو، هڪ  لحظو اڳ جيڪي جانيون کلي ۽ ڪُڏي رهيون هيون اهي ساڪت ٿي ويون ۽ مزار قائد تي شهيدراڻيءَ جي خطاب لاءِ انتظار ۾ ويٺل هزارين ماڻهو پڻ مايوس ٿي روانا ٿي ويا. ان  بم ڌماڪي بعد ملڪ جي وڏي پارٽي سان همدردي رکندڙ عام ماڻهو توڙي پارٽي جا ننڍا وڏا ڪارڪن  اهو ڄاڻي ويٺا ته ملڪ  جي  اهم ٿَنڀن اقتدار  لاءِ محترمه سان ڳالهيون ته ڪيون مگر محترمه جي حفاظت  لاءِ  سنجيده  نه آهن ان بم ڌماڪي ۾ سعودي پارٽي قيادت  کي نشانو بنائڻ جي حڪمت عملي جڏهن ناڪام ٿي ته محترمه جا سياسي مخالف  جيڪي اڄ وري محترمه  جا همدرد ۽ آصف  جا مخالف سڏائين ٿا انهن جا بيان هئا ته بم ڌماڪن جي ذميوار محترمه  ۽  پ پ قيادت آهي. 27 ڊسمبر جي سانحي جون شاهديون به ٽن ڪلاڪن اندر مِٽائڻ  ڪو معمولي عمل  نه هو ۽ شهيد محترمه جو صدر مشرف  کي لکيل خط ۽ صدر طوفان ان تي ڪا  به  ڪارروائي نه ڪرڻ ۽ اڄ ڏينهن تائين ان کي نظرانداز ڪرڻ ڪنهن به ريت پ پ پ قيادت ۽ موجوده حڪومت نه وساريو آهي. پ پ حڪومت قائم ٿيڻ جي چئن مهينن بعد حڪمران اتحاد اڄ جڏهن صدر مشرف جي مواخذي  جو اعلان ڪيو  آهي تڏهن غير متوقع  طور پ پ اڳواڻ مخدوم امين فهيم ان جي مخالفت  ڪري رهيو آهي- حيرت جي ڳالهه آهي ته هن  وقت تائين آصف جا نقاد  مشرف سان گڏ هلڻ تي  مٿس تنقيد ڪندا هئا ۽ هاڻي وري مشرف کي الڳ ڪرڻ تي انهن کي اعتراض آهي. مخدوم صاحب   جي ناراضگي جا سبب ڪو به راز نه آهن. آصف پاران وزيراعظم نامزد  نه ڪرڻ ئي اصل سبب آهي. هاڻي جڏهن مشرف کي چوڌري شيخ رشيد جهڙا به استعيفيٰ جو مشورو ڏئي رهيا آهن تڏهن مخدوم صاحب جو صدر بابت نرم رويو حيران ڪندڙ  آهي. پ پ حڪومت ۾ رهندي به طاقت ڌرين سان  ٽڪراءَ  ۾ آهي. آءِ ايس آءِ وارو معاملو اسان جي اڳيان  آهي.  هن  وقت جيتري ذميواري مخدوم صاحب  تي آهي ان کان سئو ڀيرا  وڌيڪ پارٽي چيئرمين آصف علي  زرداري تي به آهي ته  پارٽي ۾ هلندڙ هن مسئلي کي نبيري ۽ مخدوم  کي پارٽي فيصلن ۾ شامل ڪري.  ڇو ته مستقبل  قريب ۾ ملڪي  توڙي سياسي ليول تي پارٽيءَ  کي وڏا چئلينج درپيش آهن.  اڳتي هلي نواز شريف پڻ   سياسي  طرح مد مقابل ٿيڻو آهي.  مشرف کان  پوءِ ق ليگ جي سنڌ ۾ وکرڻ ۽ وجود ميسارجڻ جا وڏا  امڪان آهن ۽ سمورا پ پ مخالف ن ليگ  ڏانهن ئي وڃڻا آهن،  ان ڪري مستقبل  جي صورتحال کي سامهون رکي  ئي گڏيل نموني  حڪمت عمليون جوڙڻ جي گهرج  آهي.

برڪت علي  جعفري

نندو  بدين

 

حقيقت ائين ناهي


8 آگسٽ تي روزاني عبرت  ۾ عباس علي  پالاري جو  عبرت  پوسٽ ۾ خط شايع  ٿيو آهي. جنهن ۾ هُن لکيو  آهي ته ڪوهستان ۾ هندو  برادري سان ظلم آهي. ڪوهستان کي ڪنهن جي نظر لڳي. خبرناهي ته عباس علي پالاري ڪهڙي جهان ۾ رهندڙ آهي. لکڻ کان  پهرين  اهو سوچڻ لازمي آهي ته  آئون هندن بابت  جيڪو  لکان ٿو  اُهو درست به آهي يا  نه-آئون ته چوان  ٿو ته اها حقيقت آهي ته ڪوهستان  ۾ هندن سان  ٻارهو مهينو ظلم هوندو آهي. هر اُڀرندڙ سج خوف ۽ هر رات اُماس ڏاڍ جو پيغام آڻي ٿي. ڪوهستان جي هندن نه ڪلهه سُک جو ساهه کنيو هو نه وري اڄ کڻن ٿا، عباس پالاري جي لکڻي بلڪل سياسي چال  لڳي ٿي. عباس پالاري هندن سان ٿيندڙ زيادتين جا پيرا اُبتا کنيا  آهن.  جنهن مان واضح اشارو اهيو ملي ٿو ته همراهه سازش پکيڙي پيو ۽ هندو  - مسلم ۾  ويڇا وڌائڻ لاءِ سرگرم آهي. ڪوهستان ۾ ڪا به ڳالهه  لِڪَل ناهي ته ڪوهستان ۾ هندن  جي گهرن مان چوريون، ڦرون، اغوا ڌاڙا لڳن ٿا، پر اهي چوريون ڪٿان ملن ٿيون. اسان جي دوستن کي حقيقت پسند ٿيڻ گهرجي.

 مکي  ٽيڪو مل- (يوسي مول)

 

طالب الموليٰ ڪالوني جو  مسئلو


طالب الموليٰ  ڪالوني ٽنڊوالهيار  شهر جي اتر طرف  ٽنڊو آدم روڊ تي يوسي 2 ٽنڊوالهيار ۾ واقع آهي هيءَ ڪالوني تقريبن 300 گهرن تي مشتمل آهي. هن ڪالوني  ۾ گٽر ناليون نه هجڻ سبب هتي ٺهيل روڊ به ڦٽي ويو آهي ۽ هنڌ هنڌ تي پاڻي بيهڻ سبب مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي ۽ گندگي سبب بيماريون پکڙجي ويون آهن  ۽ ننڍي عُمر کان وڏي ڄمار  وارا ماڻهو مختلف بيمارين جي وَرچڙهيل آهن. اسان وس وارن کي درخواستون وغيره به  ڏنيون آهن  ته اسان  جي ڪالوني جو ڊرينيج سسٽم  پڪو ڪرائي ڏنو وڃي پر اڃا تائين ڪو کڙتيل نه نڪتو  آهي. اسان جي ضلع  ناظمه ٽنڊوالهيار ۽ تر جي چونڊيل  نمائندن کي اپيل آهي  ته اسان جي  ڪالوني جون گٽر  ناليون پڪيون ڪرائي ڏنيون وڃن ته جيئن هتي جي رهواسين کي بيمارين کان بچائي  سگهجي.

اسدالله ڪيريو

طالب الموليٰ  ڪالوني ٽنڊوالهيار

 

ڳوٺ لڌو چانڊيو جا مسئلا


شهيد بينظير ڀٽو آمريتي دور کي للڪاريندي جڏهن پنهنجي جنم ڀومي سنڌ پهتي هئي ته ان اڻ ڳڻين عوامي ڀلائيءَ وارين اسڪيمن سان گڏوگڏ ٻهراڙين جي ڳوٺن، واهڻن ۽ وستين کي بنيادي انساني سهوليتون ڏئي، انهن کي شهري زندگيءَ جي برابر ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو هو. پر سنڌي قوم جي بدنصيبي چئجي جو انسانيت ۽ جمهوريت جي دشمن قوتن، اسان کان اسان جي مسيحا ۽ مرڪون وکيريندڙ ديوي کسي ورتي ۽ سنڌي ماڻهن جي ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ جا خواب جهڙوڪر اڌورا رهجي ويا. سنڌي ماڻهن پنهنجي غم ۽ ڪروڌ کي ڪٺي ڪري، ان اميد سان شهيد ڀيڻ جي نامزد ڪيل اميدوارن کي ووٽ ڪيا ته چونڊجي ايندڙ اميدوار سندن مسئلن کي حل ڪندا پر اڃا تائين اهي مسئلا حل نه ٿي سگهيا آهن. جيڪا اميد اڃا قائم آهي.

يونين ڪائونسل محرابپور جو پنجاهه سال پراڻو ڳوٺ لڌو چانڊيو ، جنهن کي اڃا تائين ڪنهن مهربان چونڊيل عيوضيءَ جي نگاههِ ڪرم نه پئي آهي. تقريبن ٽن هزارن کان به وڌيڪ آهي، پر هن ڳوٺ کي روڊ، اسڪول، صحت، ڊرينيج جي ڪا به اسڪيم ناهي ملي سگهي. ڳوٺ ۾ مڊل اسڪول، صحت مرڪز ۽ پاڻيءَ جي نيڪال سسٽم جي سخت ضرورت آهي. صحت مرڪز نه هجڻ ڪري ڪيترائي مريض تڙپي تڙپي مري وڃن ٿا، ڳوٺ ۾ ڊرينيج اسڪيم نه هجڻ ڪري ڳوٺ جو گندو پاڻي رستن ۽ گهٽين ۾ بيهي ٿو، جنهن ڪري مليريائي ۽ ٻين وبائي بيمارين منهن ڪڍيو آهي. ڳوٺ جي اڪثر رهواسين ۾ خارش، دست ۽ الٽين جهڙيون خطرناڪ بيماريون پکڙجي رهيون آهن. حڪومت کان مطالبو آهي ته لڌو چانڊيو، يو سي محرابپور ۾ اوليت جي بنياد تي ترقياتي ڪم ڪرايا وڃن.

محمد رمضان چانڊيو