|
سليقي سان زندگي گذارڻ به فن آهي حڪيم نذير احمد شيخ سليقو جنهن کي انگريزي ۾ ڊسيپلين چئبو آهي اُن کي ترتيب ۽ طريقو به چئي سگهجي ٿو جنهن سان جيڪڏهن زندگي به گذاريندو رهجي ته انسان ڪيترين ذهني ۽ دماغي بيمارين کان محفوظ رهي سگهي ٿو. جيسماني بيماري ته جيڪا جڏهن اچڻي آهي اچي رهندي. سليقي ۽ ڍنگ سان زندگي گذارڻ به هڪ فن آهي. جنهن جي تربيت والدين کان اولاد کي ننڍي لاءِ کان ملندي رهي ته ڪيترين دنيا وي آزارن پريشانين ۽ مشڪلاتن کان ماڻهو محفوظ رهي سگهي ٿو. رب پاڪ دنيا ۾ ڪيترن ئي قسمن ۽ طبيعتن جا انسان خلقيا آهن. هڪ ماءُ پيءُ پُٽ چار سڀني جي طبيعت سوچ مزاج مختلف ۽ جدا -ٿلهي ليکي انسانن جا ٻه قسم ٿيندا آهن هڪ اُهي جيڪي ٻين انسانن کي سهارو ڏيندا آهن ٻيا اُهي جيڪي ٻين جي سهاري جا محتاج هوندا آهن. ٻين کي سهارو ۽ ٽيڪ ڏيئي زندگي گذارڻ انسانيت جي معراج آهي . محتاجي کان هر انسان جو پناهه گهرندو آهي پر مقدر ۾ لکيل آهي ته ٽري نٿي سگهي. ڪجهه ماڻهو پنهنجي طبيعت ۾ ايترا سخت هوندا آهن جو پنهنجي روزمرهه جي معمولات ۾ ٿورو به فرق اچي ويو ته هاءِ گهوڙا ڪندا ۽ ٿوري گهٽ وڌائي دير سوير هنن کان برداشت نه ٿيندي. اهڙن ماڻهن جو ننڊ ڪرڻ جاڳڻ ، اُٿڻ، ويهڻ بلڪه هر ڪم ڪار جو وقت ۽ ترتيب طريقو مقرر هوندو آهي جنهن ۾گهٽ وڌائي جي ڪا به هو گنجائش نه رکندا آهن پنهنجي مزاج ۾ اتيرو مضبوط ۽ پڪا هوندا آهن جو ذري برابر به لچڪ نه هوندي اٿن حالانڪه وقت جي تقاضا ۽ ضرورت اها آهي ته ٿوري گهڻي مارجن ۽ گنجائش رکڻ سان هر ڪم ۾ آساني ممڪن ٿي سگهي ٿي ۽ ذهني طرح جيڪو ماڻهو ٿوري گهڻي فرق لاءِ آماده هوندو اُن کي گهڻي تڪليف نه ٿيندي اڪثر ماڻهو پنهنجي طبيعت جي خلاف ٿوري ڳالهه به برداشت نه ڪندا آهن ۽ هڪدم پنهنجو بلڊپريشر چاڙهي ڇڏيندا آهن. هي تجربي جو نقطو لکان ٿو ته ڪن حالتن ۾ انسان کي باخبر هوندي بي خبر ٿيڻ ۽ وقتي طرح اڻڄاڻ ۽ بيوقوف بنجڻ به عقلمندي جي نشاني سمجهڻ گهرجي ۽وقت ثابت ڪندو ته وقتي طور ڄاڻي ٻجهي بيوفوف ٿيڻ ۾ ڪيترو فائدو آهي. ضرورت کان زياده سخت مزاج يعني رجرڊ ٿيڻ به نقصانڪار آهي تح ضرورت کان زياده بي نياز ۽ بي پرواهه ۽ غير ذميدار ٿيڻ پڻ باعث نقصان آهي. جيترو ڪير پنهنجي طبيعت ۽ مزاج ۾ برابري ۽ توازن ۽ لچڪ رکندو ۽ حالتن ۽ صورتحال کي مدنّظر رکي هر ڪم سرانجام ڏيندو اهو هر لحاظ کان مطمئن ۽ فائدي ۾ رهندو. دنيا ۾ ڪو به اهڙو انسان نه آهي جنهن جون سڀ خواهشون سڀ ڪم هن جي مرضي ۽ چاهه مطابق پنهنجي مقرر وقت تي هميشه پورا ۽ مڪمل ٿي سگهن ۽ اهو به ممڪن نه آهي ته انسان جيڪي ڪجهه سوچي ٿو ۽ ڪم ڪري محنت ڪري ڪنهن منزل تي پهچي ته هن جو ڪو به ڪم مڪمل نه ٿيو هجي ۽ هميشه ناڪام رهيو هجي اهو به ممڪن نه آهي دنيا ۾ڪجهه ڪم ٿيندا ڪجهه شيون مرضي ۽ چاهڻ مطابق ٿينديون ڪجهه نه ٿينديون. انسان جو ڪم صرف ڪوشش ڪرڻ لاءِ نتيجو ۽ انجام رب پاڪ جي رضا ۽ مرضي تي ڇڏي ڏجي هر اهو ڪم يا عمل جيڪو بي ترتيب بنا سيلقي اڍنگي ۽ بغير صحيح ترتيب ۽ ترڪيب سان ڪبو ان جو نتيجو ۽ پڇاڙي سواءِ نقصان ۽ شرمندگي ٻيو ڪجهه نه آهي .ڏينهن رات ۾چويهه ڪلاڪ آهن جيڪي باوجود ڪيتري به ڪوشش جي نه پنجويهه ۽ نه ٽيويهه ڪلاڪ ٿي سگهن ٿا. انهن چوويهن ڪلاڪن جي اندر ئي انسان کي پنهنجي هر ڪم جي پلاننگ ۽ ترتيب تيار ڪري زندگي گذارڻي آهي جنهن انسان ۾ جيتري احساس ذميداري فرض شناسي ۽ واعدي وفائي جي پڪي ۽ پختي عادت ۽ سليقو هوندو معاشري ۾ اُن کي اوتري وڌيڪ عزت ۽ مان مرتبو ۽ مقام ملندو. سست ڪاهل ۽ غير ذميدار ماڻهو کي پنهنجي گهر ۾ به گهڻو ڪجهه گهٽ وڌ ٻڌڻو پوندو آهي. پنهنجي روزمرهه جي ڪمن جي لسٽ تيار ڪري اُن ۾ جيڪي پهرئين ضروري ۽ اهم ڪم ڪرڻا آهن انهن کي واليت ۽ اهميت ڏيئي سرانجام ڪيو. ترتيبوار ڪمن کي مڪمل ڪندا اچو. آساني سان گڏ ڪم به صحيح طريقي سان ٿيندا. سوچڻ جي ڳالهه آهي ته ريل گاڏي صحيح ۽ سولي طريقي سان ان ڪري هلي سگهي ٿي جو اُن جي پٽڙي برابر Paralel جي بنياد تي تيار ڪيل آهي ٿوري به گهٽ وڌائي هجي ته توازن بگڙي پوندو ۽ گاڏي هلي نه سگهندي. روزمرهه جي معمولات جي ترتيب ۽ ترڪيت تيار ڪري هر ڪم ڪرڻ کي ڪو مقرر وقت ڏيئي اُن مطابق عمل ڪيو ته اڪثر سڀ ڪم صحيح طريقي سان سرانجام ٿي سگهندا. مثال طور اخبار پڙهڻ لاءِ پندرهه منٽ مقررڪيو اُن بعد ٻي ڪم ڪرڻ جو وقت مقرر ڪيو ۽ ائين جهڙو ڪم اهڙي حڪمت عملي ۽ وقت مقررڪيو ته دنيا۾ ڪا به ڳالهه مشڪل نه لڳندي. انگريزي ۾چوڻي آهي ته One Timely Stitch زندگي کي خوشدلي سان گذاريندو ته هو خوشحالي موٽ ۾ توهان کي ڏيندي. بدنظمي بدانتظامي ۽ بگڙيل ماحول ۾ جيڪو ڪم به ڪيو اُن جو انجام ۾ به منفي نڪرندو. دنيا ۾ وقت ئي هڪ اهڙي قيمتي شيءِ آهي جنهن کي جيڪڏهن اُن جي اصل ۽ صحيح حقيقت برابر ۽ مطابق نه استعمال ڪيو ويو ته ڏڍل کيرواپس ٿيڻ ۾ نه ايندو. وضعداري ۽ سليقو جنهن کي انگريزي ۾ ڊيڪورم چئبو آهي اُن جي صحيح انداز ۾ عقلمندي سان ۽ دورانديشي جي نظر سان اُن تي عمل ڪجي ته ڪاميابي انشاءَالله يعني حاصل ٿئي ٿي. عقلمند ۽ سياڻي ماڻهوکي خبرهوندي آهي ته ڪهڙي ڳوقت ڇا ڳالهائجي ۽ ڪهڙي لهجي ۾ ڳالهائجي ۽ ڪهڙي وقت چپ سليقي سان زندگي گذارڻ جو ارادو ۽ عمل ڪيو باقي جڏهن حسن ملندو آهي ته نزاڪت پاڻ اچي ويندي آهي. ضروري نوٽ؛ طبي ڪتاب بيمارين جا سبب ۽ اُن جو جديد علاج حصوپهرين ۽ ٻيو شايع ٿيو آهي جنهن ۾ مختلف بيمارين متعلق طبي معلومات نسخا، قيمتي قول ۽ گهڻو ڪجهه مفيد معلوماتي مواد موجود آهي. ٻه سئو رپيه مني آرڊر ڪري ڪتاب پارسل ذريعي گهرائي سگهجي ٿو. ڪنهن به طبي معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ خط لکي جوابي لفافو ائڊريس لکيل موڪلي جواب عاقل پلازه گورنمينٽ ڪاليج روڊ حيدرآباد تان حاصل ڪري سگهجي ٿو. 9371907-0300 2634367 -2610633 (022) |