|
پاڪستاني ههڙا پاڳل آهن الطاف شيخ (حصو ٻيو ۽ آخري) ايران ۾ هن ”ايئرايران“ هوائي جهاز ڪمپني کان علاوه ٻيون به ڪجهه پرائيويٽ ڪمپنيون آهن جيئن ته ”ماهان ايئر“ جنهن جا هوائي جهاز اندرون ملڪ ۽ ٻاهر اچن وڃن ٿا. جيئن اسان وٽ شاهين، ايئرو ۽ بلو لائين جهڙيون هوائي ڪمپنيون آهن پر ايران جي هن ڪمپنيءَ ماهان Mahan وٽ ويهن کان مٿي جهاز آهن، ايران ۾ هڪ ٻي هوائي ڪمپني Kish Air نالي پڻ آهي جيڪا 1989 کان شروع ڪئي وئي. هن ايئر ڪمپني جي سٺي ڳالهه اها آهي ته اهاايران جا ڪجهه تعليمي ادارا به هلائي ٿي. اسان واري هوائي جهاز ۾ڪم ڪندڙ هڪ ايئر هوسٽس کان پڇيم ته هنن سٺي انگريزي ڳالهائڻ ڪٿان سکي آهي ته هنن ڪِشا ايئر جي انسٽيٽيوٽ بابت ٻڌايو. ڪِيش ايئروارن هي تعليمي ادارا پنهنجي جهازي ڪمپني وارن کي انگريزي سيکارڻ لاءِ کوليا هئا پر سٺي معيار ڪري هن مان هر اداري جا ماڻهو انگريزي سکن ٿا. ايران ايئر جي هن ايئر هوسٽس ٻڌايو ته ”ڪيش ايئروارن وٽ ٻارهن کن جهاز آهن ۽ ٽوٽل ڪم ڪندڙ employees 310 آهن.“ ڪم ڪندڙن جي حساب سان ڏٺو وڃي ته اسان جي PIA سڀ ۾ امير ترين آهي جنهن جا جهاز جهونا ٿي گوڏن ڀر بيٺا آهن، ڪيترن ئي شهرن ڏي ويندڙ اڏامون بند ڪيون ويون آهن پر PIA ۾ پگهار وٺندڙ نوڪرين وارا 19300 جي لڳ ڀڳ آهن ۽ هن ايئرايران ڪمپني ۾ جنهن ۾ اسين تهران وڃي رهيا آهيون، 7500 ماڻهو employees ڪم ڪن ٿا. ايران جي هڪ ٻي هوائي ڪمپني SATTA ايئر نالي پڻ آهي جنهن جي بوئنگ 300-707 هوائي جهازجو حادثو 20 اپريل 2005 تي تهران جي پراڻي هوائي اڏي مهر آباد تي ٿيو هو. جهاز جي لهڻ Landingوقت جهاز جي گيئر يا شايد ڦيٿو ڦاسي پيو هو. جهاز مقرر ٿيل رفتار کان وڌيڪ ۾ لهي رهيو هو ۽ رن وي جي ٻي ڇيڙي تان به ٽپي وڃي ڍنڍ Creek۾ پيو هو ۽ مسافرن کي ڪڍڻ دوران ٻه مسافر ۽ هڪ جهاز جو Crew ٻڏڻ ڪري مري ويو هو. بهرحال ايئر ايران جي هن جهاز ۾ سفر سک ۽ شانتي سان گذريو. مونکي حيرت ٿي ته جهاز ۾ مسافرن کي جيڪا ماني ڏني وئي اها اسان جي جهازن کان ته سٺي هئي پر امارات جي جهازن کان به سٺي هئي جن جي مانيءَ لاءِ چوندو هوس ته سڀ ۾بهتر آهي پر هاڻ ايران جي جهازن جي ماني ۽ سروس پڻ بهتر لڳي. اڳتي تهران کان مشهد جيڪاڪلاڪ کن جي مسافري ڪا مس هئي ان ۾ سئنڊوچ ۽ Snacks ڏنائون. اهي به لذيذ هڪ طرف هئا ته مقدار ۾ به گهڻا هئا. جو پاڪيٽ پڻ سڀني کي ڏنائون. مانيءَ مان جيڪو بهترين هڳاءُ (خوشبوءِ) آئي پئي ان لاءِ منهنجي ڀر ۾ ويٺل ڪئنادا جي پاڪستاني رحمت علي چيو ته اها خوشبوءِ زعفران جي آهي. ”ايران ۾ زعفران ۽ پستا تمام گهڻا ٿين ٿا،“ رحمت علي ٻڌايو، ”مونکي ڪيترن دوستن ايران مان زعفران آڻڻ لاءِ چيو آهي.“ هن کان اڳ مون سمجهيو ته زعفران فقط اسپين ۾ ٿئي ٿي. جهاز هلائڻ وارن ڏينهن ۾ جڏهن به اسپين جي بندرگاهه بارسلونا يا ڪناري Canary ٻيٽن تي وڃڻ ٿيندو هو ته سنگاپور جي هڪ واقفڪار هندو سنڌي فئملي (هرڪشن) مونکي هميشه هنن لاءِ زعفران آڻڻ لاءِ چوندو هو. پستا ڏوڏين سميت ته اسان جتي ڪٿي ڏٺا آهن جيڪي خشڪ ميوي Fruit Dry ۾ شامل آهن ۽ جي اهو ڊراءِ فروٽ آهي ته تازا پستا (فريش فروٽ) ڪهڙو ٿيو؟ اسان مان ڪيترن اهو نه ڏٺو هجي. مون به هتي ايران ۾اچي ڏٺو. اسان جي گروپ جو هڪ ساٿي سجاد مُکيءَ جڏهن به بس ٻهراڙي مان هلي ٿي ته، اتان ورتائين ٿي. هوڪيترائي دفعا ايران، عراق ۽ شام اچي چڪوآ هي ۽ هن کي ان جي ڄاڻ جو جيئن ئي مشهد جي ٻهراڙي واري علائقي ۾ نڪتاسين ته هن وٺي اسان کي کارايا. پستن جو سواد ساڳيو ٿئي ٿو. پر انهن جي مٿان ٻن حصن ۾ سخت Cover (ڏوڏي) هجڻ بدران نرم ۽ آلي کل ٿئي ٿي جنهن اندر پستو ڍڪيل رهي ٿو ۽ اها کل ٿورو ئي ننهن هڻڻ سان ڇڄيو پوي. هن سفر ۾هڪ بدمزگي ضرور ٿي. ماني کائڻ بعد اسان جي اڳيان ويٺل هڪ پاڪستاني مسافر سگريٽ دکائي ڇڪڻ لڳو. اڄڪلهه ننڍي سفر واري هر هوائي جهاز ۾ سموڪنگ تي بندش آهي. ڊگهين ڊگهين ڏهه ٻارهن ڪلاڪن جي مسافرن واري اُڏامن ۾ سگريٽ ڇڪڻ لاءِ جهاز جي هڪ ڪنڊ- خاص ڪري ٽئاليٽ ڀرسان مقرر ڪئي وڃي ٿي. سگريٽ جي پهرين ئي ڪش سان زعفران ۽ موتئي جي هٻڪار ۽نيراني هير جهڙو ٿڌڙو جهاز جو ماحول جهڙو ڏنگجي پيو. ”دونهون نظر پيو اچي“ ڪنهن چيو ”سگريٽ جي ڌپ پئي اچي،“ منهنجي ڀرسان ويٺل ڪئناڊا ۾ رهندڙ رحمت چيو، ”لڳي ٿو ڪو سگريٽ پيو ڇڪي.“ ۽ اهو”ڪو“ سگريٽ ڇڪڻ وارو خبر پيئي ته اسان جي اڳئين قطار ۾ منهنجي بلڪل اڳيان ويٺو هو. ايئر هوسٽس به وڏي ديرکان پوءِ ڳولي لڌس. ايئرهوسٽس کيس سگريٽ وِ سائڻ لاءِ چيو پر هن ڄڻ ته ايئرهوسٽس کي نه ڏٺو نه ٻڌو. نٺر ٿي ٻيو ڪش هنيو. ايئر هوسٽس وئي سا اسٽيوورڊ مرد کي وٺي آئي. ان اچي سگريٽ ڇڪڻ کان منع ڪئي پر هن وسائڻ بدران هٿ جي مٺ ۾ لڪائي ڇڏيو ۽ اسٽيوورڊ جهڙو ئي مُڙيو ته هن وري ڪش هنيو. اسٽيوورڊ ڏسي ورتس ۽ ڪاوڙ مان چيس ته سگريٽ وساءِ نه ته هاڻ هٿ ڪڙيون هڻندوسانءِ ۽ هو هٿن سان هٿ ڪڙين جا اشارا به ڪري اڳيان پائلٽ واري طرف تکو تکو وڌيو. اسان واري هيري جو ساهه سُڪي ويو. يڪدم سگريٽ وسائي شريف ماڻهو ٿي ويهي رهيو. مون وانگر ٻين پاڪستانين کي به ضرور ڏک ٿيو هوندو ۽ هنن به اهو ئي سوچيو هوندو ته هڪ مڇي سڄي تلاءَ کي خراب ڪري ڇڏي ٿي. جهاز جو ايراني ڪئبن ڪِريو توڙي اوسي پاسي ۾ ويٺل ايراني مرد ۽ عورت مسافرن، اسان لاءِ ڪيڏو غلط امپريشن ورتو هوندو هڪ ماڻهوءَ جي خراب ڪم سان سڄو ملڪ بدنام ٿيو وڃي. هي ايراني ماڻهو گهر وڃي ائين هرگز نه چوندا ته فلاڻي يا فلاڻي نالي واري جهاز ۾ هيئن چريائپ ڪئي پر اهو ئي چوندا ته پاڪستاني ههڙا پاڳل آهن. |