مسڪين ماڻهن جون دانهون ڪير ورنائيندو؟

مرتضيٰ سيال


جتي قاعدن قانونن تي عمل ڪندڙ عذاب ۾ هجن ۽ غير قانوني ڌنڌا ڪندڙ ۽ چور سگهارا هجن ان سماج جو ڪهڙو حال هوندو؟ ان جو اندازو لڳائڻ ڏکيو ڪونهي. اهو ملڪ ڪيئن ترقي ڪندو جتي شريف ماڻهو چورن هٿان يرغمال بڻيل هجي؟ اسان پنهنجي ملڪ جو 61 هون جشن آزادي ته ڏاڍي سٺي نموني ملهايو آهي پر ان سوال جو جواب اڃا تائين چٽو نه ٿي سگهيو آهي ته "ڇا واقعي اسين آزاد ٿيا آهيون!؟" اسان جا ادارا پنهنجو ڪردار صحيح نموني ادا ڪري رهيا آهن؟ اسين هڪ بهتر ۽ عوام دوست نظام جوڙڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهيا آهيون؟ هي اهي ئي سوال آهن جن جو جواب "ها" هجڻ جي صورت ۾ اسين ڳاٽ اوچو ڪري چئي سگهون ٿا ته "اسين واقعي آزاد ٿي چڪا آهيون." پر افسوس اهو آهي ته انهن سوالن جو جواب "ها" ۾ ڪونهي.

اسان جو ملڪ ۽ ملڪ جا مسڪين ماڻهو لاتعداد مسئلن، مونجهارن ۽ بحرانن جي ورچڙهيل آهن. هر طرف رڳو دانهون ۽ رڙيون آهن. مهانگائي اسان جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، ماڻهن جي مک تان مرڪ غائب ٿي چڪي آهي. لکين ماڻهو روزانو الائي ڪيترن تڪليفن کي منهن ڏين ٿا. مضبوط عوام دوست نظام نه هجڻ ڪري ئي زندگي جهڙي نعمت زحمت بڻجي ويئي آهي.

 گذريل مهيني بجلي چوري جي حوالي سان مون ڪجهه حقيقتون پڙهندڙ تائين پهچايون هيون. ان کانپوءِ سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن مان ڪيترن ئي ماڻهن پاران تمام گهڻو فيڊ بئڪ مليو. ڪافي جاين تان بجلي وارن جي آزار جا نوان نوان داستان به سامهون آيا. سڄو ملڪ اوندهه ۾ ٻڏل آهي. 6 کان 10 ڪلاڪ روزانو بجلي جي لوڊشيڊنگ وارو سلسلو جاري آهي. سخت گرمي ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ ماڻهن کي رت جا ڳوڙها ڳاڙڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. خبر ناهي ته اهو سلسلو ڪيستائين هلندو ۽ موجوده حڪومت ان عذاب مان ڇوٽڪاري لاءِ ڇا ڪري رهي آهي پر اها ڄاڻ ضرور آهي ته ان عذاب جو وڏو سبب بجلي سان لاڳاپيل مافيا آهي. تازو سيوهڻ تعلقي مان هڪ جرئتمند سڄاڻ شهري بجلي چوري جي حوالي سان پنهنجي تعلقي جي صورتحال لکي موڪلي آهي جنهن کي مناسب ايڊيٽنگ کانپوءِ پڙهندڙن جي سامهون رکجي ٿو.

سيوهڻ شهر ۾ هاڻي 85 سيڪڙو ماڻهو بجليءَ جي ڪچن ۽ غير قانوني ڪنيڪشن وسيلي گذارو ڪري رهيا آهن اها انهن ويچارن جي مجبوري آهي. بجلي وارن جي آزار ڪري عوام هاڻي بجلي چوري تي مجبور ٿي پيو آهي. هر گهر ۾ ميٽر آهي پر اهو هلي نٿو، بجلي وارن وٽ هڪ اهڙو منتر آهي جو ميٽر کي ڄڻ ايلفي لڳي وئي آهي. هاڻي ڪيترن ئي گهرن جي بجلي، گهرن جي پٺيان کان ايندڙ ڪچي لائين جي ڪرامت سان هلي ٿي.

هڪ صارف نالو نه ٻڌائڻ جي شرط تي ٻڌايو ته، "مون گهر ۾ ميٽر لڳرايو مهيني کانپوءِ 3500 بل آيو، جڏهن ميٽر ريڊر کي چيم ته ان چيو "چريا ٿيا آهيو ڪنهن توهان کي چيو ميٽر هڻايو، هاڻي ڪاٽيو چڪر سيوهڻ واپڊا وارن وٽ ته خبر پوي، توهان کي چيو هئم انچارج سان ڳالهايو هر مهيني 500 ڏئي پاڻ به خوش گذاريو ۽ اسان کي به خوش گذارڻ ڏيو." بوبڪ شهر جي پراڻي رهواسي ٻڌايو ته "اسان تي بوبڪ واپڊا وارن ظلم ڪيو آهي آئون غريب مزدوري ڪري ٻچڙا پاليان پيو هاڻي منهنجي ميٽر تي وڌيڪ يونٽ لکي مون کي ڪچي ڪنيڪشن هڻائڻ لاءِ مجبور ڪيو پيو وڃي." بوبڪ يونين ڪائونسل جي هڪ صارف سيد بچل شاهه ٻڌايو ته "آئون واٽر سپلاءِ اسڪيم ۾ هيلپر آهيان 2000 مهينو پگهار آهي مون ڏي 5000 کان مٿي بل آيو آهي."

بوبڪ جي صورتحال به سيوهڻ کان مختلف ناهي، شهر ۾ 1000 کان مٿي ڪچا ڪنيڪشن آهن هر ڪنيڪشن تي 500 روپيا ورتا وڃن ٿا. هن ننڍڙي يونين ڪائونسل جي ننڍڙي شهر ۾ 100 کان مٿي اي سي هلن ٿا جن تي 2000 کان 3000 خرچي وٺن ٿا. 500 ٽيوب ويل غير قانوني ڪنيڪشن تي هلن ٿا ۽ هلائيندڙ هزارين روپيا واپڊا بوبڪ وارن کي خرچي ڪرائين ٿا.

بوبڪ يونين ڪائونسل جي ٻن مياڻين جنهن ۾ اٽڪل 800 کان 1000 ملاحن جا گهر آهن اتي پنج ميٽر به لڳل ناهن. هر گهر مهينو 500 اتان جي واپڊا انچارج کي ڏئي ٿو. ان کان علاوه ورند خان پنهيار جي ڳوٺ ۾ به ساڳي حالت آهي. بوبڪ يونين ڪائونسل ۾ ايشيا جي وڏي ۾ وڏي مٺي ڍنڍ منڇر آهي جنهن ۾ مهاڻن جا ڪيترائي خاندان پاڻي ۾ رهن ٿا انهن جي گهمڻ ڦرڻ جي بازار منڇر بند آهي ان بند تي دوڪاندارن ۽ هوٽل وارن وٽ رڳو ڪنڍا ڪنيڪشن آهن جيڪي مهينو 1000 روپيا بوبڪ جي واپڊا انچارج کي ڏين ٿا. جنهن ۾ ٽي حصا بوبڪ واپڊا وارا ۽ هڪ حصو سيوهڻ جو ايس ڊي او کڻي ٿو. منڇر بند تي دوڪانداري ڪندڙ استاد ممتاز دايو ٻڌايو ته "سڀني وڏن ماڻهن وٽ اي سي لڳل آهن ۽ اها بجلي غير قانوني ڪنيڪشن ذريعي حاصل ڪئي وڃي ٿي." بوبڪ جي هڪ ٻئي بجلي صارف ٻڌايو ته "منهنجي گهر جو بجلي وارو ميٽر بند ٿي ويو ميٽر ريڊر کان وٺي بوبڪ جي واپڊا انچارج تائين سڀني وٽ ويس پر ڪو به داد فرياد نه ٿيو ۽ بل هر مهيني ايندا ويا اهي هاڻي 5000 روپيا ٿي ويا آهن آئون غريب ڪٿان ڏيندس منهنجي واپڊا وارن کي پٽ آهي، خدا لوڙائيندن."

مياڻي آريسرا ۾ جيڪي به اي سي هلن ٿا اهي به سڀ جو سڀ غير قانوني طريقي سان هلايا وڃن ٿا، جن جو حساب ڪتاب بوبڪ واپڊا وارن کي ملي ٿو. هڪ اندازي مطابق بوبڪ جو واپڊا انچارج مياڻي آريسرا جي 1000 گهرن مان 5 لک، بوبڪ شهر مان،ڏهه لک، بوبڪ يونين جي ٻين ننڍن 20 ڳوٺن مان به لکين روپيا وٺڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو. اندازي موجب تعلقي سيوهڻ جي بلڪل ننڍڙي يونين ڪائونسل مان واپڊا جو لائين مين لکين روپيا ڪرپشن ذريعي ٺاهي ٿو اهو وري سيوهڻ واري لائين سپريٽنڊنٽ کي به حصو پتي پهچائي ٿو.

اندازو ڪريو ته جتي لائين مين به پنجاهه لک مهينو ٺاهي ٿو اتي وڏا بجلي چور ته پنجاهه ڪروڙ جي بجلي چوري ڪرائيندا هوندا. اها رڳو هڪ تعلقي جي صورتحال آهي. هڪ بجلي صارف ۽ هوٽل واري ٻڌايو ته "واپڊا انچارج ڏاڍو تنگ ڪيو آهي هوٽل تي اچي مفت جون بوتلون پئي ٿو. پهرئين مان به قانون تحت هلندو هئس پر آخر تنگ اچي چورن سان رابطو ڪرڻو پيو." ڀان شهر جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي جتي پنج هزار اي سي غير قانوني ڪنيڪشن تي هلن ٿا. اتي بجلي وارا پاڻ ڇا ڪمائيندا هوندا ۽ پنهنجن سيوهڻ وارن ساٿين کي ڇا ڏيندا هوندا، ان جو اوهين پاڻ ئي اندازو ڪريو. جيڪڏهن بوبڪ يوسي جو واپڊا انچارج بوبڪن مان پنجاهه لک ٺاهي ته ڀان ۽ يوسي دل، ٽلٽي، واهڙ مان  به گهٽ ۾ گهٽ 80 لک ٺاهيندو، ڇو ته ڀان واري علائقي ۾  ڪارخانا ۽ زرعي زمين به جام آهي.

حضرت لعل قلندر شهباز جي مزار ڪري سيوهڻ شهر سياحت جو به مرڪز آهي، ان ڪري هتي ڪافي ريسٽ هائوس به آهن. هڪ محتاط اندازي موجب هن شهر ۾ 20 کان 25 هزار ايئرڪنڊيشنز غيرقانوني ڪنيڪشن تحت هلن  ٿا. جنهن جي ماهوار خرچي ٽن کان چار هزار في ڪنيڪشن آهي. معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ جڏهن سيوهڻ وڃڻ ٿيو ته اتي هڪ صارف ٻڌايو ته " سيوهڻ جو واپڊا سپريٽنڊنٽ قلندر سائين جي ميلي ۾ ٽن ڏينهن اندر اٽڪل 60 لک ٺاهيندو آهي جنهن ۾ اڌ جو اڌ واپڊا جو انجنيئر کڻندو آهي. سيوهڻ شهر جي هڪ بجلي صارف ٻڌايو ته "سيوهڻ لائين سپريٽنڊنٽ لکا پتي نه پر ڪروڙ پتي آهي، جيڪو تعلقي جي  يوسي مان ڪروڙ روپيا ٺاهي ٿو." نالي نه ٻڌائڻ جي شرط تي هڪ شهري ٻڌايو ته "تعلقي لائين سپريٽنڊنٽ کي ملندڙ پئسن جا 2 حصا ٿيندا آهن، هڪ سيوهڻ وارا کڻندا آهن ۽ هڪ حصو انجنيئر کي ملندو آهي. سيوهڻ جي لائين سپريٽنڊنٽ جي اڳئين سال ميلي وارن ڏينهن ۾ بدلي ٿي وئي هئي پر هن ڏهه لک ڏئي بدلي روڪرائي." هڪ معذور شخص ٻڌايو ته "بجلي وارا مون مسڪين کي ڏاڍو تنگ ڪن ٿا، گهر ۾ ٽي وي به ناهي صرف هڪ پکو آهي ۽ هڪ مهيني جو بل آيو آهي 1800 هاڻي توهان ٻڌايو ته آئون ڇا ڪيان؟" تازو ڪجهه مهينن اندر بوبڪ شهر جي وچ ۾ موبائيل ڪمپنين پنهنجا ٽاور هنيا آهن جن کي بجلي ڪنيڪشن قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ کانسواءِ لکين روپيا رشوت وٺي ڏنا ويا آهن، جڏهن ته انهن کي بجلي ڪنيڪشن ڏيڻ لاءِ اليڪٽرڪ انسپيڪٽر ۽ لوڪل گورنمينٽ کان اين او سي وٺڻ ضروري آهي پر رشوت عيوض قاعدن ۽ قانونن جي لتاڙ ڪئي وئي آهي." سوال اهو آهي ته آخر واپڊا ۾ موجود ڪارين رڍن جو احتساب ڪير ڪندو؟

واپڊا جي ملازمن جي گهر ۾ پنج پنج اي سي هلن ٿا. ڪيترائي ماڻهو روئي ٻڌائين ٿا ته "بجلي وارن اسان سان ظلمن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، واپڊا وارن جي ملي ڀڳت سان هر ضلعي مان هر مهيني ڪروڙين روپين جي بجلي چوري ٿي رهي آهي هاڻي ٻڌايو ته بجلي جو بحران ڪيئن ختم ٿيندو؟ اهو سوال حڪمرانن لاءِ به آهي!؟

ڪالم ۾ هن قسم جي مسئلن وارا خط شامل ڪرڻ جو مقصد نيڪ نيتي جي بنياد تي رڳو پڙهندڙن  تائين ئي نه پر اختيارين تائين به صورتحال کي پهچائڻ جي ڪوشش آهي. ضروري ناهي ته بيان ڪيل سموريون ڳالهيون سؤ سيڪڙو سچ هجن پر ڄاڻايل انگن اکرن جي صداقت جي صحيح ڄاڻ تڏهن ئي حاصل ٿيندي جڏهن لاڳاپيل کاتي جون اعليٰ اختياريون معاملي جي ڇنڊڇاڻ ڪنديون.

murtazasiyal@yahoo.com