|
پرويز مشرف کي ڪير بچائي سگهندو؟ يوسف خان ڇا ڏکائين ۾ ڦاٿل صدر پرويز مشرف کي روحاني طاقت سان بچائي سگهجي ٿو؟ سنڌ ۾ اهو سوال اڄڪلهه عام آهي. ان جي ڪري جو سنڌ جي سياسي ۽ روحاني اڳواڻن پير پاڳاري، مخدوم امين فهيم ۽ الطاف حسين صدر جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي ۽ مواخذي جي مخالفت ڪئي آهي. ان جا امڪان تمام گهٽ آهن ته صدر کي خود ان جي ٺاهيل ڌٻڻ مان ڪڍي سگهجي. اهو طئي آهي ته پرويز مشرف پنهنجي سياسي قبر پاڻ کوٽي آهي، سياسي گورک عرصي کان ان لمحي جا منتظر هئا جيڪو هاڻي پرويز مشرف کين پاڻ فراهم ڪيو آهي. هن پنهنجي مخالفن کي چئلينج ڪيو ته هن جو مواخذو ڪن هو ان جو مقابلو ڪندو. صدر پرويز مشرف ۽ ان جي ويجهن ساٿين کي اهو وهم هو ته نواز شريف جو سمورو زور عدليه جي بحالي تي آهي ان صورتحال ۾ صدر جو مواخذو بيڪ گرائونڊ ۾ هليو ويندو، پر ائين نه ٿيو. مخدوم امين فهيم صدر جي حمايت ته ناهي ڪئي پر صدر جي مواخذي جي کليل مخالفت ڪئي آهي. هن جو چوڻ آهي ته ”پرويز مشرف جو هڪ ڀيرو نه ڏهه ڀيرا مواخذو ڪريو پر هي وقت مناسب ناهي“ امين فهيم خدشو ظاهر ڪيو آهي ته معاملو اڳتي وڌيو ته سمورو سسٽم تباهه ٿي سگهي ٿو. فوج پنهنجي اڳوڻي سربراهه جي توهين برداشت نه ڪري سگهندي. آصف علي زرداري ۽ نواز شريف جي مهم جي مخالفت ڪندي پنهنجي والد مخدوم امين فهيم سان يڪجهتي جو مظاهرو ڪندي مخدوم جميل الزمان سنڌ ڪابينا مان استعيفا ڏئي ڇڏي. هن تي پ پ طرفان دٻاءُ وڌو پيو وڃي ته هو استعيفيٰ واپس وٺي. مخدوم امين فهيم مخدوم هائوس ۾ پنهنجي ساٿين اسلم پيرزادي ۽ قاضي شهاب جي موجودگي ۾ ڏک ڀرئي لهجي ۾ چيو آهي ته ”مون کي ان ڳالهه جو ڏک ناهي ته مون کي وزيراعظم نه بڻايو ويو، مان چاهيان ها ته ڪيترائي ڀيرا وزيراعظم ٿي پيو سگهان“ مخدوم امين فهيم وزارت عظميٰ جي ڪري محترمه بينظير ڀٽو جو ساٿ ڇڏڻ گوارا نه سمجهيو. 2002ع ۾ اقتدار هن جي سامهون پليٽ ۾ پيل هو پر هو پنهنجي خانداني روايتن جي ابتڙ نه پيو وڃي سگهي. پنهنجي عظيم والد مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي روح کي تڪليف نه پيو پهچائي سگهي، هن پنهنجي ڀٽو خاندان سان پراڻي وابستگي جو خيال رکندي ان تي ڪا مير اچڻ نه ڏني. سنڌ جي ٻي بااثر شخصيت متحده جو قائد الطاف حسين آهي جيڪو سياسي پير سڏيو وڃي ٿو. متحده هن وقت سنڌ حڪومت ۾ شامل آهي. ڊاڪٽر عشرت العباد سنڌ جو گورنر آهي جنهن گورنر جي حيثيت ۾ڊگهي اننگز پوري ڪئي آهي. متحده هر فيصلو سوچي سمجهي ڪندي. ان کي احساس آهي ته نواز شريف ”حق پرستن“ جو روايتي مخالف آهي. آصف علي زرداري جي دوستي سياسي مصلحت تي مبني آهي، خود نائين زيرو جا حامي به اهو مڃين ٿا ته صدر پرويز مشرف ڪراچي ۾ سڀني جو هيرو ناهي. بهرحال صدر جي ڪراچي نواز پاليسي نظرانداز ڪرڻ به زيادتي ٿيندي اهو ان جو ئي نتيجوآ هي جو 11 آگسٽ تي هن جي سالگرهه جي ڏينهن ويهه پنجويهه نوجوان هن جي حمايت ۾ پلي ڪارڊ کڻي ڪراچي پريس ڪلب پهچي ويا جيڪي ”قدم وڌاءِ پرويز مشرف اسين توسان گڏ آهيون“ جا نعرا هڻي رهيا هئا. اها الڳ ڳالهه آهي ته نعري جو جواب ڏيڻ وارا ڪير به نه هئا ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ تماشائي هئا. صدر مشرف جي مواخذي واري معاملي ڪراچي جي شهرين کي مونجهاري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. اندرون سنڌ، پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان ۾ هن جي بيحد مخالفت ڏٺي پئي وڃي. ڇا ايم ڪيو ايم صدر مشرف لاءِ آل آئوٽ ٿيڻ پسند ڪندي؟ ڇا نواز ليگ وانگر ايم ڪيوا يم اهو اعلان ڪري سگهي ٿي ته هن کي وزارتن جي پرواهه ناهي هن جو موقف اصولي آهي. اها ڏاڍي مزيدار ڳالهه آهي ته نواز شريف ججن جي بحالي واري اشو تي پنجاب جي وزارتن تان ڪيترائي ڀيرا ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪيو پر پنهنجي واعدي تان ڦري ويو. نائين زيرو لاءِ ان الزام کي رد ڪرڻ ايترو سولو ناهي ته هڪ ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَالحق جي دور ۾ هن اک کولي ۽ ٻئي ڊڪٽيٽر جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ هن کي سگهه ملي. ڇا حق پرست ان الزم کي هميشه لاءِ ڌوئڻ لاءِ تيار ٿيندا؟ سنڌ جي عوم کي ان وقت متحده جي مخالفت جو جواز نظر نه آيو جڏهن هن ڪالاباغ ڊيم خلاف ريلي ۾ جسقم جو ساٿ ڏنو. الطاف حسين اعلان ڪيو هو ته اسان جون دليون دادو سان گڏ ڌڙڪن ٿيون. پوءِ اهو وقت به آيو جڏهن بشير قريشي فاروق ستار جو منتظر رهندو هو. ايم ڪيو ا يم اڪبر بگٽي جي قتل جي مذمت ڪئي. شازيه خالد جي بي حرمتي جي واقعي تي مسلم ليگ (ق) جي حڪومت مان ڌار ٿيڻ جي ڌمڪي ڏني. پر ان ڌمڪي تي ڪڏهن به عمل نه ڪيو ويو جنهن تي سنڌي ۽ بلوچ قومپرست اڄ تائين عزيز آباد کان ناراض آهن. سنڌ ۾ ناراضگي ۽ اشتعال جو لاوو 27 ڊسمبر کان 31 ڊسمبر 2007 تائين ڦاٽي پيو جڏهن روالپنڊي ۾ سنڌي راڻي بينظيرڀٽو جي قتل خلاف سنڌ احتجاج جي لپيٽ ۾ اچي وئي. هاڻي جهڙي طرح پرويز مشرف کي ان وقت ۾ ملوث ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ان سان صورتحال تبديل ٿي سگهي ٿي. سنڌ جي عوام وٽ فوجي ڊڪٽيٽرن جون ڏاڍيون تلخ يادون آهن جنرل ضياءَ الحق جي دور ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي ڏني وئي جنرل پرويز مشرف جي اقتداري دور ۾ محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو. سنڌ ٻنهي سانحن کي ائين سولائي سان وساري نه ٿي سگهي. ان صورتحال ۾ صدر مشرف جا ايوان صدر ۾ ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن ۽ هو انهن حالتن جو شڪار آهي جيڪي هن جون پنهنجون پيدا ڪيل آهن. ان راءِ سان اختلاف نه ٿو ڪري سگهجي ته هن جو صدارتي موت 27 ڊسمبر 2007ع جي شام جو ئي ٿي چڪو هو. هن جي اقتدار جو سج محترمه بينظير ڀٽو جي تدفين سان گڏ ئي لهي چڪو هو. صدر مشرف چيو آهي ته مان وڙهندس، مان فائيٽر آهيان، فائيٽ ڪندس. هن جي پيرن مان زمين نڪري چڪي آهي صدرپرويز مشر ف لاءِ هي وڏي آزمائش جو وقت آهي جن سياستدانن کي هن قومي مفاهمت تحت ملڪ اچڻ جو موقعو ڏنو آهي اهي اڄ سندس لاءِ پريشاني جو سبب آهن. نواز شريف لاءِ هر صورتحال فائديمند آهي واپار مان سياست ۾ ايندڙ نفعي نقصان جو سولائي سان اندازو ڪري وٺندا آهن. صدر مشرف لاءِ هي ڏاڍو ڏکيو وقت آهي. سندس هٿ ٻڌل آهن هو ديوار سان لڳل محسوس ٿي رهيو آهي قتل ۽ ڪرپشن جي الزامن کي منهن ڏيڻ بجاءِ هن کي محفوظ رستي کي ترجيح ڏيڻ گهرجي. آصف علي زرداري اها سهولت واپس وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي مخالف چئي رهيا آهن ته صدر پرويز مشرف کي پنهنجي ڪيئي جي سزا لوڙڻي پوندي. سياسي ۽ غير سياسي مخالف به پرويز مشرف جو احتساب چاهين ٿا. ان مهم ۾ هاڻي القاعده به شامل ٿي وئي آهي. صدر پرويز مشر ف لاءِ هاڻي واپسي جو رستو بند ٿي ويو آهي. آمريڪا کيس گهڻو پري وٺي ويو. آمريڪا جي جنگ ۽ خود پنهنجي اقتدار جي جنگ ۾ پرويز مشرف گهڻو اڳتي نڪري ويو هو. آمريڪا مشرف کانپوءِ واري دور جي ڪافي عرصي کان پلاننگ ڪري رهيو آهي واشنگٽن لاءِ نئين صورتحال کي منهن ڏيڻ ڏکيو نه هوندو، هاڻي آزمائش ٿيندي آصف زرداري ۽ نواز شريف جي. |