Civilization) The ASI (Archaeological Survey of India) headed by the British had evidently Interests which were beyond the principles of Archaelogy or history and hence, the person headed manipulated and even suppressed the reports prepared by Indian Office R.D Banerfi, the superintendent of ASI, who worked with John Marshal had to such experience”.

مٿين رپورٽ مان اهو ظاهر آهي ته ڪنهن وڏي انگريز آفيسر نه پئي چاهيو ته اها رپورٽ ڇپجي ۽ اهو مان ۽ مرتبو هڪ مقامي ماڻهوءَ کي ملي، جنهنڪري سندس موڪليل رپورٽون نه مان لهڻي نه سگهيون پر مورڳو گم ڪيون ويون، جنهن ڪري رکل داس بينرجي ضرور چڙيو هوندو. ڇو ته کيس نظر آيو پئي ته سندس ٻن ٽن سالن جي ڪمائي ڪٽ ٿي رهي آ- ۽ انگريز فيل مست هو. مٿس ڪي الزام مڙهيا ويا هوندا، ساڳي رپورٽ ۾ اڳتي به ڪي اشارا ملن ٿا.

.When John Marshal wrote on the monument of India in Cambrige History of India (1922), considering the cyclopean walls of Rajgriha to the ancient moist remain of India, expressed his ignorance about the great monuments of Mohan Jo Daro underheath the stupa site”.

1922ع تائين چئن موسمن ۾ موهين جي گهڻي کوٽائي ٿي چڪي هئي، جنهن جو حال احوال ۽ لکت ۾ رپورٽون جان مارشل کي پهتيون هيون، پوءِ به هن هيڏي وڏي تهذيب جو ڪٿي حوالي نه ڏنو، جو ان ۾ هڪ مقامي بنگاليءَ جي ناماچاري ٿئي ها. ان ڪري رکل داس بينرجي باهه مان نوڪري ڇڏي هليو ويو. پوءِ وڃي هندو يونيورسٽي بنارس جو پروفيسر ٿيو. اتي ئي موهين جي دڙي تي هڪ آرٽيڪل ’موهن جو دڙو‘ نالي بنگالي ٻوليءَ ۾ لکيائين، جيڪو باسومتي نالي هڪ رسالي ۾ 1925ع ڌاري ڇپيو. پاڻ 30 مئي 1930ع تي وفات ڪري ويو.

1926ع تي پاڻ موهين جي دڙي تي مڪمل رپورٽ، فوٽوگرافي ۽ نقشا جمع ڪرايا هئائين، جيڪي لڪايا ويا هئا. چار سال اها رپورٽ گم رهي، پر پوءِ 31 جنوري 1930ع تي بنا ڪنهن دستخط يا پڙتالي خط جي اها رپورٽ ظاهر ٿي، ڇو ته جان مارشل جي جاءِ تي نئون ڊائريڪٽر جنرل اچي چڪو هو. اها رپورٽ پوءِ دير سان 1994ع ۾ شايع ٿي. بهرحال مڙس انگريز بهادر سان جهيڙيو گهڻوئي. نيٺ نوڪري تان هٿ ڌوئڻا پيس. پر پنهنجي ڳالهه تي اٽل رهيو، شايد بنگالي انهيءَ معاملي ۾ ڏاڍا ضديرا آهن. پنهنجي موقف کي چٽو رکڻ ۽ مڃائن لاءِ سر جي بازي لائي ڏيندا آهن، جنهن جو تازو مثال مجيب الرحمان ۽ بنگلاديش آهي. اسان کيس سلام پيش ڪيون ٿا. سلام رکل داس بينرجي.

ٻي شخصيت هئي نيني گوپال مجمدار، جيڪو رکل داس بينرجي کان پوءِ سال 1927ع ۾ ساڳي عهدي تي اچي ويٺو، جنهن تي اڳ ۾ رکل داس بينرجي  ويٺل هو. انهيءَ دوران موهين جي تهذيب بابت گهڻائي ڪتاب ۽ آرٽيڪل ڇپجي چڪا هئا. تهذيب جا نقش چٽا ٿي چڪا هئا. دنيا ڄاڻي ورتو هو. پر ڪم سڀ ٻاهرين ماڻهن جو هو، جيڪو انگريزيءَ ۾ ڇپيو هو. دهلي دور هئي. ڪلڪتو پري هيو. ان لاءِ موهين بابت هتان جي ماڻهن کي پوري سڻو پرائي ڪا نه هئي. پاڻ جان مارشل، ديارام ساهني، اي. جي، ايڇ مئڪي سان موهين جي دڙي ۽ ٻين هنڌن وارين کوٽاين ۾ ٻانهن ٻيلي ٿي رهيو هو. پاڻ پنهنجي ڪتاب ’Exploration in Sindh‘ ۾ لکي ٿو ته: ”مون لاءِ خوشقسمتي جي ڳالهه اها هئي ته 1925ع ۾ مون کي موهين جي کوجنا، وقت، سرجان مارشل، راءِ بهادر ديارام ساهني ۽ ڊاڪٽر اي. جي. ايڇ مئڪي سان گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو هو ۽ مون سنڌو تهذيب جي پراڻين شين کي سڃاڻڻ جو چڱو تجربو حاصل ڪري ورتو هو. 1927ع جي سياري جي مند ۾ سر جان مارشل طرفان مون کي منهنجي خواهش موجب ڪم ڏنو، جنهن ڪري مون کي لاڙڪاڻي ڀرسان جهڪر جي ماڳن تي وچولي قسم جي کوٽائي ۽ کوجنا ڪرڻ جو سونهري موقعو مليو.

اين. جي مجمدار جو جنم 1897ع ۾ ٿيو. هن ڪلڪتي يونيورسٽيءَ مان تعليم حاصل ڪئي 1920ع ۾ اتي ئي استاد مقرر ٿيو. 1924ع ۾ راجشاهي عجائب گهر جو ڪيوريٽر مقرر ڪيو ويو. 1927ع ۾ آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا ۾ سپرنٽينڊنٽ مقرر ٿيو. هي جان مارشل جو اعتماد وارو ماڻهو هو، کيس جهڪر جي کوٽائي سان گڏ موهين جي دڙي جي چارج ڏني وئي، جنهنڪري هو ٻنهي پاسي ڌيان ڏئي نه سگهيو. 1928ع ڌاري جان مارشل ۽ مسٽر هارگريوس ڏکڻ سنڌ ۽ سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي جي پڙتال ڪرڻ جو ڪم مجمدار جي حوالي ڪيو. پاڻ آڪٽوبر 1929ع ۾ ڪراچي پهتو، کيس رکل داس بينرجي جو تجربو آڏو هو، جنهنڪري هن موهين جي دڙي ڏانهن ڪو نه ڏٺو ۽ سڌو اچي جهڪر جي دڙي تي بيٺو ۽ اتان پنهنجي ڪم جي شروعات ڪئي. هن سنڌو تهذيب جي هيٺين ماڳن کي ڳولي لڌو ۽ ڪن جي کوٽائي ڪري نتيجا به ڏنا آهن.

اوائلي سنڌو تهذيب جا ماڳ:  (1) احمد شاهه (ٿاڻو بولا خان)، (2) آمري (ڪوٽڙي)، (3) عارب جو ٿاڻو (ٿاڻو بولا خان)، (4) ٻنڌڻي (منڇر ڍنڍ جي ڏکڻ ۾)، (5) چورلو (منڇر ڍنڍ جي ڏکڻ ۾)، (6) دمب بٺي (منڇر جي ڏکڻ ۾)، (7) ڇٽي جي ڪنڊ (منڇر جي ڏکڻ ۾)، (8) گاجي شاهه (جوهي/ منڇر جي اتر ۾)، (9) گورانڊي (جوهي/ گاجي شاهه جي ڏکڻ ۾)، (10) گورانڊي (ب) (جوهي/ گاجي شاهه جي ڏکڻ ۾)، (11) کجور لانڍي (ٿاڻو بولا خان)، (12) ڪوهتراش (ٿاڻو بولا خان)، (13) لوهري (جوهي- منڇر جي ڪنڌيءَ تي)، (14) لنڊي بٺي (نيئنگ کان ڏيڍ ميل ڏکڻ، تعلقو سيوهڻ)، (15) پاندي واهي بٺي (ناڙي نئن- جوهي)، (16) پانڌي واهي (منڇر جي اتر ۾- جوهي)، (17) پوکراڻ (ڪرچات- تعلقو ٿاڻو بولا خان)، (18) راڄو ديرو (جوهي).

سنڌوءَ جي اوج وارا ماڳ: (1) آڏت جو دڙو (ڏوڪري)، (2) علي مراد (منڇر جي اتر ۾)، (3) دمب بٺي (منڇر جي ڏکڻ ۾- هتي اوائلي اوج واري زماني جا ٻئي تهه ملن ٿا)، (4) ڏيسوئي (ٿاڻو بولا خان)، (5) آملاڻو (نئن مول ۽ نئن ملير جي سنگم تي)، (6) ڏلهه بٺي (منڇر جي ڏکڻ ۾)، (7) لاکيو پير (منڇر ڍنڍ)، (8) لوهم جو دڙو (پيارو ڳوٺ -دادو)، (9) عثمان جي بٺي (جوهي)، (10) اورنگي (ڪراچي)، (11) شاهه جو ڪوٽيڙ (جوهي)، (12) ٽنڊو رحيم خان (جوهي). 

سنڌو تهذيب کان پوءِ جا ماڳ: (1) چانهون جو دڙو (سڪرنڊ- نوابشاهه)، (2) جهڪر (لاڙڪاڻو).

مٿي ڄاڻايل ماڳ صرف سنڌو تهذيب واري دور جا يعني موهين جي دڙي جا سهيوڳي آهن. ڪي ته ان کان به پراڻا آهن. جيئن آمري، گاجي شاهه، دمب بٺي وغيره. رڳو اهو نه پر ٻيا به تاريخي دور جا يا وچ تاريخي دور جا دڙا، ڀڙا، گبربند، قبرستان هن ڳولي انهن جو احوال لکيو. هن 1928ع کان 1938ع تائين ساندهه 10 سال جابلو علائقن، منڇر جي ڪنڌين، ڪنارن ۽ ميدانن تي ڪم ڪندو ڪيو. ڪجهه عرصي لاءِ (1931ع) کيس بنگال بدلي ڪيو ويو هو پر اتي به سنڌ جي ياد کيس ستائيندي رهي ۽ موٽي آيو ۽ اچي ڪم کي لڳو. 27 آڪٽوبر 1938ع کان وري هي جوهي جي جابلو پڊن جي خاڪ ۽ واري ڇاڻڻ لڳو. ساڻس هميشه ماڳن تان مليل وٿن جون ڀريل ٻوريون گڏ هونديون هيون، جو جيڪو وٿون لڀندو هو انهن کي سموهي سهيڙي نمبر ڏئي انهن جون خاصيتون لکي دادو جي ڪليڪٽر وٽ جمع ڪرائيندو هو ته جيئن اهي مرڪزي آرڪيالاجي کاتي وٽ پهچن. 11 نومبر 1938ع تي ڪم ڪري اچي پنهنجي خيمي ۾ ويٺو ته پٽ گل محمد کان ڌاڙو هڻي موٽندڙ ڌاڙيلن ٻورين کي سون جون ٻوريون سمجهي کيس شهيد ڪري وڌو. جڏهن سوڀو گيانچنداڻي رابندرناٿ ٽئگور سان مليو هو ته ان کيس ميار ڏني هئي ته او بيقدرا قدر نه ڪيڙو ڪو...

جوهي تعلقي ۾ نئن گاج ڀرسان قتل ٿيڻ وقت هڪ ماڳ روهيل جي ڪنڀ وٽ سندس خيمو لڳل هو. ڌاڙيلن جا نالا اسان کي حڪيم محمد حسن لغاري قصبي واري )عمر اٽڪل 100 سال) ٻڌايا هئا، پر اسان وساري ڇڏيا. ڌاڙيلن جا نالا ياد ڪرڻ مان فائدو ئي ڪهڙو؟ اسان ته مري ويل جي ياد ۾ ڪو ٿنڀ ٿوڻي به نه هنئي آ- ته ڌاڙيلن کي ڪهڙيون ڦاهيون ڏيارينداسين. ڪاش دادو-جوهي واري ٺهندڙ دروازي جو نالو مجمدار گيٽ رکيو وڃي.

جيئن رکل داس بينرجي موهين جي دڙي جي تهذيب کي دنيا سان روشناس ڪرائي اسان کان سلام لهڻو، تيئن نيني گوپال مجمدار به سنڌو تهذيب جا 32 ماڳ ڳولي اسان تي وڏو وڙ ڪيو. آخر ۾ هن مٽيءَ تي پنهنجي خون جا نشان ڇڏي اسان کي سدائين بنگالين آڏو شرمندو ٿيڻ لاءِ ڇڏي ويو- سلام مجمدار سلام...