نگر پٿرن جو هي آهي

                                                                 خليل عارف سومرو


چوي ٿي دل ته مون کي هو، چمين جي شهر ۾ آڻي

وڌائي زندگي منهنجي، خوشين جي شهر ۾ آڻي

 

پرين جي پيار جو پاڻي، پيارڻ ٿو گهري مون کي

دريائن، آبشارن ۽ ندين جي شهر ۾ آڻي

 

الائي امن ٿيڻو آ، الائي موت ملڻو آ

سدائين خواب مون کي ٿو، پکين جي شهر ۾ آڻي

 

هيو نوٽيس ڪورٽ جو ’ڪکاوان گهر ڪيو خالي‘

ڇڏيو تنهن زلزلو هوڪو، جهڳين جي شهر ۾ آڻي

 

نگر پٿرن جو هي آهي ٿيان ٿو روز مان زخمي

هوا کي چئو کڻي مون کي، دلين جي شهر ۾ آڻي

 

زماني کان نه رهندو خوف خطرو، ڪوبه عارف

رڳو هڪڙو دفعو پنهنجي، اکين جي شهر ۾ آڻي