توکي ڳولهڻ نڪتو آهيان

                                                                       ذوالفقار سيال


مان ته هوا جي جهوٽي وانگر،

تنهنجي شهر جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾

توکي ڳولهڻ نڪتو آهيان

 

ڄڻ ڪنهن ڪاغذ جي ٽڪري جان

واچوئڙن ۾ وکريو آهيان

يا ته هوا جي آوازن ۾

کنڊر بڻجي اجڙيو آهيان

پاڻ کي رولڻ نڪتو آهيان

توکي ڳولهڻ نڪتو آهيان

 

مان ڪنهن مندر جي در وارو

گهنڊ وڏو ڪو بڻجي ويو هان

آس رکي ڪو ڇُهي جنهن کي

پيار جو نغمو ٿي ويو آهيان

جذبا ڇولڻ نڪتو آهيان

توکي ڳولهڻ نڪتو آهيان

 

سمنڊ ڪناري سپون بڻجي

موتي من ۾ سانڍيا هن مون

لهر جڏهن ڪا ويجهو آئي

واريءَ گهرڙا ڊاهيا هن مون

جيءَ کي جهورڻ نڪتو آهيان

توکي ڳولهڻ نڪتو آهيان