|
سلام رکل داس بينرجي– سلام مجمدار محمد عثمان ميمڻ زنده قومون پنهنجي محسنن جو قدر ڪنديون آهن. جي نه ته اوڪڙو ويهي ويهي انتظار ڪندي مري وينديون يا اندران اندران سون تي سيڻ مٽائي بدلجي هن ڌرتي جي گولي تان غائب ٿي وينديون آهن. ضروري آهي ته جتي شاهه عبداللطيف ڀٽائي ياد ڪجي ٿو اتي سورلي ۽ گربخشاڻي کي ياد نه ڪرڻ پاڻ سان زيادتي ٿيندي. جتي ٻولي جي ڳالهه نڪرندي اتي منگهارام ملڪاڻي، محمد ابراهيم جويو، سراج الحق ميمڻ، ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کي ياد نه ڪبو ته اها ان ٻوليءَ سان زيادتي ٿيندي، جنهن کي ’امڙ‘ ڪري سڏيون ٿا، جتي شاعري جي ڳالهه ڪبي اتي شاهه لطيف، قاضي قادن، عبدالڪريم بلڙي وارو، اياز، استاد، شيام ۽ امداد کي ياد نه ڪبو شاعريءَ جا مياري ٿي پونداسين. جڏهن انڊس / سنڌو تهذيب جي ڳالهه ڪبي ته سر جان مارشل، رکل داس بينرجي، ڊڪشٽ، ڪزنس ۽ اين جي مجمدار جي ڳالهه نه ڪئي سون ته پوءِ سنڌو تهذيب جا ڄاوا ئي ڪو نه آهيون. اهي پنج ئي ماڻهو ڌريان ڌاريا هئا. نه هتي ڄاوا نه نپنا پر جڏهن هتي آيا ته هتان جي مٽيءَ جي واس ۾ اهڙا ته وٺجي ويا جو جيڪڏهن سنڌو تهذيب نه هجي هان ته جيڪر سندن نانءُ نشان به شايد ڪو نه هجي هان. جي انهن پنجن جو سنڌو تهذيب کي اجارڻ ۽ سنوارڻ ۾ هٿ هو ته سندس شخصيت نکارڻ ۾ سنڌوءَ جو وڏو هٿ آهي نه ته ڄڻ ته ڄاوا نه ها جڳ ۾ آيا نه هئا. سو منهنجا سائين هو اسان تي احسان ڪري پنهنجو وارو وڄائي ويا. اسان سندن ٿورا لاهي ته ڪو نه سگهنداسون پر ڳائي سگهون ٿا. خاص ٿورا آهن ٻن بنگالين جا، هڪڙو رکل داس بينرجي ۽ ٻيو هو ناني گوپال مجمدار. ٻنهي اسان تي جيڪي وڙ ڪيا آهن، اسان کي کوٽي، کَرڙي، دنيا آڏو اهڙو بيهاريو آهي جو اسان چئي سگهون ٿا ته اسان هڪ اهڙي عظيم تهذيب جا وارث آهيون جيڪا اڄ کان 5 هزار سال اڳ بابل، نينوا ۽ ڪش سان ڪلهوڪلهي ۾ ملايون بيٺي هئي. اڃا به ٻه رتيون ڪسر باقي گهٽ نه! جڏهن انگريز سرڪار 1886ع ۾ ڪراچيءَ بندر کي پنجاب سان ڳنڍڻ لاءِ ريل پئي وڇائي. ته کين منٽگمري ضلعي ۾ برهمڻ آباد نالي شهر جا کنڊر مليا (جنهن جي ڀر ۾ هڙاپا جو مشهور ماڳ کوٽيو ويو)، جنهن جو مٿاڇرو پڪين سرن سان ڳاڙهو هو. هنن انهن سرن مان ڪجهه سرون استعمال ڪيون، پر شايد کين خبر هئي ته هو هڪ قوم سان ناحق ڪري رهيا آهن جو سندن تهذيب کي ڪُٽي ڪُڪرو ڪري استعمال پيا ڪن. معنيٰ ته ڌارين جي اک ۾ به ڪا حيا شرم رتي هئي. رکل داس بينرجي جي باري ۾ گهڻا صاحب ڄاڻندا هوندا. پر پوءِ به هتي سندس خاڪو ڏيان ٿو جيئن ان محسن بابت ڪي ٻه چار اکر سنڌي اتهاس ۾ رهجي وڃن. نه ته اڄڪلهه انٽرنيٽ تان سڀ ڪجهه مليو وڃي، نه ٿا ملن ته اين. جي. مجمدار ۽ حاڪم علي شاهه بخاري. ڪير ڪم ڪري، ڪير لکي! خير! رکل داس بينرجي 12 اپريل 1885ع ۾ برهمپور ضلعي مرشدآباد ۾ ڄائو. سندس پيءُ جو نالو ماتي لال ۽ ماءُ جو نالو ڪالي ماتا هو. هن تاريخ جي مضمون ۾ گريجوئيشن پريزيڊنسي ڪاليج مان سال 1907ع ۾، ايم. اي ڪلڪتي يونيورسٽي مان ساڳي تاريخ جي مضمون ۾ ڪئي. هن پنهنجي عملي زندگيءَ جو آغاز 1910ع ۾ ڪلڪتي جي ميوزيم ۾ اسسٽنٽ جي حيثيت سان ڪيو. اتي هن آرڪيالاجي جو شعبو سنڀاليو ۽ 1911ع ۾ کيس اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا مقرر ڪيو ويو ۽ اتي ئي 1917ع ۾ کيس پروموشن ڏئي سپرنٽينڊنٽ مقرر ڪيو ويو ۽ 1926ع ۾ کيس جبري رٽاير ڪيو ويو. هن جي آرڪيالاجي کاتي ۾ نوڪري 16 سال رهي. انهيءَ عرصي دوران هن گهڻائي ڪتاب لکيا، پر هن جو اهم ڪم موهين جي دڙي جي ڳولا هئي. رکل داس بينرجي 1920ع ڌاري سنڌ آيو، جو کيس ٻڌ جي ٺلهن ۽ سڪندر اعظم جي فتح مينارن جي ڳولا هئي. هن کي ٻڌايو ويو ته ڏوڪري جي ڀرسان به هڪ ٺلهه آهي، هي صاحب اتي پهتو، رڻ ۾ هيڏو سارو ٺلهه بيٺل ڏسي ڪجهه حيران ٿيو ۽ اهڙي رپورٽ جان مارشل کي ڏنائين، جيڪو ان وقت هندوستان جي آرڪيالاجي کاتي جو سربراهه هو. تڏهن رکلداس بينرجي هندوستان جي آرڪيالاجي کاتي ۾ ويسٽرن سرڪل جو سپرنٽينڊنٽ هو (اهو ئي ٺلهه اڳتي هلي موهين جي دڙي سان دنيا ۾ مشهور ٿيو). هن ٻڌ جي انهيءَ وهاري جي چوڌاري کوٽائي شروع ڪئي. اتان جيڪي وٿون نڪتيون انهن کيس ياد ڏياريو ته اهڙيون وٿون هڙاپا مان به مليون آهن، جنهن جي کوٽائي راءِ بهادر ديارام ساهني ڪري رهيو هو. پوءِ هن دڙي جي ڪافي حصن جي پڙتال ڪئي. هن 1922ع کان موهين جي کوٽائي شروع ڪئي، جيڪا سندس جبري رٽائرمينٽ تائين جاري رهي. هي پهريون ماڻهو هو جنهن دنيا جي آڏو موهين جهڙي بي مثال تهذيب کي دنيا جي آڏو آندو ۽ ٻڌايو ته هي ماڻهو اڄ کان 5000 ورهيه اڳ صاف سٿرن شهرن ۾ پڪيون جايون جوڙائي رهندا هئا. عام راءِ اها آهي ته هن دڙي کي جان مارشل ڳوليو ۽ کوٽيو، ان تاريخي ڀُل کي کي درست ڪرڻ گهرجي. ڇو ته جان مارشل ڊائريڪٽر جنرل هو، ان کي مواد هيٺين آفيسرن کان ملندو هو. پاڻ موهين جي دڙي تي ڏسڻ ضرور آيو هو پر لاڙڪاڻي جي گرميءَ ۾ هڪ ڏينهن به بيهي کوٽائي ڪا نه ڪرائي هئي. اهو اڄ به ٿئي ٿو ته وڏا صاحب ننڍن صاحبن جي تحقيق تي ٽوپي نراڙ تي رکي هلن ٿا، خاص طور تي آرڪيالاجيءَ ۾ ته اها پريڪٽس عام رهي آهي. شايد ئي ڪو سيبتو رڪارڊ آرڪيالاجي جي مرڪزي آفيس مان ملي، ڇو ته جيڪا سروي يا کوٽائي ٿيندي هئي ان جي مڪمل رپورٽ ڊائريڪٽر جنرل کي ڏيڻي هوندي آهي ۽ بدلي ٿيڻ وقت صاحب سموو مال مسالو پاڻ سان گهر کڻي ويندو آهي. آفيس جي ڪٻٽ ۾ ان جو نانءُ نشان به نه هوندو. جيئن ڏکڻ سنڌ جي مڪمل سروي ڪرائي وئي، ان سروي جي رپورٽ صرف نالن جي صورت ۾ پاڪستان آرڪيالاجي جي ڪنهن پرچي ۾ ملي ٿو. پر مڪمل رپورٽ صاحب پاڻ سان کڻي ويو. اها سروي حاڪم علي شاهه بخاريءَ ڪئي هئي. ائين ڊاڪٽر رفيق مغل جڏهن پاڪستان آرڪيالاجي جو ڊائريڪٽر جنرل ٿيو ته سنڌو تهذيب جي 414 ماڳن تي چولستان ۾ ڪم ٿيو. انهن جا نالا ته ڪٿي نه ڪٿي ڊاڪٽر صاحب اٽڪائي ويو. پر انهن ماڳن جي مڪمل رپورٽ پاڻ سان کڻي ويو. سو رکل داس بينرجي سان به ڪجهه ائين ٿيو، جو سندس سڄو ڪم جان مارشل جي نالي تي چڙهيو. موهين جي دڙي بابت سندس هڪ لکڻي ڪلڪته ميونسپل گزيٽيئر ۾ نومبر 1928ع ۾ ڇپي هئي. سندس جبري رٽائرمينت ۾ وارو معاملو به اڃان تائين ڳجهارت بڻيل آهي. پر گمان آهي ته سندس جان مارشل سان تعلقات خراب ٿي پيا هئا، حالانڪه اهڙي ڪا به باظابطه رپورٽ سامهون ڪا نه آهي، نه ڪو ايندي پر انٽرنيٽ تي پيل هڪ مضمون جو منڍ اجهو هيئن آهي جيڪا رپورٽ رکلداس بينرجي بابت آهي. “ASI Manipulation in publishing report on IVC (Indus Valley |
| آرٽيڪل جو باقي حصو پڙهڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو |