|
عيد تي
رليز ٿيل چارئي پاڪستاني فلمون سپر هٽ ويون
لاهور
(ڪلچرل نيوز) عيدالفطر جي موقعي تي رليز ٿيندڙ چئن
پاڪستاني فلمن کي ماڻهن طرفان سٺي موٽ ملي آهي. انهن
فلمن ۾ هدايتڪار ريما جي فلم "لو مين گم"، هدايتڪار
فيصل بخاري جي فلم "ڀائي لوگ"، هدايتڪار پرويز رانا جي
فلم "شاهه مراد" ۽ هدايتڪار سيد نور جي فلم "جگني"
شامل آهن. انهن سمورين فلمن تي عيد جي ڏهاڙن ۾ فلم
ڏسندڙن جي رش نظر آئي. انهن فلمن ۾ ڪهڙي فلم سڀني کان
مٿي رهي، ان جو فيصلو به ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ٿي ويندو.
هڪ محتاط اندازي موجب پاڪستاني فلمن ٽن ڏينهن ۾ ٽي
ڪروڙ روپين جي آمدني حاصل ڪئي آهي. ريما جي فلم لو مين
گم سڀني کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو. |