|
سلمان خان
جي باڊي گارڊ پهرئين ڏينهن تي 22 ڪروڙ
جو
بزنس ڪري نئون رڪارڊ قائم ڪري ورتو
ممبئي
(ڪلچرل نيوز) بالي ووڊ اداڪار سلمان خان جي فلم "باڊي
گارڊ" فلم "دبنگ" کي به پوئتي ڇڏي وئي آهي. ڀارت ۾
عيدالفطر تي رليز ٿيل سلمان جي فلم "باڊي گارڊ" پهرين
ڏينهن 22 ڪروڙ روپين جو بزنيس ڪري سلمان جي ئي فلم
دبنگ کي پوئتي ڇڏي ڏنو جنهن کان پوءِ سلمان خان ٽن
عيدن تي ٽي فلمون هٽ ڏيڻ جو رڪارڊ قائم ڪري هٽ ٽرڪ
مڪمل ڪري ورتي. فلم ۾ مرڪزي ڪردار سلمان خان ۽ ڪرينه
ڪپور ادا ڪيو آهي. جڏهن ته آئٽم سانگ ڪترينه ڪيف تي
فلمايو ويو آهي، دبنگ فلم ۾ سلمان خان ۽ سوناڪشي سنها
مرڪزي ڪردار ادا ڪيو هو. |